Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




حزقي ايل 27:16 - Muslim Sindhi Bible

16 تو وٽ دستڪاريءَ جو بہ واپار گھڻو ٿيندو هو. تنهنڪري ادوم وارا تو وٽ زمرد، واڱڻائي ڪپڙو، چڪندوزي ڪم، سنهي وٽيل سڻيءَ جو عمدو ڪپڙو، مرجان ۽ لعل آڻيندا هئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

16 ارامي تنهنجي دستڪاري وٿن جي گهڻائيءَ ڪري تنهنجا سوداگر هئا: هو تنهنجن وٿن لاءِ زمرد، قرمز ۽ چڪندوزي ڪم ۽ عمدو سنهو ڪپڙو ۽ مرجان ۽ لعلون ڏيندا هئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




حزقي ايل 27:16
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

سِم جي پٽن جا نالا هي هئا: عيلام، اشور، ارفڪسد، لود ۽ ارام.


سو اسحاق يعقوب کي فدان‌ارام ۾ رهندڙ لابن ڏانهن روانو ڪيو، جيڪو بيتوايل اراميءَ جو پٽ ۽ يعقوب ۽ عيسوءَ جي ماءُ ربقہ جو ڀاءُ هو.


جڏهن بني عمون ڏٺو تہ دائود سان سندن دشمني ٿي پيئي آهي، تڏهن هنن ماڻهو موڪلي بيت‌رحوب جي ارامين ۽ ضوباہ جي ارامين مان ويهہ هزار پيادن کي، معڪہ جي بادشاهہ کي هڪ هزار سپاهين سميت ۽ طوب جي ٻارهن هزار ماڻهن کي، ڪرائي تي گھرائي ورتو.


جڏهن آءٌ ارام ملڪ جي جسُور شهر ۾ رهندو هئس، تڏهن اوهان جي ٻانهي هڪڙي باس باسي هئي تہ جيڪڏهن خداوند مون کي وري يروشلم ۾ پهچائيندو تہ آءٌ خداوند جي عبادت ڪندس.“


جڏهن دمشق جا ارامي ضوباہ جي بادشاهہ هددعزر جي مدد ڪرڻ آيا، تڏهن دائود انهن مان ٻاويهہ هزار ارامي قتل ڪري ڇڏيا.


مون تو کي سهڻي ڀرت وارا ڪپڙا بہ ڍڪايا ۽ عمدي چمڙي جي جتي بہ پارايم، عمدي سڻيءَ جي ڪپڙي جو پٽو تنهنجي مٿي سان ٻڌم ۽ تو کي قيمتي ڪپڙي جي چادر ڍڪايم.


اهڙيءَ طرح تو کي سون ۽ چانديءَ سان سينگاريم. تو هميشہ عمدي ۽ قيمتي ڪپڙي جي پوشاڪ پاتي، جنهن تي ڀرت جو ڪم ٿيل هو. تو عمدي ميدي واري ماني، ماکي ۽ زيتون جو تيل پئي کاڌو. تون ڄڻ تہ ڪا شهزادي ٿي پئينءَ جيڪا تمام خوبصورت هجي.


تو پنهنجا ڀرت وارا ڪپڙا ڪڍي انهن مورتين کي ڍڪايا ۽ منهنجو ڏنل زيتون جو تيل ۽ لوبان کڻي وڃي انهن اڳيان رکيو.


اهو سڀ ڪجھہ تنهنجي بڇڙائي ظاهر ٿيڻ کان اڳ ٿيو. پر هاڻي تون بہ انهيءَ جهڙي ٿي پيئي آهين. تنهنڪري هاڻي تنهنجيون آس‌پاس واريون سڀ قومون، ادومين ۽ فلستين سميت تو کي ملامت ٿيون ڪن ۽ تو کي ڌڪارين ٿيون.


تون منهنجي باغِ عدن ۾ رهندو هئين. هر قسم جا قيمتي پٿر تنهنجي پوشاڪ جي زينت لاءِ، يعني لعل، پکراج ۽ هيرا، فيروزا، سليماني پٿر ۽ زبرجد، نيلم، زمرد ۽ شب‌چراغ چونڊيا ويا هئا. انهن سڀني کي سون ۾ ٻڙي جيان جڙي ٺاهي تنهنجي پيدائش واري ڏينهن ئي تيار ڪيا ويا هئا.


بني اسرائيل وري بہ اهڙا ڪم ڪرڻ لڳا جيڪي خداوند جي نظر ۾ برا هئا. هو بعل ۽ عستارات معبودن ۽ ارام، صيدا، موآب، بني عمون ۽ فلستين جي معبودن جي پوڄا ڪرڻ لڳا. هنن خداوند کان منهن موڙيو ۽ سندس عبادت ڪرڻ ڇڏي ڏنائون.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ