Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




حزقي ايل 24:2 - Muslim Sindhi Bible

2 ”اي حزقي‌ايل، آدم جو اولاد! تون هيءُ ڏينهن لکي ڇڏ. هائو، اڄوڪي ڏينهن جي تاريخ لکي ڇڏ، ڇاڪاڻ تہ بلڪل اڄ ئي بابل جو بادشاهہ يروشلم شهر کي وري ٻيهر گھيرو ڪرڻ لاءِ چڙهائي ڪري ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

2 اي آدمزاد، تون هنن ڏينهن جو نالو لک، يعني اڄوڪي ساڳئي ڏينهن جو: اڄوڪي ساڳي ڏينهن بابل جو بادشاهہ يروشلم کي رڙهي ويجهو ٿيندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




حزقي ايل 24:2
8 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

بابل جي بادشاهہ جي خلاف صدقياہ بادشاهہ بغاوت ڪئي. سو سندس بادشاهيءَ جي نائين سال، ڏهين مهيني جي ڏهين تاريخ بابل جو بادشاهہ نبوڪدنضر پنهنجو سمورو لشڪر وٺي يروشلم تي ڪاهي آيو. هن شهر جي ٻاهران اچي خيما کوڙيا ۽ گھيري ڪرڻ لاءِ چوڌاري مورچا تعمير ڪرايائين.


خداوند مون يسعياہ کي فرمايو تہ ”تون اورياہ ڪاهن ۽ زڪرياہ بن يبرڪياہ کي شاهد بڻاءِ، جيڪي ڀروسي جوڳا آهن، پوءِ هڪڙي وڏي تختي کڻ ۽ انهيءَ تي صاف اکرن ۾ هي لک تہ ’فوري حملو، تڪڙ ۾ لٽ جو مال.‘“


يروشلم تي هيئن قبضو ٿيو جو يهوداہ جي بادشاهہ صدقياہ جي بادشاهيءَ جي نائين سال جي ڏهين مهيني ۾، بابل جو بادشاهہ نبوڪدنضر پنهنجو سڄو لشڪر ساڻ ڪري يروشلم تي ڪاهي آيو ۽ ان کي گھيرو ڪري ويهي رهيو.


سو صدقياہ جي بادشاهيءَ جي نائين سال، ڏهين مهيني جي ڏهين تاريخ تي بابل جو بادشاهہ نبوڪدنضر پنهنجو سڄو لشڪر وٺي يروشلم تي ڪاهي آيو. هن يروشلم جي ٻاهران پنهنجا خيما کوڙيا ۽ شهر جي چوڌاري مورچا تعمير ڪرايائين.


اسان جي بابل ڏانهن جلاوطنيءَ جي نائين سال، ڏهين مهيني جي ڏهين تاريخ تي خداوند وري مون کي فرمايو تہ


اسان جي جلاوطنيءَ جي ٻارهين سال، ڏهين مهيني جي پنجين تاريخ تي مون وٽ هڪڙو ماڻهو آيو جيڪو يروشلم کان ڀڄي نڪتو هو، تنهن مون کي ٻڌايو تہ شهر تي بابل وارن جو قبضو ٿي ويو آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ