Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




حزقي ايل 26:10 - Muslim Sindhi Bible

10 هن وٽ ايترا تہ گھڻا گھوڙا هوندا جو انهن جي سنبن مان اڏامندڙ مٽي تو کي ڍڪي ڇڏيندي. جيئن ماڻهو ڀت ڀڃي شهر ۾ گھڙندا آهن، تيئن هو تنهنجي دروازن مان اندر گھڙي ايندو، ۽ سندس گھوڙي سوارن، گاڏن ۽ جنگي گھوڙي گاڏين جي ڌڌڪي سان تنهنجيون ڀتيون لڏي وينديون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

10 هن جي گهوڙن جي گهڻائيءَ کان انهن جي مٽي توکي ڍڪي ڇڏيندي: جڏهن هو تنهنجن درن اندر گهڙي ايندو، جيئن ماڻهو ڀِت ڀڳل شهر ۾ گهڙي ايندا آهن، تڏهن تنهنجون ڀِتيون گهوڙي سوارن، ۽ گاڏن، ۽ گاڏين جي گوڙ تي لڏي وينديون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




حزقي ايل 26:10
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن بابل جي بادشاهہ جا سڀ علمدار جن ۾ نيرگل‌سراضر، سمگرنبو، سرسڪيم، ٻيو نيرگل‌سراضر نالي اعليٰ عملدار پڻ شامل هئا، سي اندر لنگھي آيا ۽ شهر جي وچين دروازي وٽ انتظام سنڀالي ويهي رهيا.


ڏسو، دشمن ڪڪرن وانگر وڌندو ٿو اچي. هن جون جنگي گھوڙي گاڏيون واچوڙي وانگر آهن، ۽ سندن گھوڙا عقابن کان بہ تيز آهن. اسان تباهہ ٿي وياسين، اسان برباد ٿي وياسين.


هائو، دشمن جي جنگي گھوڙن جي سنبن جي آواز تي، جنگي گھوڙي گاڏين جي ڪڙڪي تي، ۽ انهن جي ڦيٿن جي کڙڪي تي، خوف وچان پيئرن جا هٿ لولا لنگڙا ٿي پوندا، ايتري قدر جو هو ڀڄندي ڀڄندي پنهنجن ٻارن جي مدد لاءِ بہ نہ موٽندا.


اهي جنگي گھوڙي گاڏين ۽ هٿيارن سان ڀريل گاڏين سان هڪڙو وڏو لشڪر وٺي اتر کان تو تي حملو ڪرڻ ايندا. اهي ڍال ۽ سپر سوڌو جنگي ٽوپ پايو تنهنجو اچي گھيرو ڪندا. آءٌ تو کي هنن جي حوالي ڪري ڇڏيندس جيڪي تو کي پنهنجي پنهنجي قانونن موجب سزا ڏيندا.


خداوند خدا فرمايو تہ ”اي صور شهر! جڏهن تو تي فتح حاصل ڪئي ويندي تڏهن تو اندر جيڪا خونريزي جاري هوندي ۽ جيڪي زخمي پيا دانهون ڪندا ۽ تڙپندا هوندا، تن جو آواز ٻڌي آس‌پاس ٻيٽن ۽ ڪناري وارا ماڻهو ڏڪي ويندا.


آءٌ خداوند خدا صور شهر کي وڌيڪ چوان ٿو تہ ’ياد رک، آءٌ اهو شهنشاهہ، بابل جو بادشاهہ نبوڪدنضر، اتر طرفان تو تي چاڙهي آڻيندس. سندس لشڪر ۾ گھوڙا، جنگي گھوڙي گاڏيون، گھوڙي سوار، ۽ تمام گھڻا جنگي جوڌا هوندا.


هو تنهنجي ڀتين کي ڀڃڻ لاءِ مشينون بيهاريندو، ۽ پهريدارن جي ٺُلهن کي لوهي سيخن سان ڊهرائي ڇڏيندو.


تنهنجي ٻڏندڙ ناکئاين جون رڙيون ٻڌندي ڪناري وارا سڀ ماڻهو خوف وچان ڏڪن ٿا.


جڏهن ماڻهن نفيلن جو ڊگھو آواز ٻڌو ۽ وڏي آواز سان وٺي واڪا ڪيائون، تڏهن شهر جو ڪوٽ اتي ئي ڪري پيو. پوءِ ماڻهو نڪ سامهون شهر ۾ ڪاهي پيا ۽ اهو وڃي هٿ ڪيائون.


پوءِ هو نفيلن سان هڪڙو ڊگھو آواز ڪن. جيئن ئي اوهين اهو ٻڌو تيئن سڀ هڪ وڏو واڪو ڪجو، تہ شهر جو ڪوٽ اتي ئي ڪري پوندو. پوءِ هر ڪو ڄڻو پنهنجي نڪ سامهون شهر ۾ ڪاهي پوي.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ