Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




حزقي ايل 26:12 - Muslim Sindhi Bible

12 تنهنجا اهي دشمن تنهنجي دولت لٽيندا، ۽ واپار وارو مال ڦري کڻي ويندا. هو تنهنجيون ڀتيون ڀڃي ڇڏيندا، ۽ تنهنجا خوبصورت گھر ڊاهي ناس ڪري ڇڏيندا. پوءِ هو تنهنجو ڪاٺ توڙي پٿر، بلڪ تنهنجا ڍير ئي کڻي وڃي سمنڊ ۾ اڇلائي ڇڏيندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

12 ۽ هو تنهنجي دولت لٽيندا ۽ تنهنجي سوداگري جو مال ڦري کڻي ويندا: ۽ هو تنهنجون ڀِتيون ڀڃندا ۽ تنهنجا دلپسند گهر ناس ڪري ڇڏيندا: ۽ تنهنجا پٿر، ۽ تنهنجو ڪاٺ، ۽ تنهنجي مٽي پاڻين جي وچ ۾ رکندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




حزقي ايل 26:12
19 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

حزقياہ کي تمام گھڻي دولت ۽ عزت حاصل هئي. هن چاندي، سون، قيمتي پٿرن، خوشبودار مصالحن، ڍالن ۽ هر قسم جي عمدن سامانن لاءِ گودام تعمير ڪرايا.


نئين سال جي بهار جي موسم ۾ بادشاهہ نبوڪدنضر لشڪر موڪلي هن کي بابل ۾ آڻايو ۽ ساڻس گڏ خداوند جي گھر مان قيمتي شيون بہ آڻايائين ۽ يهوياڪين جي چاچي صدقياہ کي يروشلم بلڪ سڄي يهوداہ جو بادشاهہ مقرر ڪيائين.


خداوند جو هٿ سمنڊ تي اچي پيو آهي، بلڪ هن بادشاهتن کي بہ لوڏي ڇڏيو آهي. خداوند صور ۽ صيدا جي ملڪ خلاف حڪم ڏنو آهي تہ انهيءَ جي قلعن کي ڊاهي ناس ڪيو وڃي.


ڀلا اهو ڪير آهي، جنهن صور شهر کي برباد ڪرڻ جو منصوبو رٿيو؟ هائو، انهيءَ شهر کي ڪنهن ناس ڪيو، جيڪو بادشاهن کي تاج پهرائيندڙ هو، جنهن جا واپاري امير هئا، ۽ جنهن جا سوداگر پوريءَ دنيا ۾ معزز ليکيا ٿي ويا؟


اوهين پنهنجي زرخيز ٻنين، ۽ انگورن جي باغن جي برباديءَ تي ڏک وچان پنهنجيون ڇاتيون پٽيو.


اي اڳواڻؤ! واءِ‌ويلا ڪريو ۽ روئو رڙو. هائو، اوهين جيڪي خداوند جي قوم، يعني سندس ڌڻ جا ڌنار آهيو، سي مٽيءَ ۾ ليٿڙيون پايو، ڇاڪاڻ تہ اوهان جي ڪسجڻ جا ڏينهن اچي پهتا آهن. اوهان کي ٽاڪُئين ٿانوَ جيان ڀڃي ڀورا ڀورا ڪيو ويندو.


بابل جو سڄو لشڪر جيڪو شاهي محافظ دستي جي سالار سان گڏ هو، تنهن شهر جي چوڌاري واريون سڀ ڀتيون ڊاهي ڇڏيون.


تون سمنڊ جي وچ ۾ هڪ اهڙو ٻيٽ بڻجي ويندين، جتي مهاڻا پنهنجا ڄار سڪائيندا. اهو مون خداوند خدا جو فرمان آهي. هائو، اي صور شهر! تو کي قومون پيون لٽينديون ڦرينديون،


اتي ئي سمنڊ جي وچ ۾، اهي تو کي تلوار سان ماري پاتال ۾ غرق ڪري ڇڏيندا.


هو انهن جي معبودن جا بت ۽ پلٽيل مورتيون ۽ کين نذر ڪيل سون ۽ چانديءَ جا ٿانوَ مالِ‌غنيمت طور پاڻ سان مصر کڻي ويندو. ڪجھہ سالن تائين سانت ۾ رهڻ کان پوءِ


توڙي جو اوهين ڦلدار وڻن وانگر ٻين کان وڌيڪ ميوو جھليندا، تڏهن بہ سخت جھولو اوهان کي سَٽي وجھندو. هائو، مون خداوند جو جھولو بيابان مان اُٿندو، تڏهن اوهان جا پاڻيءَ جا چشما ۽ کوهہ سڪي ويندا، ۽ اوهان جو هر قيمتي خزانو لٽجي ويندو.


هائو، اوهين جيئن تہ غريبن کي لتاڙيو ٿا، ۽ ظلم ڪري کانئن اناج ٿا ڦريو، سو اوهين توڙي جو مضبوط ۽ پُر آسائش گھر جوڙيندا، تنهن هوندي بہ انهن ۾ رهڻ نصيب نہ ٿيندءَ. اوهين انگورن جا خوبصورت باغ تہ پوکيندا، پر انهن جي مئي پيئڻ اوهان کي نصيب نہ ٿيندي.


چيو وڃي ٿو تہ ”چاندي لٽيو، سون لٽيو، دولت جي ڪا کوٽ ڪونهي ۽ نہ خزانو کٽڻ جو آهي.“


انهيءَ ڪري مون کين واچوڙي وانگر اڏائي سڀني قومن ۾ ڇڙوڇڙ ڪري ڇڏيو. جتي هو ڌارين وانگر ٿي ويا. انهيءَ کان پوءِ سندن وڻندڙ ملڪ اهڙو تہ ويران ٿي ويو جو اتي ڪنهن جي بہ اچ وڃ نہ هئي.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ