Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




حزقي ايل 24:21 - Muslim Sindhi Bible

21 آءٌ اوهان جلاوطن بني اسرائيل وارن کي خداوند خدا جو هي پيغام ٻڌايان تہ ’ياد رکو، منهنجي مقدس هيڪل جنهن کي اوهين پنهنجي سلامتيءَ جو سهارو ٿا سمجھو ۽ جيڪا اوهان جي دل جي پياري آهي ۽ جنهن تي اوهين فخر ٿا ڪريو، تنهن کي آءٌ پليت ڪرائي ڇڏيندس. آءٌ اوهان جي پٽن ۽ ڌيئرن کي جنگ ۾ مارائي ڇڏيندس، جيڪي اوهان پٺيان يروشلم ۾ ڇڏي آيا آهيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

21 اسرائيل جي گهراڻي کي چئو تہ خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ ڏس، آءٌ پنهنجو پاڪ مڪان، جو اوهان جي طاقت جو فخر آهي، ۽ اوهان جي اکين جي خواهش آهي، ۽ جنهن تي اوهان جو هانءُ ٿو ڪُرڪي، تنهن کي آءٌ ناپاڪ ڪندس، ۽ اوهان جا پٽ ۽ اوهان جون ڌيئرون، جي اوهين پٺيان ڇڏي آيا آهيو، سي ترار سان ڪِرندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




حزقي ايل 24:21
33 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تہ پوءِ آءٌ بني اسرائيل کي انهيءَ ملڪ مان ڪڍي ڇڏيندس جيڪو مون کين ڏنو آهي، ۽ هيءَ هيڪل جنهن کي مون پنهنجي نالي تي مخصوص ڪيو آهي، تنهن کي رد ڪري ڇڏيندس. بني اسرائيل پوءِ سڀني قومن ۾ هڪڙو پهاڪو ۽ ٽوڪن‌هاب ٿي پوندا.


اوهين خداوند جا ۽ سندس قدرت جا طالبو رهو. اوهين سندس ديدار جي طلب رکندي هيڪل ۾ ايندا رهو.


سو هاڻ اُٿ، اي خداوند! پنهنجي نئين آرام‌گاهہ ۾ هل، پنهنجي قدرت واري صندوق سان انهيءَ هيڪل ۾ داخل ٿيءُ.


آءٌ خداوند کي رڳو هڪڙو عرض ٿو ڪريان، جيڪو آءٌ چاهيندو ٿو رهان. منهنجو عرض اهو آهي تہ سڄي ڄمار آءٌ سندس گھر ۾ رهان، انهيءَ لاءِ تہ آءٌ خداوند جو جمال پسان، ۽ سندس هيڪل ۾ سندس ئي طلب ۾ رهان.


هنن تنهنجي مقدس هيڪل کي باهہ ڏيئي ساڙي ڇڏيو هو. هنن انهيءَ جاءِ کي ڊاهي پليت ڪيو هو، جيڪا تنهنجي نالي سان منسوب هئي.


اي خدا! هي ملڪ جيڪو تنهنجي ملڪيت آهي، تنهن ۾ ڌاريون قومون گھڙي آيون آهن. هنن تنهنجي مقدس هيڪل کي ڊاهي ان جي بي‌حرمتي ڪئي آهي، ۽ يروشلم شهر کي ڪيرائي کنڊر بڻائي ڇڏيو اٿائون.


اي قادرِمطلق خداوند! تنهنجو گھر ڪيڏو نہ دلڪش آهي!


اي قادرِمطلق خداوند! اي منهنجا بادشاهہ ۽ منهنجا خدا! جھرڪيءَ بہ اچي تنهنجي قربان‌گاهہ وٽ پنهنجو گھر جوڙيو آهي. ابابيل بہ اچي اتي آکيرو جوڙي پنهنجي ٻچن کي رهايو آهي.


بيشڪ عظمت ۽ حشمت هن جي ئي حضور ۾ آهن، ۽ طاقت ۽ حسن بہ سندس مقدس ترين جاءِ ۾ آهن.


پر اي اوهين! جن مون خداوند کي ڇڏي ڏنو آهي، ۽ جن منهنجي پاڪ جبل صيئون کي وساري ڇڏيو آهي، هائو، اوهين جيڪي بتن کي نصيب ۽ قسمت جا ديوتا سڏيو ٿا، ۽ سندن پوڄا ڪندي هنن لاءِ دسترخانا وڇايو ٿا، ۽ مئي جو پيالو ڀري نذراني طور رکي ٿا ڇڏيو، سي ياد رکو، اوهان جي نصيب ۾ هي لکيو ويو آهي تہ


پر اي خداوند! انهيءَ سبب هنن خلاف تنهنجي ڪاوڙ مون ۾ ايتري تہ ڀرجي ويئي آهي، جو هاڻ آءٌ انهيءَ ڪاوڙ کي وڌيڪ روڪي نہ ٿو سگھان.“ تنهن تي خداوند مون کي فرمايو تہ ”وڃي گھٽين ۾ گڏ ٿيل ٻارن، ۽ جوان ماڻهن جي مجلسن تي اُها اُٽلاءِ، مرد توڙي عورتون، پوڙها توڙي عمررسيدہ، سڀ انهيءَ ۾ ڦاسي پوندا، ڪوبہ انهيءَ کان بچي نہ سگھندو.


تنهنڪري آءٌ پنهنجي نالي تي سڏجندڙ هن گھر جو، جنهن تي اوهان جو ڀروسو آهي ۽ انهيءَ جاءِ جيڪا مون اوهان کي ۽ اوهان جي ابن ڏاڏن کي ڏني هئي، تنهن جو بہ اهڙو ئي حال ڪندس جهڙو مون سيلا جو ڪيو هو.


ڇاڪاڻ تہ موت اسان جي درين منجھان ٽپي اسان جي قلعن اندر گھڙي آيو آهي، ان ننڍڙن ٻارن کي گھٽين ۾ ۽ نوجوانن کي چونڪن تي وڍي اڇلائي ڇڏيو آهي.


هن جي دشمنن ساڻس زوري ڪئي آهي، جو سندس سموري خزاني تي پنهنجا هٿ ڊگھيريا اٿن. بلڪ جن غير قوم وارن بابت خداوند حڪم فرمايو هو تہ کين بني اسرائيل قوم جي فردن ۾ هرگز شامل نہ ڪيو وڃي، سي هاڻ تہ کُليو کُلايو سندس مقدس هيڪل ۾ گھڙي آيا آهن.


آہ! پروردگار پنهنجي غضب وچان، پياري صيئون کان ڪيڏي نہ سخت نفرت ٿو ڪري. جيتوڻيڪ اهو بني اسرائيل جي عظمت، ۽ پروردگار جي پنهنجي آرام جي جاءِ هو، تنهن هوندي بہ ڌڻيءَ انهيءَ جي شان وَ شوڪت کي پنهنجي غضب وچان آسمان کان زمين تي اڇلائي ڇڏيو.


منهنجا ماڻهو جوان توڙي پوڙها گھٽين ۾ مئا پيا آهن. هائو، تنهنجي ڪاوڙ جي ڪري منهنجا جوان مرد توڙي عورتون تلوار سان قتل ڪيا ويا آهن. تو انهن جو ڪوس ڪرايو آهي، ۽ مٿن ڪوبہ رحم نہ ڪيو اٿيئي.


آءٌ پنهنجي غيرت سببان تنهنجو مخالف بڻجي ويندس. اهي تو سان ڏاڍي سختيءَ سان پيش ايندا. اهي تنهنجو نڪ ۽ ڪن وڍي ڇڏيندا ۽ تنهنجي پٽن ۽ ڌيئرن کي قتل ڪري ڇڏيندا. هائو، اهي تنهنجا پٽ ۽ ڌيئر تو کان کسي کين جيئرو باهہ ۾ ساڙي ڇڏيندا.


اهو لشڪر انهن کي سنگسار ڪندو ۽ پنهنجي تلوارن سان کين قتل ڪري ڇڏيندو. هو سندن پٽن ۽ ڌيئرن کي بہ ڪهي ڇڏيندا ۽ سندن گھر ساڙي رک ڪري ڇڏيندا.


”اي حزقي‌ايل، آدم جو اولاد! ڏس، آءٌ هڪڙي ڌڪ سان تنهنجي دل جي پياري تو کان کسي وٺندس، پر انهيءَ لاءِ نہ تون ڪو سوڳ ڪجانءِ ۽ نہ وري روئي ڳوڙها ڳاڙجانءِ.


مون کين وراڻيو تہ ”مون تي خداوند جو فرمان نازل ٿيو آهي تہ


پوءِ اوهين ائين ئي ڪندا جيئن مون خداوند حزقي‌ايل کي حڪم ڏنو آهي. اوهين پنهنجو ڏک ظاهر نہ ڪندا يعني اوهين پنهنجو منهن نہ ڍڪيندا ۽ نہ وري روئڻ پٽڻ وارن جي مانيءَ مان ڪجھہ کائيندا.


خداوند مون کي وڌيڪ فرمايو تہ ’اي حزقي‌ايل! ڏس، آءٌ هيڪل کي برباد ڪري ڇڏيندس. اها هيڪل جيڪا سندن سلامتيءَ جو سهارو، شان وَ شوڪت، دل جي پياري ۽ سندن فخر آهي. آءٌ انهن کان سندن پٽ ۽ ڌيئرون بہ کسي وٺندس.


آءٌ هن ملڪ کي سڃ ۽ ويران ڪري ڇڏيندس ۽ اوهان جي طاقت جو غرور خاڪ ۾ ملائي ڇڏيندس. بني اسرائيل جي ملڪ جو جابلو علائقو اهڙو تہ ويران ڪري ڇڏيندس جو ڪوبہ انهيءَ علائقي مان نہ لنگھندو.


تنهنڪري آءٌ سڀني ظالم غير قومن مان وڌيڪ ظالم قوم کي هتي آڻيندس، جيڪي اوهان جي گھرن جا مالڪ ٿيندا. آءٌ انهن ظالمن جي هٿان اوهان جي پوڄا گھرن کي پليت ڪرائي ڇڏيندس. اهڙيءَ طرح آءٌ اوهان جي طاقتورن جو غرور ٽوڙي ڇڏيندس.


خدا کين وڌيڪ فرمايو تہ ”هيڪل جي اڱڻن ۾ لاشن جا ڍير ڪري منهنجي هيڪل کي ناپاڪ ڪري ڇڏيو. نڪرو جلدي ڪريو.“ تڏهن هو نڪري ويا ۽ شهر ۾ ڪوس شروع ڪري ڏنائون.


سو هو مقدس هيڪل ۾ پنهنجي فوج بيهاري بني اسرائيل جي انهيءَ پناهہ‌گاهہ جي بي‌حرمتي ڪندو. هو روزانو واريون قربانيون بند ڪري ڇڏيندو ۽ بربادي آڻيندڙ مڪروهہ شيءِ اتي رکندو.


اسرائيل وارن کي هنڌائتو ڌڪ لڳو آهي، جو انهن جي پاڙ سڪي ويئي آهي، هاڻي هو ڦر ڪين جھلي سگھندا، هائو، هو بي‌اولاد ئي رهندا. پر جيڪڏهن کين ڪو اولاد ٿيو بہ تہ آءٌ سندن انهيءَ پياري اولاد کي ڪهي ڇڏيندس.“


آءٌ اوهان جو شهزوريءَ وارو هٺ ڀڃي ڇڏيندس ۽ اوهان جي لاءِ آسمان کي پتل جهڙو ۽ زمين کي لوهہ جهڙو ڪري ڇڏيندس.


خداوند چاهي ٿو تہ هو هر انهيءَ ماڻهوءَ کي پنهنجي عهد مان خارج ڪري ڇڏي، جيڪو اهڙو ڪم ڪري، پوءِ اهو کڻي ڪير بہ هجي، توڙي اهو جيڪو قادرِمطلق خداوند لاءِ نذرانو پيش ڪري ٿو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ