Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




حزقي ايل 24:7 - Muslim Sindhi Bible

7 يروشلم جي ماڻهن شهر ۾ بي‌گناهن جو رت وهايو آهي، بلڪ کُليل ٽَڪرَ تي انهن رت وهايو جيڪا اڃا ظاهر پئي آهي. هنن رت کي ڍڪڻ لاءِ ڪابہ ڪوشش نہ ڪئي آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

7 ڇالاءِ جو ان جو رت ان جي وچ ۾ آهي، هن اُهو اُگهاڙي ٽڪر تي رکيو؛ هن اُهو زمين تي نہ هاري وڌو تہ مٽيءَ سان ڍڪجي وڃي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




حزقي ايل 24:7
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

انهيءَ کي وڃي مون خداوند جو هي فرمان ٻڌاءِ تہ ’تو ماڻهوءَ جو خون ڪيو آهي ۽ ان جي ملڪيت بہ ڦري اٿيئي. سو هاڻ آءٌ خداوند چوان ٿو تہ جنهن جاءِ تي نابوت جو رت ڪتن چٽيو آهي، انهيءَ ساڳي جاءِ تي تنهنجو رت بہ ڪتا چٽيندا.‘“


”اي ڌرتي! منهنجي وهايل رت کي نہ لڪاءِ، انصاف واسطي منهنجي فرياد کي پاڻ وٽ روڪي نہ رک.


ڏسو، خداوند پنهنجي عرش عظيم کان لهي اچڻ وارو آهي، انهيءَ لاءِ تہ ڌرتيءَ جي رهاڪن کي سندن بدڪاريءَ جي سزا ڏئي. ان وقت ڌرتيءَ تي ٿيل خونن جو حساب ڪتاب ورتو ويندو، ۽ تڏهن ڌرتي ڪنهن بہ خون کي نہ لڪائيندي.


هنن جي بي‌انصافي سندن ئي خلاف شاهدي ٿي ڏئي، اهي ماڻهو سدوم ۽ عموراہ جي رهاڪن وانگر ظاهر ظهور گناهہ ڪن ٿا، ۽ لڪائين نہ ٿا. سو ويل آهي انهن لاءِ! ڇاڪاڻ تہ هنن پاڻ پنهنجي سر تي بڇڙائي آندي آهي.


ان کان علاوہ تنهنجي ڪپڙن تي رت جا داغ بي‌گناهہ غريبن جا آهن نڪي کاٽ هڻندڙن جا.


ڇا هو پنهنجن ڪراهت جهڙن ڪمن کان شرمندا آهن؟ نہ، هنن کي بلڪل شرم ڪونهي آيو، کين اها بہ خبر ڪانهي تہ شرم ڪهڙي شيءِ آهي. سو برباد ٿيندڙن سان گڏ هو بہ برباد ٿيندا. جڏهن آءٌ کين سزا ڏيندس تڏهن سندن پڄاڻي ٿي ويندي. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“


جيڪو خون تو ۾ وهايو ويو آهي تنهن جي ڪري تون ڏوهاري قرار ڏنو ويو آهين ۽ تو ۾ ٺاهيل بتن جي ڪري تون پليت ٿي پيو آهين. ائين تو پنهنجا ڏينهن آڻي ويجھا ڪيا آهن ۽ پنهنجي پڄاڻيءَ تي اچي پهتو آهين. تنهنڪري آءٌ تو کي اهڙو بڻائيندس جنهن تي ٻيون قومون ۽ سڀيئي ملڪ ملامت ۽ کل ٺٺوليون ڪندا.


پر سچار ماڻهو انهن تي اها ئي فتويٰ جاري ڪندا، جيڪا زناڪار ۽ خوني عورتن تي جاري ڪئي ويندي آهي، ڇاڪاڻ تہ بيشڪ اهي ٻيئي زناڪار آهن ۽ سندن هٿ خون ۾ رنڱيل آهن.


بني اسرائيل مان يا سندن قوم ۾ شامل ٿيل ڌارين مان جيڪو بہ ماڻهو ڪنهن حلال جانور يا حلال پکيءَ جو شڪار ڪري، تہ اهو انهيءَ جو رت زمين تي وهائي انهيءَ کي مٽيءَ سان ڍڪي ڇڏي.


خداوند فرمائي ٿو تہ ”آءٌ بني آدم تي ايتري مصيبت آڻيندس، جو هو انڌن وانگر ٿيڙ کائيندا، ڇاڪاڻ تہ هنن مون خداوند جو گناهہ ڪيو آهي. هنن جو رت پاڻيءَ وانگر وهايو ويندو، ۽ سندن لاش زمين تي ڳرندا ۽ سڙندا رهندا.


مگر اوهين رت هرگز نہ کائجو پيئجو، بلڪ اهو پاڻيءَ وانگر زمين تي هاري ڇڏجو.


اوهين اهو رت هرگز نہ کائجو پيئجو بلڪ اهو پاڻيءَ وانگر زمين تي هاري ڇڏجو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ