Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




حزقي ايل 26:18 - Muslim Sindhi Bible

18 پر هاڻي اهو شهر صور تباهہ وَ برباد ٿي ويو آهي، ۽ آس‌پاس ٻيٽن ۽ ڪناري وارا ماڻهو انهيءَ جي تباهي ڏسي دهشت وچان پيا ڏڪن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

18 هاڻي تنهنجي ڪِرڻ واري ڏينهن ٻيٽ ڏڪي ويندا، هائو، جيڪي ٻيٽ سمنڊ ۾ آهن سي تنهنجي لڏڻ تي حيران پريشان ٿيندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




حزقي ايل 26:18
9 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڏورانهن ملڪن جا ماڻهو اهو سڀ ڏسي ڊڄي وڃن ٿا. هائو، ڌرتيءَ جي ڇيڙن وارا خوف وچان ڏڪن ٿا، ۽ گڏجي عدالت ۾ اچن ٿا.


ادوم جي تباهيءَ جو شور ٻڌي سڄي ڌرتي ڏڪي ويندي. اتي جي رهاڪن جي رڙين جو آواز ڳاڙهي سمنڊ تائين ٻڌو ويندو.


بابل جي تباهيءَ جو شور ٻڌي سڄي ڌرتي ڏڪي ويندي. اتي جي رهاڪن جي رڙين جو آواز دنيا جي سڀني قومن تائين ٻڌو ويندو.“


خداوند خدا فرمايو تہ ”اي صور شهر! جڏهن تو تي فتح حاصل ڪئي ويندي تڏهن تو اندر جيڪا خونريزي جاري هوندي ۽ جيڪي زخمي پيا دانهون ڪندا ۽ تڙپندا هوندا، تن جو آواز ٻڌي آس‌پاس ٻيٽن ۽ ڪناري وارا ماڻهو ڏڪي ويندا.


آس‌پاس ٻيٽن وارا توڙي ڪناري وارا سڀيئي ماڻهو اهو ڏسي دهلجي ويا آهن. سندن بادشاهن کي ڏاڍو خوف وٺي ويو آهي، ۽ منهن هيڊو ٿي ويو اٿن.


جنهن ڏينهن اهو وڻ جيڪو مصر جي مثل آهي هيٺ پاتال ۾ ڪيرايو ويندو، تنهن ڏينهن آءٌ خداوند خدا دنيا ۾ ماتم وجھندس. هائو، آءٌ انهيءَ کي اونهي پاڻيءَ ۾ ٻوڙي ڇڏيندس. آءٌ ندين کي روڪي ڇڏيندس ۽ پاڻيءَ جو وهڪرو بيهاري ڇڏيندس. ان وڻ جي ڪرڻ ڪري آءٌ لبنان جي جبلن تي اونداهي نازل ڪندس ۽ ٻيلي جا سڀ وڻ سڪي سڙي ويندا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ