حزقي ايل 23:32 - Muslim Sindhi Bible32 هائو، مون خداوند خدا جو هي فرمان آهي تہ تون پنهنجي ڀيڻ جي وڏي ۽ اونهي پيالي مان پيئندينءَ، جيڪو منهنجي غضب سان ڀريل آهي، ۽ انهيءَ ۾ گھڻو ئي ڪجھہ سمايل آهي. تڏهن تو تي کل ٺٺولي ڪندي تنهنجي بيعزتي ڪئي ويندي، အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible32 خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ تون پنهنجي ڀيڻ جي پيالي مان پيئندينءَ، جو اونهو ۽ وڏو آهي: توتي کل ٺٺولي ٿيندي، ۽ توتي مسخريون ڪندا، تہ اُنهي ۾ گهڻو ڪجهہ اچي وڃي ٿو. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
تنهنڪري تون اڳڪٿي ڪندي انهن جبلن کي مون خداوند خدا جو هي پيغام ٻڌاءِ تہ ’اي بني اسرائيل جي ملڪ جا جبلؤ! آسپاس وارين قومن جيڪي جنگ جي تباهيءَ کان بچي ويون هيون، تن اوهان تي قبضو ڪري هر طرف کان اوهان کي ناس ڪري ڇڏيو آهي ۽ اوهان کي ويران ڪيو اٿائون. انهيءَ ڪري ماڻهو هر هنڌ اوهان بابت گھٽ وڌ ڳالهائين پيا ۽ اوهان تي کل ٺٺولي ڪئي ٿي وڃي.
سو ڏسو، بابل جو بادشاهہ نبوڪدنضر، جنهن کي مون هن ڪم لاءِ چونڊيو آهي سو اتر وارين سڀني قومن سميت هن ملڪ ۽ ان جي سڀني رهاڪن تي ۽ آسپاس وارين سڀني قومن تي چاڙهي آڻيندس. آءٌ اوهان سڀني کي بلڪل ناس ڪري ڇڏيندس ۽ حيرت ۽ عبرت جو سبب بڻائيندس. هائو، آءٌ اوهان کي ۽ اوهان جي آسپاس وارن کي هميشہ لاءِ برباد ڪري ڇڏيندس.