حزقي ايل 24:25 - Muslim Sindhi Bible25 خداوند مون کي وڌيڪ فرمايو تہ ’اي حزقيايل! ڏس، آءٌ هيڪل کي برباد ڪري ڇڏيندس. اها هيڪل جيڪا سندن سلامتيءَ جو سهارو، شان وَ شوڪت، دل جي پياري ۽ سندن فخر آهي. آءٌ انهن کان سندن پٽ ۽ ڌيئرون بہ کسي وٺندس. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible25 ۽ اي آدمزاد، تون ڏس، جنهن ڏينهن آءٌ هنن کان سندن طاقت، سندن وڏائي جي خوشي، سندن اکين جي خواهش، ۽ اُهي جي سندن دل گهُريا آهن، يعني سندن پٽ ۽ سندن ڌيئرون، سي کسي وٺندس، အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
آءٌ اوهان جلاوطن بني اسرائيل وارن کي خداوند خدا جو هي پيغام ٻڌايان تہ ’ياد رکو، منهنجي مقدس هيڪل جنهن کي اوهين پنهنجي سلامتيءَ جو سهارو ٿا سمجھو ۽ جيڪا اوهان جي دل جي پياري آهي ۽ جنهن تي اوهين فخر ٿا ڪريو، تنهن کي آءٌ پليت ڪرائي ڇڏيندس. آءٌ اوهان جي پٽن ۽ ڌيئرن کي جنگ ۾ مارائي ڇڏيندس، جيڪي اوهان پٺيان يروشلم ۾ ڇڏي آيا آهيو.