حزقي ايل 26:11 - Muslim Sindhi Bible11 هن جي لشڪر جا گھوڙا تنهنجيون سڀيئي گھٽيون لتاڙي ڇڏيندا. هن جا جنگي جوڌا تنهنجي رهاڪن کي قتل ڪري ڇڏيندا، ۽ تنهنجي مضبوط ٿنڀن کي ڊاهي ڪيرائي ڇڏيندا. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible11 هو تنهنجون سڀ گهٽيون پنهنجي گهوڙن جي سنبن سان لتاڙيندو: هو ترار سان تنهنجا ماڻهو ماريندو، ۽ تنهنجي زور جا ٿنڀ زمين تي ڪِري پوندا. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
اي سڀني قومن وارؤ! اوهين انهيءَ ملڪ تي حملي لاءِ هڪڙو جھنڊو کڙو ڪريو. پنهنجين قومن منجھہ نفيل وڄائي، انهن کي بابل جي خلاف جنگ لاءِ تيار ڪريو. هن سان وڙهڻ لاءِ اراراط، مِنِي ۽ اشڪناز جي بادشاهتن جي لشڪرن کي سڏي گڏ ڪريو. هن سان وڙهڻ لاءِ هڪڙو سپهہسالار مقرر ڪريو. ماڪڙ جي ڪٽڪن جيان گھوڙن وارا لشڪر مٿس چاڙهي آڻيو.