حزقي ايل 27:12 - Muslim Sindhi Bible12 تون واپار جو هڪڙو وڏو مرڪز هئين، ۽ هر طرح جي مال جي تو وٽ گھڻائي هئي. تنهنڪري ترسيس جا واپاري تنهنجي بازارن ۾ چاندي، لوهہ، قلعي ۽ شيهو آڻي واپار ڪندا هئا. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible12 ترسيس هر قسم جي دولت جي گهڻائيءَ ڪري تنهنجو سوداگر هو؛ ۽ پنهنجن وٿن جي لاءِ هنن چاندي، لوهہ، قلعي ۽ شيهي سان واپار ٿي ڪيو. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
بيشڪ اهي سامونڊي جهاز آهن، جيڪي ڏورانهن ملڪن کان پيا اچن، ۽ تنهنجي رهاڪن کي سندن سون ۽ چانديءَ سميت پنهنجي شهر ڏانهن موٽائي پيا آڻين. انهن ۾ سڀني کان پهريائين ترسيس جا جهاز آهن. انهيءَ مان خداوند، تنهنجي خدا جو نالو روشن ٿئي ٿو. هائو، بني اسرائيل جي پاڪ معبود جي تعظيم ٿئي ٿي، ڇاڪاڻ تہ هن تو يروشلم جو شان وَ شوڪت بحال ڪيو آهي.