حزقي ايل 26:17 - Muslim Sindhi Bible17 هو تو تي مرثيو ڳائيندي چوندا تہ ’هاءِ! هاءِ! سمنڊ جي ٻيٽ وارو عظيم شهر، ڪيئن نہ ناس ٿي ويو آهي! جنهن جي ماڻهن جي ڪڏهن تہ سامونڊي ڪناري تي واپاري حڪمراني هئي، ۽ آسپاس وارن ملڪن جو هر هڪ ماڻهو کانئن ڊڄندو هو. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible17 ۽ تو لاءِ هو هڪڙو مرثيو کڻندا ۽ توکي چوندا تہ تون، جنهن ۾ سمنڊ تي سفر ڪندڙ ماڻهو رهندا هئا، يعني مشهور شهر جو سمنڊ ۾ مضبوط هو، ۽ انهي جا رهاڪو، جن منجهس آمدرفت پئي ڪئي! ۽ جن پنهنجو خوف سڀني تي ٿي وڌو، تون ڪيئن نہ ناس ٿي وئين! အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
جڏهن بہ ڪي ڌاڙيل يا رات جو ڪي چور ڪنهن گھر ۾ گھڙي اچن، تہ اهي رڳو اوترو ئي کڻي ويندا جيترو کين هٿ اچي سگھي، يا جڏهن انگورن جو چونڊو ڪندڙ باغ مان چونڊو ڪري وڃن تہ ٿي سگھي ٿو تہ ڪجھہ ڇڳا ول ۾ رهجي وڃن. پر اي ادوم جي قوم! تنهنجا دشمن تو سان ائين سلوڪ نہ ڪندا، ڇاڪاڻ تہ اهي تو کي پوريءَ طرح نيست وَ نابود ڪري ڇڏيندا.
اهو حال انهيءَ خوشين واري شهر جو ٿيندو، جيڪو هاڻي بيفڪر رهي پيو. انهيءَ شهر جا رهاڪو هاڻي پنهنجيءَ دل ۾ چون ٿا تہ ”جيڪي آهي سو اسان جو شهر ئي آهي، اسان جي شهر کان سواءِ ٻيو ڪوبہ ڪونهي.“ پر اهو ڪيئن نہ ويران ڪيو ويندو، ۽ جانورن جي جوءِ بڻجي ويندو. جيڪي بہ اتان لنگھندا سي دهلجي ويندا ۽ حيرت وٺي ويندن.