حزقي ايل 26:20 - Muslim Sindhi Bible20 تڏهن آءٌ تو کي هيٺ پاتال ۾ لاهي ڇڏيندس، جتي تون قديم زماني جي ماڻهن ۽ گھڻو اڳي ناس ٿي ويل شهرن سان وڃي گڏبين. تون وري ڪڏهن بہ مٿي اچي آباد نہ ٿيندين ۽ جيئرن جي دنيا ۾ تو لاءِ ڪابہ جاءِ ڪانہ هوندي. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible20 تڏهن جيڪي ماڻهو کڏ ۾ هيٺ لهي قديم وقت جي ماڻهن وٽ وڃن ٿا، انهن وٽ توکي هيٺ لاهي آڻيندس، ۽ توکي زمين جي هيٺين ڀاڱن ۾، قديم وقت کان ويران جاين ۾، انهن سان گڏ رهائيندس جي پاتال ۾ وڃن ٿا، انهي لاءِ تہ تون وري آباد نہ ٿين، ۽ نہ وري آءٌ توکي جيئرن جي زمين ۾ جلال وارو ڪندس: အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
اهو سڀ ڪجھہ انهن ٻين قومن لاءِ اهڙي تاڪيد ٿيندو جيڪي جھجھي پاڻيءَ جي ڀرسان بيٺل وڻ مثل آهن تہ جيئن اهي مغرور ٿي پنهنجي چوٽي آسمان تائين بلند نہ ڪن. هائو، پاڻيءَ تي پرورش وٺندڙ ڪوبہ وڻ پنهنجي بلنديءَ تي وڏائي نہ ڪري، ڇاڪاڻ تہ هر ڪنهن کي ضرور مرڻو آهي. سڀ بني آدم فاني آهن ۽ پاتال ۾ وڃي پوندا آهن. سو اهي بہ مري وڃي قبر ۾ پوندا.