20 ددان شهر جا ماڻهو گھوڙي جي پٺيءَ تي رکڻ وارا گدا آڻي تنهنجي بازارن ۾ واپار ڪندا هئا.
20 ددان سواريءَ جي قيمتي ڪپڙن وڪڻڻ ۾ تنهنجو سوداگر هوندو هو.
ڪُوش جي پٽن جا نالا هئا: صبا، حويلاہ، سبتہ، رعمہ ۽ سبتيڪ. رعمہ جي پٽن جا نالا هئا: شبا ۽ ددان.
يقشان مان شبا ۽ ددان پيدا ٿيا. ددان جي اولاد مان اشوري، لطوسي ۽ لومي قومون بڻيون.
تنهنڪري آءٌ خداوند خدا ادومين کي بہ سزا ڏيندس ۽ انهن جي ملڪ ۾ رهندڙ هر انسان توڙي حيوان کي ناس ڪري ڇڏيندس. آءٌ تيمان شهر کان وٺي ددان شهر تائين انهيءَ ملڪ کي ويران ڪري ڇڏيندس ۽ ماڻهن کي جنگ ۾ مارائي ڇڏيندس.
روڊس جي ٻيٽ جا ماڻهو بہ تنهنجا واپاري هئا. ان کان علاوہ سامونڊي ڪناري واريون گھڻيون قومون تنهنجي شين جي بدلي ۾ آبنوس جو ڪاٺ ۽ عاج تو وٽ آڻينديون هيون.
اوزال جي مئي جا ڊرم، گھڙيل لوهہ ۽ مصالحا بہ تنهنجي بازارن ۾ آڻيندا هئا.
اي ياجوج! شبا ۽ ددان شهرن جا ماڻهو ۽ اسپين ملڪ جي شهرن جا سوداگر تو کي چوندا تہ ’واہ واہ! تون تہ لٽ جو مال هٿ ڪرڻ آيو آهين. هائو، تو پنهنجا لشڪر گڏ ڪري انهيءَ لاءِ اچي حملو ڪيو آهي تہ انهيءَ ملڪ مان سون چاندي، ڍور ڍڳا، مال ملڪيت ۽ ٻيو گھڻو لٽ جو مال هٿ ڪرين.‘