حزقي ايل 25:6 - Muslim Sindhi Bible6 اوهان بني اسرائيل سان ايتري تہ سخت نفرت ڏيکاري آهي جو انهن جي ملڪ جي برباديءَ تي تاڙيون وڄائي خوشيءَ مان ٽپا ڏنا اٿوَ ۽ دل وَ جان سان جشن ملهايا اٿوَ. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible6 ڇالاءِ جو خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ تو تاڙيون وڄايون آهن، ۽ پير زمين تي ٺوڪيا آهن، ۽ اسرائيل جي ملڪ تي پنهنجي دل جي نهايت نفرت ڏيکارڻ سان خوشي ڪئي اٿيئي؛ အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
اهو حال انهيءَ خوشين واري شهر جو ٿيندو، جيڪو هاڻي بيفڪر رهي پيو. انهيءَ شهر جا رهاڪو هاڻي پنهنجيءَ دل ۾ چون ٿا تہ ”جيڪي آهي سو اسان جو شهر ئي آهي، اسان جي شهر کان سواءِ ٻيو ڪوبہ ڪونهي.“ پر اهو ڪيئن نہ ويران ڪيو ويندو، ۽ جانورن جي جوءِ بڻجي ويندو. جيڪي بہ اتان لنگھندا سي دهلجي ويندا ۽ حيرت وٺي ويندن.