حزقي ايل 26:16 - Muslim Sindhi Bible16 سامونڊي ملڪن جا سڀيئي بادشاهہ پنهنجن تختن تان هيٺ لهي ايندا ۽ پنهنجي شاهي قبا ۽ ڀرت ڀريل پوشاڪ لاهي ڇڏيندا. پوءِ هو ڏڪندي هيٺ خاڪ تي ويهي رهندا. تنهنجي شڪست جي خبر ٻڌي کين اهڙو تہ صدمو وٺي ويندو، جو اهي خوف وچان پيا ڏڪندا رهندا. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible16 پوءِ سمنڊ جا سڀ بادشاهہ پنهنجن تختن تان هيٺ لهي ايندا، ۽ پنهنجا شاهي قبا لاهي رکندا، ۽ پنهنجا ڀرت وارا ڪپڙا لاهي ڇڏيندا: هو پاڻ کي ڏڪڻيءَ سان ڍڪيندا: هو زمين تي ويهندا، ۽ هر لحظي ڏڪندا، ۽ توتي حيران ٿيندا. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
جنهن ڏينهن اهو وڻ جيڪو مصر جي مثل آهي هيٺ پاتال ۾ ڪيرايو ويندو، تنهن ڏينهن آءٌ خداوند خدا دنيا ۾ ماتم وجھندس. هائو، آءٌ انهيءَ کي اونهي پاڻيءَ ۾ ٻوڙي ڇڏيندس. آءٌ ندين کي روڪي ڇڏيندس ۽ پاڻيءَ جو وهڪرو بيهاري ڇڏيندس. ان وڻ جي ڪرڻ ڪري آءٌ لبنان جي جبلن تي اونداهي نازل ڪندس ۽ ٻيلي جا سڀ وڻ سڪي سڙي ويندا.