Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




حزقي ايل 26:13 - Muslim Sindhi Bible

13 آءٌ تو ۾ ڳائڻ جو آواز بند ڪرائي ڇڏيندس، ۽ تنهنجي تار وارن سازن جو آواز اڳتي وري ٻڌڻ ۾ نہ ايندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

13 ۽ آءٌ تنهنجي راڳن جو هُل بند ڪرائي ڇڏيندس؛ ۽ تنهنجن بربطن جو آواز وري اڳتي ٻڌڻ ۾ نہ ايندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




حزقي ايل 26:13
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اتي جيڪي لئي جا وڻ بيٺا هئا، تن تي اسان پنهنجيون سارنگيون لٽڪائي ڇڏيون هيون.


تو کي تنهنجي شان وَ شوڪت ۽ تنهنجي واکاڻ ۾ وڄندڙ سارنگين سميت آڻي پاتال جي تري ۾ اڇلايو اٿن. هتي تہ ڪينئان ئي تنهنجو بسترو ٿيندا، ۽ ڪيڙا ئي تنهنجي چادر بڻبا.‘


اوهان جي شهر ۾ ڇو خوشيءَ جا نعرا، گوڙ شور ۽ هل هنگامو لڳو پيو آهي، جڏهن تہ جنگ ۾ اوهان جا قتل ٿيل ماڻهو، وڙهيا ئي ڪين هئا تہ بہ مارجي ويا.


خداوند صيدا جي رهاڪن کي فرمايو تہ ”اي صيدا جا رهاڪؤ! اڄ تائين اوهان جي شهر کي ڪنهن هٿ بہ نہ لاتو آهي، پر هاڻي اوهان جون خوشيون ختم ٿي وينديون. هائو، اوهين مظلوم ٿي قبرص ڏانهن ڀڄي نڪرندا، جتي بہ اوهين امن وَ سلامتيءَ سان رهي نہ سگھندا.“


”اي ڪڃري! تون جيڪا وساري ويئي آهين، هاڻ تون هڪڙو دنبورو کڻي شهر ۾ گھم ڦر، خوب ڳاءِ ۽ وڄاءِ، تہ من ڪو تو کي وري ياد ڪري.“


ڇاڪاڻ تہ اوهان جا خوشين ڀريا شهر، جيڪي قديم زمانن کان قائم هئا، سي هاڻي برباد ٿي ويا آهن. ڪڏهن تہ انهن جا رهاڪو لڏي وڃي پري پري وارن ملڪن ۾ شان سان رهندا هئا.


اوهين پنهنجي محفلن ۾ خوشيون ملهائيندي دنبورا، سارنگيون، دڦ ۽ بانسريون ٿا وڄايو، ۽ مئي جا جام پيئندا ٿا رهو. پر اوهين انهن ڪمن تي ڪو ڌيان نہ ٿا ڏيو، جيڪي خداوند ڪري ٿو.


تون يهوداہ وارن کي خبردار ڪري ڇڏ تہ آءٌ قادرِمطلق خداوند، بني اسرائيل جو خدا هن ملڪ مان شادين مرادين بلڪ خوشيءَ ۽ سرهائيءَ جي هر طرح جي محفلن جو خاتمو آڻي ڇڏيندس. اهو سڀ هي ماڻهو پنهنجي اکين سان ڏسندا.


آءٌ هنن مان خوشيءَ ۽ سرهائيءَ جي آواز ۽ شادين جي آواز جو خاتمو آڻي ڇڏيندس، بلڪ اٽي جي چڪيءَ جو آواز ۽ ڏيئي جو سوجھرو بہ ڪڍي ڇڏيندس.


اهڙيءَ طرح آءٌ يروشلم جي گھٽين مان بلڪ يهوداہ جي سڀني شهرن مان خوشيءَ ۽ سرهائيءَ جي آواز ۽ شادين جي آواز جو خاتمو آڻي ڇڏيندس، ڇاڪاڻ تہ ملڪ ويران ٿي ويو هوندو.


تون منهنجي باغِ عدن ۾ رهندو هئين. هر قسم جا قيمتي پٿر تنهنجي پوشاڪ جي زينت لاءِ، يعني لعل، پکراج ۽ هيرا، فيروزا، سليماني پٿر ۽ زبرجد، نيلم، زمرد ۽ شب‌چراغ چونڊيا ويا هئا. انهن سڀني کي سون ۾ ٻڙي جيان جڙي ٺاهي تنهنجي پيدائش واري ڏينهن ئي تيار ڪيا ويا هئا.


آءٌ هن جون سموريون خوشيون ختم ڪري ڇڏيندس. هائو، نئين چنڊ، سبت ۽ سندس عيدن جا ڏينهن، مطلب تہ سندس سڀ پاڪ گڏجاڻين جا ڏينهن آءٌ کيس ملهائڻ نہ ڏيندس.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ