Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




حزقي ايل 27:21 - Muslim Sindhi Bible

21 عرب ۽ قيدار علائقن جا سڀ سردار واپار ۾ تنهنجا ساٿي هئا، ۽ رڍون ۽ ٻڪريون آڻي تو سان واپار ڪندا هئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

21 عرب ۽ قيدار جا سڀ سردار واپار ۾ تنهنجا ساٿي هئا؛ رڍن ۽ گهيٽن ۽ ٻڪرين ۾ هو تنهنجا سوداگر هوندا هئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




حزقي ايل 27:21
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هن جو اولاد سندن ڄم جي لحاظ کان ترتيبوار هي آهي: نبايوت، قيدار، ادبئيل، مبسام،


ٽيڪس انهيءَ کان علاوہ هئا جيڪي سوداگر ۽ واپاري ڏيندا هئس. سمورا عرب بادشاهہ ۽ اسرائيل ملڪ جا حاڪم بہ سون ڏيندا هئا.


اسماعيل جو اولاد هي هئا: نبايوت، جيڪو سندس پهريتو پٽ هو، پوءِ قيدار، ادبئيل، مبسام،


ڪن فلستين يهوسفط کي نذرانا ۽ چاندي ٽيڪس طور آڻي ڏني. عرب جي رهاڪن بہ هن کي ٽيڪس طور ست هزار ست سؤ گھٽا ۽ اوترا ئي ٻڪر ڏنا.


افسوس! آءٌ انهن دغابازن منجھہ اهڙي بدتر زندگي پيو گذاريان، جيئن ڪو مسڪ ۽ قيدار وارن ۾ بدتر پيو گذاري.


تڏهن اوهين ڌڻ جي گھٽن جي اُن مان پنهنجي لاءِ ڪپڙا ٺاهي سگھو ٿا ۽ ٻڪرين مان ڪجھہ وڪڻي ٻني خريد ڪري سگھو ٿا.


اي يروشلم جون عورتون! بيشڪ آءٌ رنگ جي سانوري آهيان پر حسين آهيان. هائو، اهڙي سانوري جهڙا قيدار جا بياباني تنبو، پر اهڙي سهڻي جهڙا سليمان جي محل جا پردا.


هي پيغام عرب جي خيابان بابت آهي. ڏسو، دداني پناهگيرن جو قافلو عرب جي خيابان ۾ تنبو هنيو ويٺو آهي.


پوءِ پروردگار مون کي فرمايو تہ ”ڏس، اڄ کان هڪ سال جي اندر اندر سندن دشمن قيدار جو سمورو شان وَ شوڪت ختم ڪيو ويندو.


اي بيابان ۾ ۽ انهيءَ جي ڳوٺن ۾ رهڻ وارؤ! بلند آواز سان سندس واکاڻ ڪريو. اي قيدار قبيلي وارؤ! اي سلع شهر جا رهاڪؤ! اوهين گيت ڳايو ۽ جبلن جي چوٽين تان خوشيءَ جا نعرا هڻو.


قيدار ۽ نبايوت جون سڀ رڍون ٻڪريون، قربانيءَ لاءِ تو وٽ آڻي گڏ ڪيون وينديون. اهي خداوند جي قربان‌گاهہ تي قبول پونديون. بيشڪ خداوند پنهنجي هيڪل کي وڌيڪ عظمت ۽ شان وَ شوڪت بخشيندو.


اي منهنجي قوم! اولهہ ۾ قبرص جي ٻيٽن تائين پار وڃي ڏس، اوڀر ۾ قيدار تائين ماڻهو موڪلي جاچ ڪري ڏس، تون جتي بہ ويندينءَ ڪٿي بہ ائين نظر نہ ايندءِ جو


عربستان جا سڀ بادشاهہ ۽ بيابان ۾ رهندڙ قبيلن جا سڀ بادشاهہ،


خداوند جو هي پيغام قيدار قبيلي وارن ۽ حصور علائقي جي سردارن بابت آهي، جن کي بابل جي بادشاهہ نبوڪدنضر شڪست ڏني. خداوند نبوڪدنضر کي فرمايو هو تہ ”اُٿ، تون قيدار قبيلي تي چڙهائي ڪر، هائو، اوڀر جي انهن ماڻهن کي ناس ڪر.


جيڪي ڄائي ڄم جا يهودي توڙي اهي غير قوم وارا جيڪي يهودي مذهب ۾ شامل ٿيل آهن ۽ ڪي ڪريتي ۽ عرب آهن. ان جي باوجود اسين انهن کي پنهنجين پنهنجين ٻولين ۾ خدا جي وڏن وڏن ڪمن جو بيان ڪندي ٿا ٻڌون.“


جيئن تہ هاجرہ سينا جبل جي مثل آهي، سو ان جي ڀيٽ هاڻوڪي يروشلم شهر سان ڪري سگھجي ٿي، ڇاڪاڻ تہ اها وسندي پنهنجي ٻارن يعني رهاڪن سميت شريعت جي غلاميءَ ۾ آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ