حزقي ايل 24:14 - Muslim Sindhi Bible14 آءٌ خداوند چوان ٿو تہ اهو وقت اچي پهتو آهي ۽ آءٌ ائين ڪري ڏيکاريندس. آءٌ اوهان يروشلم جي ماڻهن تي ڪو رحم نہ ڪندس، نڪي آءٌ اوهان کي سزا ڏيڻ وارو ارادو بدلائيندس. اوهين پنهنجي ڪيل گناهن جي سزا ضرور ڀوڳيندا. اهو مون خداوند خدا جو فرمان آهي.“ အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible14 مون خداوند فرمايو آهي: اهو ضرور ٿيندو، ۽ آءٌ ائين ڪندس؛ آءٌ پشيمان نہ ٿيندس؛ نڪي آءٌ گذر ڪندس، نڪي آءٌ ڦرندس؛ خداوند خدا ٿو فرمائي، تہ تنهنجين راهن موافق هو تنهنجي عدالت ڪندا. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
تو اهي ڏينهن وساري ڇڏيا آهن تہ ڪيئن نہ مون تنهنجي پرورش ڪئي جڏهن تون اڃا ننڍپڻ ۾ هئينءَ، پر تو پنهنجي سڀني ڪمن سان مون کي ڪاوڙائي ڇڏيو آهي. تنهنڪري ياد رک، آءٌ خداوند خدا چوان ٿو تہ آءٌ بہ تنهنجي چال چلت جي سزا تنهنجي ئي سر تي آڻيندس.“ خداوند فرمائي ٿو تہ ”اي يروشلم جي وسندي! ڇا تو پنهنجي سڀني ڪراهت جهڙن ڪمن کان علاوہ زناڪاري پڻ نہ ڪئي آهي؟