حزقي ايل 25:1 - Muslim Sindhi Bible1 خداوند مون کي فرمايو تہ အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible1 ۽ خداوند جو ڪلام مون تي نازل ٿيو، تہ အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
مصرين ۽ ادومين يهوداہ ملڪ تي حملو ڪري بيگناهہ ماڻهن جو خون وهايو آهي. سو آءٌ يهوداہ وارن جي خون جو بدلو وٺي مصر ۽ ادوم ملڪن کي ويران ۽ اجڙيل بيابان بڻائي ڇڏيندس. هائو، آءٌ ڪڏهن بہ درگزر نہ ڪندس. پر يروشلم پيڙهي بہ پيڙهي قائم رهندو، بلڪ سڄو يهوداہ ملڪ هميشہ آباد رهندو، ۽ آءٌ خداوند ساڻن گڏ صيئون جبل تي رهندس.“
تنهنڪري، آءٌ قادرمطلق خداوند، بني اسرائيل جو جيئرو خدا قسم کڻي چوان ٿو تہ پڪ ئي پڪ آءٌ موآب ۽ عمون ملڪن کي سدوم ۽ عموراہ وانگر ويران ڪري ڇڏيندس. هائو، اتي ڪنڊا ڪانڊيرا اڀري ايندا، ۽ اتان جي زمين ڪلراٺي ۽ کڏون کوٻا ٿي هميشہ جي لاءِ ويران ٿي ويندي. پوءِ منهنجي قوم جا باقي بچيل ماڻهو سندن ملڪن تي قبضو ڪندا.“