Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




حزقي ايل 26:2 - Muslim Sindhi Bible

2 ”اي حزقي‌ايل، آدم جو اولاد! ٻيٽ واري شهر صور جي ماڻهن يروشلم جي شڪست تي خوشي ملهائيندي ڳايو آهي تہ ’واہ واہ! يروشلم کي ڊاهي ڪيرايو ويو آهي! جيڪو قومن جي واپار جو مرڪز هو، سو ويران ٿي ويو آهي. هاڻي اسان جو شهر صور وڌي ويندو، ڇاڪاڻ تہ اڳتي اُنهيءَ شهر جا واپاري اسان ڏانهن ايندا.‘

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

2 اي آدمزاد، صور يروشلم جي بابت چيو آهي تہ واهہ واهہ، جيڪو قومن جو دروازو هو سو ڀڄي پيو آهي؛ هاڻي هن مون ڏانهن رخ رکيو آهي، هاڻي جڏهن هو پاڻ ويران ٿي ويو آهي تڏهن آءٌ ڀرجي ويندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




حزقي ايل 26:2
27 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

صور جي بادشاهہ حيرام دائود ڏانهن قاصد موڪليا، جن سان گڏ ديال جو ڪاٺ، واڍا ۽ رازا بہ موڪليائين. انهن دائود جي لاءِ هڪڙو محل جوڙيو.


ايتري قدر جو هو منهنجي خلاف وات ڦاڙي هيئن ٿا چون تہ ”آها، آها، تو جيڪي بہ ڪيو سو اسان پنهنجي اکين سان ڏٺو.“


جيڪي ماڻهو رونشي طور مون تي ”اِيهو، اِيهو،“ ڪن ٿا، شل سي شڪست کائي خوار خراب ٿين!


شل تنهنجا سڀ طالبو تنهنجي ڪمن ڪري خوشيون ڪن ۽ سرها ٿين! جيڪي تنهنجي طرفان ڇڏائڻ جا سڪايل آهن، شل سي سدائين پيا چوندا رهن تہ ”خداوند ڪيڏو نہ عظيم آهي!“


جيڪي ماڻهو رونشي طور مون تي ”اِيهو، اِيهو،“ ڪن ٿا، شل سي شڪست کائي خوار خراب ٿين!


جِبل علائقي وارا، عمون وارا ۽ ساڻن گڏ عماليقي بہ آهن، ان کان علاوہ صور شهر ۽ فلستي علائقي جا رهاڪو پڻ.


لنگھي وڃو، اي يروشلم جا رهاڪؤ! اوهين شهر جي دروازن مان ٻاهر نڪري وڃو، ۽ وطن موٽندڙ پنهنجي قوم وارن لاءِ سڙڪ اڏيو. هائو، انهن لاءِ شاهي رستو تيار ڪريو، ۽ انهيءَ تان پٿر هٽائي صاف ڪري ڇڏيو. اوهين رستي تي نشان کڙا ڪري ڇڏيو، تہ جيئن ٻيون قومون بہ رستو لهي سگھن.


صور ۽ صيدا جا سڀ بادشاهہ، ڀونوچ سمنڊ جي پرينءَ ڀر جا سڀ بادشاهہ،


تنهن کان پوءِ جيڪي قاصد يهوداہ جي بادشاهہ صدقياہ وٽ يروشلم ۾ آيا آهن تن کي چئُہ تہ هو پنهنجي آقائن يعني ادوم، موآب، عمون، صور ۽ صيدا جي بادشاهن کي وڃي


سڀني فلستين کي ناس ڪرڻ جو ڏينهن اچي ويو آهي، هائو، اهي جيڪي صور ۽ صيدا جي مدد ڪن ٿا. آءٌ خداوند فلستين کي، يعني ڪريت ٻيٽ جي اصلي رهاڪن کي ناس ڪرڻ وارو آهيان.


بني عمون بابت خداوند فرمائي ٿو تہ ”اسرائيل ملڪ جا مرد ڪٿي آهن؟ ان جو ڪو وارث ڪونهي ڇا؟ پوءِ ڇو مولڪ ديوتا جا پوڄاري جد قبيلي ۽ سندس علائقي تي قبضو ڪري ان جي شهرن ۾ آباد ٿي ويا آهن؟


آہ! يروشلم جي وسندي ڪڏهن تہ ماڻهن سان ڀريل هوندي هئي، پر هاڻ اها ڪيڏي نہ خالي ۽ ويران ٿي پيئي آهي! اها وسندي، جيڪا قومن ۾ عظمت رکندي هئي، سا ڪيئن نہ رن‌زال جهڙي ٿي پيئي آهي! هائو، جيڪا ملڪن ۾ شهزاديءَ جي درجي تي هئي، سا ڪيئن نہ ٻانهين وانگر مجبور ٿي پيئي آهي!


ٻئي پاسي آءٌ موآب ملڪ کي اوڀر جي بيابان وارن ساڳين قبيلن جي حوالي ڪري ڇڏيندس، جيئن عمونين کي سندن حوالي ڪندس، جن جو نالو نشان ئي قومن ۾ نہ رهندو.


اوهان بني اسرائيل سان ايتري تہ سخت نفرت ڏيکاري آهي جو انهن جي ملڪ جي برباديءَ تي تاڙيون وڄائي خوشيءَ مان ٽپا ڏنا اٿوَ ۽ دل وَ جان سان جشن ملهايا اٿوَ.


خداوند خدا وڌيڪ فرمايو تہ ”اي حزقي‌ايل! جيئن تہ موآب جي ماڻهن طعنا هڻي چيو آهي تہ ’واہ! يهوداہ وارا بہ تہ عام قومن وانگر ٿي ويا آهن!‘


اسان جي جلاوطنيءَ جي يارهين سال، مهيني جي پهرين تاريخ خداوند مون کي فرمايو تہ


اوهان چيو آهي تہ ”اسين يهوداہ ۽ اسرائيل وارن جي ٻنهي ملڪن تي قبضو ڪنداسين تہ جيئن اسين ئي انهن جا مالڪ ٿيون.“ توڙي جو اهي ملڪ مون خداوند جا ئي آهن.


سو اي صور، صيدا ۽ فلستيہ جي سڀني علائقن جا رهاڪؤ! اوهان جي حيثيت آهي ئي ڇا؟ اوهان ائين ڪرڻ سان مون کان ڪو بدلو ورتو آهي ڇا؟ جي ائين آهي تہ هاڻي آءٌ وري اوهان کان هڪدم بدلو وٺندس.


پوءِ اُها سرحد اولهہ طرف رامہ ڏانهن ڦري ۽ قلعي واري شهر صور ڏانهن ويئي. اتان اُها حوسہ ڏانهن ڦري ۽ پوءِ اتان نڪري ڀونوچ سمنڊ تي وڃي ختم ٿي. انهيءَ ۾ اڪزيب،


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ