Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




حزقي ايل 26:15 - Muslim Sindhi Bible

15 خداوند خدا فرمايو تہ ”اي صور شهر! جڏهن تو تي فتح حاصل ڪئي ويندي تڏهن تو اندر جيڪا خونريزي جاري هوندي ۽ جيڪي زخمي پيا دانهون ڪندا ۽ تڙپندا هوندا، تن جو آواز ٻڌي آس‌پاس ٻيٽن ۽ ڪناري وارا ماڻهو ڏڪي ويندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

15 خداوند خدا صور کي هيئن ٿو فرمائي، تہ جڏهن تنهنجي وچ ۾ ڪوس ٿيندو، ۽ ڦٽيل ماڻهو ڪنجهندا، تڏهن تنهنجي ڪِرڻ جي آواز تي ٻيٽ لُڏي نہ ويندا ڇا؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




حزقي ايل 26:15
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جڏهن خداوند ڌرتيءَ وارن کي سزا ڏيڻ لاءِ اُٿي کڙو ٿيندو، تڏهن ماڻهو سندس جلال جي تجليءَ ۽ غضب کان ڊڄي پهاڙن جي غارن ۽ کڏن کوٻن ۾ وڃي لڪندا.


ڏورانهن ملڪن جا ماڻهو اهو سڀ ڏسي ڊڄي وڃن ٿا. هائو، ڌرتيءَ جي ڇيڙن وارا خوف وچان ڏڪن ٿا، ۽ گڏجي عدالت ۾ اچن ٿا.


ادوم جي تباهيءَ جو شور ٻڌي سڄي ڌرتي ڏڪي ويندي. اتي جي رهاڪن جي رڙين جو آواز ڳاڙهي سمنڊ تائين ٻڌو ويندو.


هن وٽ ايترا تہ گھڻا گھوڙا هوندا جو انهن جي سنبن مان اڏامندڙ مٽي تو کي ڍڪي ڇڏيندي. جيئن ماڻهو ڀت ڀڃي شهر ۾ گھڙندا آهن، تيئن هو تنهنجي دروازن مان اندر گھڙي ايندو، ۽ سندس گھوڙي سوارن، گاڏن ۽ جنگي گھوڙي گاڏين جي ڌڌڪي سان تنهنجيون ڀتيون لڏي وينديون.


پر هاڻي اهو شهر صور تباهہ وَ برباد ٿي ويو آهي، ۽ آس‌پاس ٻيٽن ۽ ڪناري وارا ماڻهو انهيءَ جي تباهي ڏسي دهشت وچان پيا ڏڪن.


آءٌ تنهنجي پڇاڙي ڏاڍي ڀيانڪ ڪندس، ايتري قدر جو تون بلڪل نابود ٿي ويندين. ماڻهو تو کي ڏسڻ لاءِ ايندا پر تون کين ڪڏهن بہ ڪونہ لڀندين.‘ اهو مون خداوند خدا جو فرمان آهي.“


تنهنجي ٻڏندڙ ناکئاين جون رڙيون ٻڌندي ڪناري وارا سڀ ماڻهو خوف وچان ڏڪن ٿا.


آس‌پاس ٻيٽن وارا توڙي ڪناري وارا سڀيئي ماڻهو اهو ڏسي دهلجي ويا آهن. سندن بادشاهن کي ڏاڍو خوف وٺي ويو آهي، ۽ منهن هيڊو ٿي ويو اٿن.


جڏهن آءٌ هن کي ٻين فاني انسانن جيان پاتال ۾ اڇلائي ڇڏيندس، تڏهن هن جي ڪرڻ جي ڌڌڪي جي آواز سان قومون ڪنبي وينديون. اتي پاتال ۾ باغِ عدن جا سڀيئي وڻ ۽ لبنان جا چونڊيل ۽ تمام چڱا وڻ جيڪي اڳي پاڻيءَ تي پلندا هئا، سي سڀ هن جي پاتال ۾ اچي پوڻ تي خوش ٿيندا.


جڏهن آءٌ انهن جي آڏو تو تي پنهنجي تلوار چمڪائيندس، تڏهن گھڻيون ئي قومون تو تي حيران ٿي وينديون، بلڪ سندن بادشاهن جي بہ لونءَ ڪانڊارجي ويندي. هائو، اهي تنهنجي ڪِرڻ واري ڏينهن تي هر گھڙيءَ پيا ڏڪندا ۽ ڪنبندا، متان انهن کي بہ نہ قتل ڪيو وڃي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ