Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




حزقي ايل 26:4 - Muslim Sindhi Bible

4 اهي تنهنجا ڪوٽ ڪيرائي وجھندا، ۽ تنهنجا ٺُلهہ ڊاهي ڇڏيندا. آءٌ تنهنجو باقي بچيل ڍير بہ کڻائي ڇڏيندس، ۽ تو کي اگھاڙو ٽڪر ڪري ڇڏيندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

4 ۽ اُهي صور جون ڀتيون ڀڃي ڇڏيندا ۽ سندس ٺلهہ ڊاهي ڇڏيندا: آءٌ سندس مٽي بہ مٿانئس کرڙي لاهي ڇڏيندس، ۽ کيس اُگهاڙو ٽڪر ڪري ڇڏيندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




حزقي ايل 26:4
8 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

خداوند جو هٿ سمنڊ تي اچي پيو آهي، بلڪ هن بادشاهتن کي بہ لوڏي ڇڏيو آهي. خداوند صور ۽ صيدا جي ملڪ خلاف حڪم ڏنو آهي تہ انهيءَ جي قلعن کي ڊاهي ناس ڪيو وڃي.


ڀلي تہ دشمن اچي منهنجي قوم کي انگورن جي باغ جيان وڍي اڇلائين، پر کين صفا ناس نہ ڪن. آءٌ کين چوندس تہ ’انهن کي ٽارين وانگر ڇانگي ڇڏيو، ڇاڪاڻ تہ اهي مون خداوند جون ناهن.‘


تنهنجا اهي دشمن تنهنجي دولت لٽيندا، ۽ واپار وارو مال ڦري کڻي ويندا. هو تنهنجيون ڀتيون ڀڃي ڇڏيندا، ۽ تنهنجا خوبصورت گھر ڊاهي ناس ڪري ڇڏيندا. پوءِ هو تنهنجو ڪاٺ توڙي پٿر، بلڪ تنهنجا ڍير ئي کڻي وڃي سمنڊ ۾ اڇلائي ڇڏيندا.


هو تنهنجي ڀتين کي ڀڃڻ لاءِ مشينون بيهاريندو، ۽ پهريدارن جي ٺُلهن کي لوهي سيخن سان ڊهرائي ڇڏيندو.


تنهنڪري آءٌ صور شهر جي ڪوٽ تي باهہ موڪليندس، جيڪا ان جي محلاتن سميت سڀني رهاڪن کي ساڙي رک ڪري ڇڏيندي.“


صور وارن پنهنجي حفاظت لاءِ مضبوط قلعو ٺاهيو آهي، ۽ رستن جي ڌوڙ وانگر سون ۽ چانديءَ جا ڍير لڳايا اٿائون.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ