Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




حزقي ايل 23:14 - Muslim Sindhi Bible

14-15 هوءَ پنهنجي زناڪاريءَ ۾ وڌندي ويئي. هن بابل جي اڳواڻن ۽ اعليٰ عملدارن جي انهن تصويرن ۾ ڪشش محسوس ڪئي، جيڪي ڳاڙهي رنگ سان ڀتين تي ڇاپيل هيون. انهن جي چيلهين تي ڪمربند ٻڌل هئا ۽ سندن جنگي ٽوپن مٿان پٽڪا ٻڌل هئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

14 هوءَ پنهنجون زناڪاريون وڌائڻ لڳي؛ ڇالاءِ جو هن ماڻهن جون تصويرون ڀِت تي نڪتل ڏٺيون، يعني شنگرف سان نڪتل ڪسدين جون شڪليون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




حزقي ايل 23:14
9 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

سو آءٌ اندر گھڙي ويس ۽ جيئن ئي نهاريم تہ ڇا ڏسان تہ اتي هر قسم جي سرندڙ جيتن ۽ ناپاڪ حيوانن، يعني انهن سمورن مڪروهہ ديوتائن جون شڪليون چوڌاري ڀتين تي نقش ٿيل آهن جن جا بني اسرائيل پوڄاري بڻيا هئا.


هو چوي ٿو تہ ”آءٌ پنهنجي لاءِ ڪشادين ماڙين سان هڪ وڏو محل تعمير ڪرائيندس.“ سو هو ان ۾ وڏيون دريون وجھرائي ٿو ۽ پوري محل کي اندران ديال جي ڪاٺي لڳرائي ۽ ڳاڙهو رنگ ڏياري سينگاري ٿو.


تنهن کان سواءِ تو تجارت ڪندڙ بابلين سان بہ پنهنجي زناڪاري وڌائي ڇڏي. تڏهن انهن مان بہ تنهنجو ڍءُ نہ ٿيو.“


”تون قومن منجھہ ظاهر ڪر ۽ منجھن اعلان ڪر، هڪڙو جھنڊو کڙو ڪري پڌرائي ڪر ۽ ڪجھہ بہ نہ لڪاءِ، چئُہ تہ ’بابل قبضي هيٺ اچي ويو آهي، ان جي رهاڪن جو معبود مردوڪ خوار خراب ڪيو ويو آهي. هائو، سندن انهيءَ ديوتا کي ڊاهي ڪيرايو ويو آهي، ۽ سندس ڪراهت جهڙا بت ڀڃي ڀورا ڀورا ڪيا ويا آهن.‘


خداوند فرمائي ٿو تہ ”بابل جي معبودن شڪست کاڌي آهي، ۽ هاڻي گوڏن ڀر جھڪيل آهن. ڪڏهن تہ مردوڪ ۽ نبو ديوتا جي پوڄا ڪئي ويندي هئي، پر هاڻي ڀڄندڙ انهن کي کنيو پيا وتن، انهن جون مورتيون گڏهن تي لڏيل آهن. هائو، اهي ٿڪل جانورن تي لڏيل ٻوجھہ مثل آهن.


مون ڏٺو تہ اها پنهنجي ڀيڻ جي نقشِ‌قدم تي هلي بلڪل ئي پليت ٿي پئي.


هائو، آءٌ بابل وارن قبيلن فقود، شوع ۽ قوع سان گڏ سڀني بابلين کي ۽ سڀني اشورين کي تو مٿان چاڙهي آڻيندس. اهي سڀ جو سڀ دلپسند جوان مرد، نواب، حاڪم، اڳواڻ ۽ وڏي رتبي وارا شهسوار آهن.


اي نينواہ! تنهنجي دشمنن جا لشڪر حملو ڪرڻ وارا آهن، هنن جون ڍالون ڳاڙهيون آهن، ۽ سندن جنگي جوانن کي ڳاڙهي پوشاڪ پهريل آهي. سندن جنگي گھوڙي گاڏين تي لڳل فولاد شعلي جيان چمڪندڙ آهي، ۽ هنن جا نيزا اُڀا ٿيل آهن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ