Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




حزقي ايل 26:6 - Muslim Sindhi Bible

6 ۽ جيڪي تنهنجي سامهون سمنڊ جي ڪناري وارا ڳوٺ آهن، تن جي رهاڪن کي بہ قتل ڪيو ويندو. پوءِ تون ڄاڻي وٺندين تہ آءٌ ئي خداوند آهيان.‘

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

6 ۽ هن جون ڌيئرون جي جهنگ ۾ آهن سي ترار سان قتل ڪيون وينديون: ۽ اُهي ڄاڻنديون تہ آءٌ خداوند آهيان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




حزقي ايل 26:6
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هاڻي ڏسو، اهي ڏينهن اچن ٿا، جڏهن بني عمون جي گاديءَ واري شهر ربہ وارا جنگ جي للڪار ٻڌندا. پوءِ اهو شهر هڪڙو ويران دڙو ٿي پوندو، ۽ ان جي آس‌پاس وارا ڳوٺ باهہ ڏيئي ساڙيا ويندا. ان کان پوءِ اسرائيل وارا موٽي بني عمون کي پنهنجي علائقي مان هڪالي ڪڍي ڇڏيندا، جتان اڳ ۾ بني عمون کين هڪالي ڪڍيو هو.


تنهنجي وڏي ڀيڻ سامريہ جي وسندي هئي، جيڪا پنهنجي پسگردائيءَ جي ڳوٺن سميت تنهنجي اتر طرف هئي. تنهنجي ننڍي ڀيڻ سدوم جي وسندي هئي، جيڪا پنهنجي پسگردائيءَ جي ڳوٺن سميت تنهنجي ڏکڻ طرف هئي.


آءٌ خداوند جيئرو خدا قسم کڻي چوان ٿو تہ تنهنجي ڀيڻ سدوم جي وسنديءَ ۽ ان جي ڳوٺن بہ اهڙي بڇڙائي نہ ڪئي هئي جهڙي تو ۽ تنهنجي ڳوٺن ڪئي آهي.


خداوند يروشلم کي فرمائي ٿو تہ ”اي يروشلم جي وسندي! تنهنجين ڀينرن سدوم ۽ سامريہ جي وسندين ۽ سندن آس‌پاس وارن ڳوٺن جي اڳوڻي خوشحالي وري بحال ٿيندي. انهيءَ وقت تون ذليل وَ خوار ٿيڻ ڪري پنهنجي ٻنهي ڀينرن جي لاءِ تسليءَ جو باعث بڻبينءَ، ڇاڪاڻ تہ هنن جا گناهہ تو کان گھٽ آهن. تنهن هوندي بہ جڏهن تنهنجي ڀينرن سدوم ۽ سامريہ جي اڳئين خوشحالي وري بحال ٿيندي، تڏهن تون بہ پنهنجي آس‌پاس وارن ڳوٺن سميت اڳوڻي خوشحاليءَ تي بحال ٿيندينءَ.


جڏهن آءٌ موآبين کي سزا ڏيندس، تڏهن اهي ڄاڻي وٺندا تہ آءٌ ئي خداوند آهيان.“


آءٌ پنهنجي قوم بني اسرائيل جي هٿان ادومين کان پنهنجو بدلو وٺندس. اهي منهنجي قهر ۽ غضب موجب ادومين سان سلوڪ ڪندا. تڏهن ادوم وارن کي معلوم ٿي ويندو تہ منهنجو انتقام ڇا ٿيندو آهي. اهو مون خداوند خدا جو فرمان آهي.“


آءٌ پنهنجي سخت قهر وچان کين سزا ڏيندس ۽ کانئن سخت انتقام وٺندس. هائو، آءٌ جڏهن پنهنجو غضب نازل ڪري کانئن بدلو وٺندس، تڏهن اهي ڄاڻي وٺندا تہ آءٌ ئي خداوند آهيان.“


آءٌ اوهان جي گاديءَ واري شهر ربہ کي اٺن جي چراگاهہ بڻائيندس ۽ اوهان جي سڄي عمون ملڪ کي رڍن جي چراگاهہ ڪري ڇڏيندس. پوءِ اوهين ڄاڻي وٺندا تہ آءٌ ئي خداوند آهيان.


تنهنڪري ياد رکو، آءٌ اوهان تي پنهنجو هٿ کڻي اوهان کي دشمنن جي حوالي ڪندس، جيڪي اوهان کي لٽيندا ڦريندا. آءٌ اوهان کي پوريءَ طرح برباد ڪري ڇڏيندس، ايتري قدر جو اڳتي اوهين ڪا قوم نہ رهندا، نڪي وري اوهان جو پنهنجو ڪو ملڪ ئي رهندو. هائو، آءٌ اوهان کي ناس ڪري ڇڏيندس، تڏهن اوهين ڄاڻي وٺندا تہ اهو سڀ ڪجھہ مون خداوند ئي ڪيو آهي.‘“


پهريائين اهو تنهنجي آس‌پاس سمنڊ جي ڪناري وارن شهرن تي حملو ڪندو، ۽ اتي رهندڙ ماڻهن کي قتل ڪرائي ڇڏيندو. پوءِ اهو تنهنجي ڪوٽ وارين ڀتين آڏو، مٽيءَ جا دِڪا ٺهرائي مورچا اڏيندو، ۽ تو تي حملو ڪرڻ لاءِ پنهنجي لشڪر جون ڍالون مضبوط ڀت جيان کڙيون ڪرائيندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ