Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




حزقي ايل 23:5 - Muslim Sindhi Bible

5 اهولہ جيتوڻيڪ مون سان پرڻي، تڏهن بہ زناڪاري جاري رکندي آئي ۽ پنهنجي اشوري يارن سان رنگ رليون ملهائڻ لاءِ آتي هئي. انهن ماڻهن مان ڪي جنگي سپاهي هئا

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

5 ۽ جڏهن اهولہ منهنجي ٿي تڏهن زناڪاري ڪرڻ لڳي؛ ۽ پنهنجن سينڌن تي، يعني اسوري جي سندن پاڙيسري هئا، تن کي حد کان وڌيڪ پيار ڪرڻ لڳي،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




حزقي ايل 23:5
23 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جيڪي گناهہ يربعام پاڻ ڪيا آهن ۽ اسرائيل وارن کان ڪرايا آهن، تن جي ڪري خداوند اسرائيل وارن کي ضرور سزا ڏيندو.“


پر تو انهن کان بہ وڌيڪ بڇڙائي ڪئي آهي جيڪي تو کان اڳي هئا. مون کان ڦري پنهنجي لاءِ غير معبود ۽ پلٽيل بت بڻائي تو مون کي ڪاوڙايو آهي. هائو، تو مون کي پنهنجي پٺيءَ پٺيان اڇلائي ڇڏيو آهي.


هن پنهنجي پيءُ وانگر اهي ڪم ڪيا، جيڪي خداوند جي نظر ۾ برا هئا ۽ سندس جيان هن اسرائيل وارن کان بہ ساڳيا ڪم ڪرايا.


اهو سڀ انهيءَ ڪري ٿيو جو يربعام پاڻ بہ گناهہ ڪري ۽ اسرائيل وارن کان بہ گناهہ ڪرائي خداوند، بني اسرائيل جي خدا کي چڙ ڏياري ڪاوڙايو هو.


هن بتن جي پوڄا ڪري تمام ڪراهت جهڙو ڪم ڪيو هو، جيئن اموري ڪندا هئا، جن کي خداوند بني اسرائيل جي اڳيان هڪالي ڪڍيو هو.


انهن ڏينهن ۾ اشور جي شهنشاهہ تِگلت پلاسر عرف پول جو لشڪر اسرائيل ملڪ تي حملو ڪرڻ لاءِ ڪاهي آيو. تنهنڪري مناحم بادشاهہ پنهنجي ماڻهن جي هٿان چوٽيهہ هزار ڪلوگرام چاندي پول ڏانهن ڏياري موڪليو تہ جيئن هو سندس ملڪ تي حملو نہ ڪري ۽ مناحم جي بادشاهي مضبوط ٿيڻ ۾ سندس مدد ڪري.


هوڏانهن آخز بادشاهہ اشور جي شهنشاهہ تِگلت پلاسر ڏانهن قاصدن جي هٿان چوائي موڪليو تہ ”جيئن تہ آءٌ اوهان جو نوڪر ۽ تابعدار آهيان، سو اچي مون کي ارام ۽ اسرائيل جي بادشاهن جي هٿن کان بچايو، جيڪي مون تي ڪاهيون ٿا اچن.“


اشور جو شهنشاهہ سلمنيسر مٿس ڪاهہ ڪري آيو، هوسيع سندس آڻ مڃي ۽ هر سال کيس ڍل پهچائڻ لڳو.


آءٌ اوهان جي ندين تي بہ اها تلوار کڙي ڪندس، تہ انهن جو پاڻي سڪي ويندو. آءٌ اهو سڀ انهيءَ ڪري ڪندس جو اوهان جو ملڪ بت‌پرستيءَ وارو ملڪ آهي، ۽ اوهين پنهنجي انهن هيبتناڪ بتن جا ديوانا بڻجي ويا آهيو.


جيئن تہ زناڪاريءَ مان تنهنجو ڍءُ ئي نہ ٿي ٿيو سو تو اشورين سان بہ زناڪاري ڪئي. هائو، تو انهن سان بہ بدڪاري ڪئي پر تڏهن بہ تنهنجو ڍءُ نہ ٿيو.


ڏس، انهيءَ جي بدلي آءٌ تنهنجا اهي سڀ يار جن تو سان مزا پئي ماڻيا، هائو، اهي سڀ جن کي تو پيار پئي ڪيو آهي ۽ اهي سڀ بہ جن کي تو پئي ڌڪاريو آهي، سي آڻي گڏ ڪندس. آءٌ انهن کي هر طرف کان آڻي تنهنجي خلاف گڏ ڪندس. هنن جي اڳيان آءٌ تنهنجي اوگھڙ ظاهر ڪندس، انهيءَ لاءِ تہ ڀلي تہ اهي تو کي پوريءَ طرح اگھاڙو ڏسن.


هوءَ پنهنجي اشوري يارن سان رنگ رليون ملهائڻ لاءِ آتي هئي. انهن ماڻهن مان ڪي نواب، حاڪم ۽ شهسوار هئا، ۽ ڪي جنگي سپاهي هئا جن جون ورديون عمدن ڪپڙن مان ٺهيل هيون. اهي سڀ دلپسند جوان مرد هئا.


هوءَ انهن کي ڏسڻ سان مٿن موهت ٿي پيئي ۽ بابل ۾ هنن ڏانهن قاصد موڪليائين.


سو هوءَ پنهنجي انهن يارن تي مرڻ لڳي جيڪي گڏهن ۽ گھوڙن جيان مست زناڪار هئا.


انهن مان وڏيءَ جو نالو اهولہ هو ۽ ننڍيءَ ڀيڻ جو نالو اهوليبہ هو. اهي ٻيئي مون سان پرڻيون ۽ منهنجا ٻار ڄڻيائون. انهن مان اهولہ جو مثال سامريہ سان ۽ اهوليبہ جو مثال يروشلم سان ٿو ڏجي.


هن اشور جي انهن سڀني چونڊ مردن سان زناڪاري ڪئي ۽ پنهنجي انهن سڀني محبوبن جي ڪراهت جهڙن بتن جي پوڄا پڻ ڪيائين.


تنهنڪري مون هن کي سندس انهن اشوري يارن جي حوالي ڪري ڇڏيو، جن کي هوءَ تمام گھڻو چاهيندي هئي.


اشور جي عظيم شهنشاهہ وٽ نذراني طور اهو گابي وارو بت پيش ڪيو ويندو. اسرائيل وارا پنهنجي نافرمانيءَ جي ڪري خوار خراب ٿيندا.


اسرائيل وارا چرين جيان هوا کي جھلڻ جي ڪوشش ٿا ڪن. هائو، اهي جھولي جي پٺيان ڊوڙندا ٿا وتن. اهي هڪٻئي سان ڪوڙن مٿان ڪوڙ ٿا ڳالهائين، ۽ ظلم ڪندا ٿا رهن. اهي اشور وارن سان عهد اقرار ڪن ٿا، ۽ مصر وارن سان ڏيتي ليتي ٿا ڪن.


يهوداہ وارن پنهنجو زخم ڏٺو، ۽ اسرائيل وارن جي جڏهن پنهنجي مرض تي نظر پئي، تڏهن هو اشور ملڪ ڏانهن ويا، تان‌تہ اتان جي عظيم شهنشاهہ کان علاج ڪرائين. پر هو انهن کي شفا ڏيئي نہ سگھيو، نڪي هو يهوداہ وارن جو زخم ڇٽائي سگھندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ