Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




حزقي ايل 24:16 - Muslim Sindhi Bible

16 ”اي حزقي‌ايل، آدم جو اولاد! ڏس، آءٌ هڪڙي ڌڪ سان تنهنجي دل جي پياري تو کان کسي وٺندس، پر انهيءَ لاءِ نہ تون ڪو سوڳ ڪجانءِ ۽ نہ وري روئي ڳوڙها ڳاڙجانءِ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

16 اي آدمزاد، ڏس آءٌ هڪڙي ڌڪ سان توکان تنهنجين اکين جي پياري کسي ٿو وٺان: انهي هوندي بہ نہ تون ماتم ڪندين، نہ روئندين ۽ نہ ڳوڙها ڳاڙيندين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




حزقي ايل 24:16
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

”مون کي اڄ بہ خدا سان سخت شڪايت آهي، منهنجي چيچلائڻ جي باوجود سندس ڳرو هٿ مون تي پيو آهي.


سو خبردار، متان تنهنجو غصو تو کي وڌيڪ گمراهہ نہ ڪري ڇڏي، يا ناجائز دولت ميڙي سدائين قائم رهڻ واري تنهنجي سوچ تو کي ٻوڙي نہ ڇڏي.


اها اوهان لاءِ بلڪل هرڻيءَ وانگر خوبصورت ۽ دلپسند آهي ۽ سندس بدن اوهان جي من کي موهيندڙ آهي. اوهين هميشہ انهيءَ جي ئي محبت ۾ مست رهو.


اي منهنجا محبوب! آءٌ تنهنجي آهيان، ۽ تون مون لاءِ ئي مشتاق آهين.


پر جيڪڏهن اوهين نہ ٻڌندا، تہ پوءِ آءٌ اوهان جي مغروريءَ جي ڪري لڪي لڪي روئندس. هائو، ان وقت منهنجيون اکيون زار وَ قطار روئنديون ۽ ڳوڙها ڳاڙينديون، جڏهن خداوند جي پياري قوم قيد ڪئي ويندي.


آءٌ خداوند تو کي حڪم ٿو ڏيان تہ تون ڪنهن بہ اهڙي گھر ۾ داخل نہ ٿيءُ جتي ڪو مري ويو هجي. تون اتي افسوس ڪرڻ ۽ همدردي ڏيکارڻ لاءِ نہ وڃ، ڇاڪاڻ تہ مون هن قوم تان سلامتي، شفقت ۽ رحمت کڻي ورتي آهي.


اي يهوداہ وارؤ! اوهين مري ويل بادشاهہ يوسياہ جي لاءِ نہ روئو ۽ نہ انهيءَ جي لاءِ ماتم ڪريو، بلڪ سندس پٽ يهوآخز جي لاءِ زاروزار روئو، جيڪو جلاوطن ٿي ويو آهي، ڇاڪاڻ تہ هو وري موٽي پنهنجو وطن نہ ڏسندو.


خداوند فرمائي ٿو تہ ”تنهنڪري يهوداہ جي بادشاهہ يهويقيم ولد يوسياہ جي دفن ٿيڻ وقت ماڻهو انهيءَ لاءِ هڪٻئي کي هي چئي سوڳ نہ ڪندا تہ ’هاءِ منهنجا ادا! اسان جو بادشاهہ ڇو اسان کي ڇڏي ويو!‘ يا ’هاءِ منهنجي ادي! اسان جي بادشاهہ جو شان وَ شوڪت ڪيڏانهن ويو!‘


ڪاش! منهنجي اندر ۾ لڙڪن جو کوهہ هجي ها، ۽ منهنجيون اکيون ڳوڙهن جو چشمو هجن ها. انهيءَ لاءِ تہ آءٌ رات ڏينهن پنهنجي قوم جي ڪوس تي روئندو رهان ها.


ماڻهن وراڻيو تہ ”بيشڪ اهي جلدي اچن ۽ اچي اسان تي ويڻ ڪن، تان جو اسان جون اکيون ڳوڙهن سان اٿلي پون ۽ اسان جي پنبڻين مان نير جاري ٿين.


اي پياري صيئون جا ڪوٽ! تون پروردگار آڏو دل جي گھراين سان فرياد ڪر. رات ڏينهن تنهنجا لڙڪ نديءَ وانگر وهندا رهن. هائو، بنا رڪجڻ جي تنهنجي اکين مان لڙڪ سدائين وهندا رهن.


ٻئي ڏينهن صبح جو آءٌ هميشہ جيان گھر کان ٻاهر نڪري ماڻهن سان ڳالهائيندو رهيس ۽ انهيءَ ئي ڏينهن شام جو منهنجي زال فوت ٿي ويئي. تڏهن مون اهو ئي ڪجھہ ڪيو جنهن جو خداوند مون کي حڪم ڏنو هو.


هو پنهنجي زال جي مائٽن جي ڪري پاڻ کي ناپاڪ ڪري پنهنجي بي‌حرمتي نہ ڪري.


هاڻي اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اسين چاهيون ٿا تہ جيڪي ايمان وارا قبر ۾ وڃي ستا آهن تن بابت اوهين اها ڄاڻ رکو تہ انهن جو ڇا ٿيندو، تہ جيئن انهن ماڻهن وانگر غمگين نہ ٿيو جن کي ڪا اميد ئي ڪانهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ