Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




حزقي ايل 24:23 - Muslim Sindhi Bible

23 اوهان جا پٽڪا اوهان جي مٿن تي ٻڌل هوندا ۽ اوهان جون جتيون اوهان جي پيرن ۾ هونديون. اوهين نہ روئندا، نڪي رڙندا، بلڪ اوهين پنهنجي بدڪارين جي ڪري ڳڻتيءَ ۾ پيا ڳرندا ۽ هڪٻئي ڏانهن نهاري آهون پيا ڀريندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

23 اوهان جا پٽڪا اوهانجن مٿن تي هوندا، ۽ اوهان جون جُتيون اوهانجن پيرن ۾ هونديون: اوهين نہ روئندا نہ رڙندا، پر اوهين پنهنجين بدڪارين جي ڪري ڳڻتيءَ ۾ ڳري ويندا، ۽ هڪ ٻئي سان ڏک سور اوريندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




حزقي ايل 24:23
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر دائود زيتون جي ٽڪر واري چاڙهيءَ تي چڙهي ويو. هو مٿي چڙهندي روئندو ٿي ويو. ڏک وچان سندس مٿو ڍڪيل ۽ پير اگھاڙا هئا. جيڪي ماڻهو ساڻس گڏ هئا، تن جا بہ مٿا ڍڪيل هئا ۽ اهي بہ مٿي چڙهندي روئندا ٿي ويا.


انهن مان جيڪي باقي بچندا آهن، سي وبا ۾ مري کپي ويندا آهن، ۽ انهن جون رنون‌زالون بہ مٿن ڪين روئنديون آهن.


اوهين، جن کي خداوند بچايو آهي، تن مان ڪي بي‌وقوف پنهنجن گناهن جي ڪري بيمار ٿيا هئا، ۽ پنهنجين بدڪارين جي ڪري ڏکن ۾ پيا هئا.


انهن جي ڪاهنن ۾ پڻ اهڙي تہ خونريزي اچي پيئي، جو سندن رنون‌زالون هنن لاءِ روئي رڙي بہ نہ سگھيون.


انهيءَ کان ٽي سال اڳ ۾ خداوند يسعياہ ولد آموص کي فرمايو هو تہ ”اي يسعياہ! جتيءَ سميت پنهنجي بدن تان هر شيءِ لاهي ڇڏ.“ يسعياہ ائين ئي ڪيو ۽ ٽن سالن تائين بلڪل اگھاڙو گھمندو ڦرندو رهيو.


اسين سڀ پريشانيءَ وچان رڇن وانگر روڙون ٿا ڪريون، ۽ ڳيرن وانگر اوساريون ٿا. اسين انصاف جي واٽ ڳوليون ٿا، پر اها نہ ٿي لڀي. اسين انتظار ۾ آهيون تہ اسان کي بچايو وڃي، پر اسان جو بچاءُ اسان کان دور آهي.


خداوند مون کي فرمايو تہ ”تون يهوداہ جي بادشاهہ ۽ سندس والدہ راڻيءَ کي چئُہ تہ ’پنهنجي پنهنجي تخت تان هيٺ لهو، ڇو تہ اوهان جو شان وَ شوڪت وارو تاج اوهان جي مٿي تان لاٿو وڃي ٿو.


سڀاڳا هئا اهي جيڪي جنگ ۾ قتل ٿي ويا. ويل آهي انهن باقي بچيلن لاءِ! جيڪي بک وگھي آهستي آهستي مريو وڃن ٿا، ڇاڪاڻ تہ کين کاڌو نہ ملڻ ڪري اهي سڙندا ڳرندا پيا وڃن.


پوءِ اوهين ائين ئي ڪندا جيئن مون خداوند حزقي‌ايل کي حڪم ڏنو آهي. اوهين پنهنجو ڏک ظاهر نہ ڪندا يعني اوهين پنهنجو منهن نہ ڍڪيندا ۽ نہ وري روئڻ پٽڻ وارن جي مانيءَ مان ڪجھہ کائيندا.


خداوند مون کي فرمايو تہ ”اي حزقي‌ايل، آدم جو اولاد! بني اسرائيل قوم وارا شڪايت ٿا ڪن تہ ’اسان جي گناهن جي مليل سزا اسان جي برداشت ڪرڻ کان ٻاهر آهي. اسان کي بچي وڃڻ جي ڪا اميد نہ رهي آهي.‘


انهيءَ لاءِ تہ اهي کاڌي پيتي جا محتاج بڻجي هڪٻئي ڏانهن حيراني ۽ پريشانيءَ سان ڏسن ۽ پنهنجن گناهن جي سزا ۾ آهستي آهستي ڳرندا سڙندا وڃن.“


تہ آءٌ اوهان سان هيئن ڪندس جو اوهان تي دهشت ۽ اهڙيون بيماريون ۽ تپ نازل ڪندس، جيڪي اوهان جي اکين کي انڌو ڪري ڇڏيندا ۽ اوهان جي جان کي ڳاري ڇڏيندا. اوهان جو ٻج پوکڻ اجايو ٿيندو، ڇاڪاڻ تہ انهيءَ جو فصل اوهان جا دشمن کائيندا.


اوهان منجھان جيڪي باقي بچيل هوندا سي پنهنجن دشمنن جي ملڪن ۾ پنهنجن گناهن توڙي پنهنجن ابن ڏاڏن جي گناهن جي ڪري مرندا ڳرندا ويندا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ