Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




حزقي ايل 26:19 - Muslim Sindhi Bible

19 بيشڪ، اي صور شهر! آءٌ خداوند خدا تو کي اهڙو ويران ڪري ڇڏيندس، جيئن ٻيا برباد ٿيل شهر. آءٌ تو تي تباهيءَ واريون سامونڊي ڇوليون چاڙهي آڻيندس جيڪي تو کي ٻوڙي ڇڏينديون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

19 ڇالاءِ جو خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ جڏهن آءٌ توکي سُڃن شهرن وانگي ويران شهر ڪندس؛ جڏهن آءٌ توتي سمنڊ چاڙهي آڻيندس، ۽ وڏا پاڻي توکي ڍڪي ڇڏيندا؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




حزقي ايل 26:19
7 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنهنڪري آءٌ خداوند خدا چوان ٿو تہ ’ياد رک، اي صور شهر! آءٌ تنهنجي خلاف آهيان. آءٌ گھڻين ئي قومن کي تو تي چاڙهي آڻيندس، ۽ اهي سمنڊ جي ڇولين وانگر چڙهي تو تي حملو ڪندا.


تنهنجي ونجھہ هلائڻ وارن تو کي اونهي پاڻيءَ ۾ آندو آهي. پر اوڀر کان گھلندڙ واءُ تو کي وچ سمنڊ ۾ ڀڃي وڌو آهي.


خداوند مون کي فرمايو تہ ”اي حزقي‌ايل، آدم جو اولاد! انهن هڏين مان وري زندہ انسان ٺهي سگھن ٿا يا نہ؟“ مون وراڻيو تہ ”اي خداوند خدا! اهو تون ئي ڄاڻين ٿو.“


شام جو بادشاهہ جنهن جي پڇاڙيءَ وارو وقت اچي پهچڻ وارو ٿيندو، تنهن سان مصر جو بادشاهہ اچي ٽڪرائبو. پر شام جو بادشاهہ واچوڙي وانگر جنگي گھوڙي گاڏين، گھوڙي سوارن ۽ سامونڊي جهازن سان نہ رڳو مٿس اچي ڪڙڪندو، بلڪ ٻين ملڪن ۾ بہ داخل ٿيندو ۽ ٻوڏ وانگر انهن سڀني کي ٻوڙيندو ويندو.


انهيءَ مدي جي آخر ۾ هڪڙو ڌاريو حڪمران ڪاهہ ڪري ايندو، جنهن جو لشڪر شهر ۽ انهيءَ مقدس هيڪل کي طوفان وانگر ناس ڪري ڇڏيندو. پوءِ انهن ٻاهٺ دفعا ستن ستن سالن جي پڇاڙيءَ تائين جنگ هلندي رهندي، جنهن ۾ اهو چونڊيل بادشاهہ قتل ڪيو ويندو ۽ سندس پٺيان ڪو بادشاهي ڪرڻ وارو نہ رهندو. خدا جي طرفان اها بربادي مقرر ڪيل آهي.


پوءِ ملائڪ مون کي چيو تہ ”جن دريائن جي ڀرسان تو ڪسبياڻيءَ کي ويٺل ڏٺو، سي قومون، قبيلا، ٻولين وارا ۽ ذاتيون آهن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ