حزقي ايل 23:18 - Muslim Sindhi Bible18 اهڙيءَ طرح هن جي زناڪاري ۽ اوگھڙ سڀني جي اڳيان ظاهر ٿي پيئي. تڏهن آءٌ کانئس بيزار ٿي ويس جيئن سندس ڀيڻ کان بيزار ٿي ويو هئس. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible18 انهي طرح هن پنهنجون زناڪاريون ۽ پنهنجي اوگهڙ ظاهر ڪئي: تڏهن منهنجو روح هن کان ڇڄي ڌار ٿيو. جيئن منهنجو روح هن جي ڀيڻ کان ڇڄي ڌار ٿيو هو. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
اي حزقيايل! تون يروشلم جي ماڻهن ۽ سندن اڳواڻن جي خلاف مون خداوند خدا جو هي فرمان ٻڌاءِ تہ ’اوهان جي بدڪاري ثابت ٿي آهي ۽ اوهان جي خطاڪاري ظاهر ٿي پيئي آهي. ايتري قدر جو اوهين جيڪي ڪجھہ ڪريو ٿا سا بدڪاري آهي ۽ انهيءَ مان ظاهر ٿئي ٿو تہ اوهين ڪيڏا نہ گنهگار آهيو. هائو، اوهين ڏوهاري آهيو، تنهنڪري اوهان کي قيدي بڻائي دشمنن جي حوالي ڪيو ويندو.