Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




حزقي ايل 24:6 - Muslim Sindhi Bible

6 سو آءٌ خداوند خدا چوان ٿو تہ ويل آهي انهيءَ خوني شهر يروشلم لاءِ! يعني گندگي لڳل انهيءَ ديڳڙي لاءِ، جنهن مان گندگي لاٿي ئي نہ ويئي آهي. سو گوشت جا سڀيئي ٽڪرا ديڳڙي مان ڪڍي ٻاهر ڦٽو ڪر، ۽ ڪنهن بہ هڪڙي ٽڪر کي خاص سمجھي پوئتي نہ بچاءِ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

6 انهي ڪري خداوند خدا ٿو فرمائي، تہ ويل آهي انهي خوني شهر سان ۽ انهي ديڳ سان جنهن جو ڪٽ انهي ۾ آهي، ۽ جنهن جو ڪٽ انهي مان لاٿو نہ ويو آهي! ٽڪر ٽڪر ڪري انهي کي ٻاهر ڪڍ؛ انهي تي ڪو ڪُڻو نہ پيو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




حزقي ايل 24:6
33 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هن موآبين کي پڻ شڪست ڏني ۽ انهن کي زمين تي قطار ۾ سمهاري رسيءَ سان انهن جي ماپ ورتائين. هر ٻن رسين جي ماپ وارا ماڻهو هن مارائي ڇڏيا ۽ ٽين رسيءَ جي ماپ وارا جيئرا ڇڏي ڏنائين. اهڙيءَ طرح موآبي دائود جا ٽيڪس ڀريندڙ تابعدار ٿيا.


ان کان علاوہ منسيءَ ايترو تہ بي‌گناهہ رت وهايو جو يروشلم کي هڪڙي ڇيڙي کان ٻئي ڇيڙي تائين رت سان ڀري ڇڏيائين. انهيءَ کان سواءِ منسيءَ اهو گناهہ بہ ڪيو جو يهوداہ وارن کي گمراهہ ڪري کانئن اهڙا ڪم ڪرايائين جيڪي خداوند جي نظر ۾ برا هئا.


بيشڪ يهوداہ سان اهو سڀ ڪجھہ خداوند جي حڪم موجب ئي ٿيو، تہ جيئن هو يهوداہ وارن کي منسيءَ جي گناهن جي ڪري پنهنجي حضور مان تڙي ڪڍي ڇڏي.


خاص طور منسيءَ بي‌گناهن جو ايترو تہ رت وهايو جو هن يروشلم کي رت سان ڀري ڇڏيو هو، جنهن ڪري خداوند کيس معافي ڏيڻ نہ ٿي گھري.


هاڻ تون ڪيتري بہ صابڻ سان غسل ڪرين، ۽ کڻي ڪيترو ئي پاڻ کي کار سان ڌوئين، تہ بہ منهنجي نظر ۾ تنهنجي بدڪاريءَ جو چُٽو تو تان ڪين لهندو.


منهنجي قوم اهڙي شيهي مثل آهي، جنهن کي جيترو بہ تيز ڌوڻي هڻي ڳاريو وڃي، تہ بہ انهيءَ مان مير نہ نڪرندي، ڇاڪاڻ تہ اها قوم بڇڙن ماڻهن کان پاڪ نہ ٿي ٿئي.


هي شهر ديڳ بڻجي اوهان جي حفاظت نہ ڪندو، نہ ئي وري اوهين انهيءَ ۾ گوشت بڻجي محفوظ ٿيندا، بلڪ اوهان جي خلاف منهنجو قتلام وارو فيصلو بني اسرائيل جي ملڪ جي حدن اندر ئي پورو ٿي ويندو.


اهي چون ٿا تہ ’اسين جلد ئي وري گھرن کي اڏينداسين. هي شهر ديڳ مثل آهي ۽ اسين انهيءَ ۾ گوشت مثل آهيون. پر گھٽ ۾ گھٽ اها ديڳ اسان کي سڌي باهہ کان محفوظ رکي ٿي.‘


تو منجھہ رشوت وٺي ماڻهن جو خون وهايو وڃي ٿو ۽ وڏو وياج ۽ ناجائز منافعو ورتو وڃي ٿو. لالچ وچان ظلم زبردستيءَ سان پنهنجي پاڙيسرين کي لٽيو ڦريو وڃي ٿو. مطلب تہ منهنجي حڪمن جي انحرافي ڪندي تنهنجي رهاڪن مون خداوند خدا کي بلڪل وساري ڇڏيو آهي.


”اي حزقي‌ايل، آدم جو اولاد! ڇا تون يروشلم وارن کي سندن سزا ٻڌائڻ لاءِ تيار آهين؟ ڇا تون انهيءَ خوني شهر کي سندس خلاف فيصلو ٻڌائيندين؟ تون انهيءَ کي سندس ڪراهت وارا ڪم ياد ڏيار.


بني اسرائيل جا اڳواڻ چير ڦاڙ ڪندڙ بگھڙن وانگر آهن، جيڪي ماڻهن کي زخم ٿا رسائين يا کين ماري ٿا ڇڏين. ائين ڪرڻ سان اهي اڳواڻ ناجائز فائدو حاصل ڪن ٿا.


انهيءَ شهر کي مون خداوند خدا جو هي پيغام ٻڌاءِ تہ ’اي يروشلم! تو ۾ گھڻن ئي ماڻهن جي خونريزي ڪئي ويئي آهي ۽ بتن جي پوڄا ڪئي ويئي آهن. تنهنڪري جلد ئي تو کي سزا ڏني ويندي.


سو تون منهنجي باغيءَ قوم کي بابل جي بادشاهہ جي چڙهائيءَ جي باري ۾ مون خداوند خدا جو هي پيغام مثال طور ٻڌاءِ تہ ديڳڙو چاڙهہ. هائو، ديڳڙي ۾ پاڻي وجھي، انهيءَ کي باهہ تي رک.


آءٌ خداوند خدا انهيءَ خوني شهر کي هاڻي سزا ڏيندس، آءٌ خود ڪاٺين جي انهيءَ ڍڳ کي اڃا وڌائيندس.


هنن منهنجي قوم جي قيدين کي پاڻ ۾ ورهائڻ لاءِ ڪڻا وڌا آهن. هنن ڇوڪرن توڙي ڇوڪرين کي ڪڃريون گھرائڻ ۽ شراب خوريءَ جي عيوض وڪڻي ڇڏيو آهي.


جنهن ڏينهن بابلي دشمنن يروشلم جا دروازا ٿي ڀڳا، ۽ شهر جي مال ملڪيت کي لٽي ڦري پاڻ ۾ ٿي ورهايائون، تنهن ڏينهن اوهان هڪ پاسي خاموشيءَ سان بيٺي تماشو ڏٺو. سو اوهين بہ انهن بڇڙن ڌارين وانگر ئي بڇڙا آهيو.


انهيءَ کان پوءِ ملاحن هڪٻئي کي چيو تہ ”اچو تہ اسين ڪُڻا وجھي ڏسون تہ ڪنهن جي ڪري هيءَ آفت اسان تي آئي آهي.“ تڏهن هنن ڪڻا وڌا ۽ ڪُڻي ۾ يونس جو نالو نڪتو.


ساڳيءَ طرح هن ملڪ ۾ ڪو نيڪ ماڻهو نظر ئي نہ ٿو اچي. هائو، ڪنهن کي بہ خدا جو خوف ڪونہ آهي. هر ڪو ماڻهو ٻئي جو خون ڪرڻ لاءِ تاڙ ۾ ويٺو آهي، ۽ پنهنجي هم‌وطنن کي شڪار ڪرڻ لاءِ هر ڪو ڄار وڇايو ويٺو آهي.


مصيبت آهي ان خوني شهر لاءِ، جيڪو ڪوڙ ۽ ڦر سان ٽمٽار آهي، جيڪو ڦر ۽ خون خرابي کان باز نہ ٿو اچي.


تنهن هوندي بہ اهو سڄو شهر قيد ڪري نيو ويو، ۽ ان جا ٻارڙا بہ هر گھٽيءَ جي چونڪ تي اڇلائي ماريا ويا. ان جا سڀيئي وڏا ماڻهو زنجيرن سان جڪڙيا ويا، ۽ کين غلام بڻائڻ لاءِ ڪڻا وڌا ويا.


انهيءَ لاءِ تہ سڀني نيڪن جو خون جيڪو ڌرتيءَ تي وهايو ويو سو اوهان جي ڳچيءَ ۾ پوي، يعني نيڪ هابيل کان وٺي برڪياہ جي پٽ زڪرياہ جي خون تائين، جنهن کي اوهان هيڪل جي اڱڻ ۾ قربان‌گاهہ ۽ مقدس جاءِ جي وچ ۾ ماريو هو.


اوهين پاڻ سان پنهنجي هٿيارن ۾ هڪڙو رنبو بہ رکجو، انهيءَ لاءِ تہ جڏهن اوهين ٻاهر پاخاني ڪرڻ لاءِ وڃو، تڏهن انهيءَ سان زمين کي کوٽيو ۽ اٿڻ وقت گند کي ڍڪي ڇڏيو.


پوءِ يشوع چيو تہ ”غار جو منهن کوليو ۽ انهيءَ مان پنجن ئي بادشاهن کي ڪڍي مون وٽ وٺي اچو.“


مون انهيءَ عورت کي مسيح ۾ چونڊي پاڪ ڪيلن جو رت پيئڻ سان الوٽ ڏٺو، جن کي عيسيٰ بابت شاهدي ڏيڻ سبب قتل ڪيو ويو هو. آءٌ انهيءَ عورت کي ڏسي ڏاڍو حيران ٿي ويس.


خدا جو پيغام ڏيندڙن توڙي مسيح ۾ چونڊي پاڪ ڪيلن، مطلب تہ جن کي بہ زمين تي ڪُٺو ويو آهي، تن سڀني جو رت تو ۾ ٿو ملي.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ