Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




حزقي ايل 26:5 - Muslim Sindhi Bible

5 تون سمنڊ جي وچ ۾ هڪ اهڙو ٻيٽ بڻجي ويندين، جتي مهاڻا پنهنجا ڄار سڪائيندا. اهو مون خداوند خدا جو فرمان آهي. هائو، اي صور شهر! تو کي قومون پيون لٽينديون ڦرينديون،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

5 هو سمنڊ جي وچ ۾ ڄارن پکيڙڻ جو هنڌ ٿيندو؛ ڇالاءِ جو خداوند خدا ٿو چوي تہ مون ائين فرمايو آهي: هو قومن جي لاءِ لٽ جو مال ٿيندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




حزقي ايل 26:5
6 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنهنڪري ياد رکو، آءٌ اوهان تي پنهنجو هٿ کڻي اوهان کي دشمنن جي حوالي ڪندس، جيڪي اوهان کي لٽيندا ڦريندا. آءٌ اوهان کي پوريءَ طرح برباد ڪري ڇڏيندس، ايتري قدر جو اڳتي اوهين ڪا قوم نہ رهندا، نڪي وري اوهان جو پنهنجو ڪو ملڪ ئي رهندو. هائو، آءٌ اوهان کي ناس ڪري ڇڏيندس، تڏهن اوهين ڄاڻي وٺندا تہ اهو سڀ ڪجھہ مون خداوند ئي ڪيو آهي.‘“


آءٌ تو کي اگھاڙو ٽڪر ڪري ڇڏيندس، جتي مهاڻا پنهنجا ڄار سڪائيندا. تو کي وري ڪڏهن بہ نہ اڏيو ويندو.‘ اهو مون خداوند خدا جو فرمان آهي.“


بيشڪ، اي صور شهر! آءٌ خداوند خدا تو کي اهڙو ويران ڪري ڇڏيندس، جيئن ٻيا برباد ٿيل شهر. آءٌ تو تي تباهيءَ واريون سامونڊي ڇوليون چاڙهي آڻيندس جيڪي تو کي ٻوڙي ڇڏينديون.


هو واءِ‌ويلا ڪندي تو تي هي مرثيو ڳائيندي چون ٿا تہ ”هاءِ! اي صور شهر! هاءِ! اهڙو ڪير آهي جيئن تون سمنڊ جي وچ ۾ هڪ مناري جيان بيٺو هئين؟


تنهنڪري هاڻي آءٌ خداوند خدا مصر جو ملڪ بابل جي بادشاهہ نبوڪدنضر جي حوالي ڪري ڇڏيندس. هو مصر جو قيمتي خزانو لٽي ڦري کڻي ويندو ۽ اهو خزانو پنهنجي لشڪر کي سندن محنت جي اجرت طور ورهائي ڏيندو.


عين‌جديءَ جي چشمي کان وٺي عين‌عجليم جي چشمي تائين کاري سمنڊ جي ٻنهي ڪنارن تي مڇي مارڻ وارا بيٺا مڇي پيا ماريندا ۽ ڪنارن تي سڪائڻ لاءِ جيڏانهن تيڏانهن سندن ڄار پکيڙيل هوندا. انهيءَ سمنڊ جون مڇيون بہ وڏي ڀونوچ سمنڊ جي مڇين وانگر قسمين قسمين جون ۽ تمام گھڻيون هونديون.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ