13 مون ڏٺو تہ اها پنهنجي ڀيڻ جي نقشِقدم تي هلي بلڪل ئي پليت ٿي پئي.
13 ۽ مون ڏٺو تہ هوءَ ناپاڪ ٿي آهي؛ اُنهن ٻنهي هڪڙو ئي رستو ورتو آهي.
تون پنهنجي ڀيڻ اهولہ يعني سامريہ جي نقشِقدم تي هلندي رهي آهين، تنهنڪري آءٌ تو کي بہ تنهنجي ڀيڻ وارو سزا جو پيالو پيئاريندس.
جن جون ورديون آسماني رنگ جي عمدن ڪپڙن مان ٺهيل هيون، ۽ ڪي نواب، حاڪم ۽ شهسوار هئا. اهي سڀ دلپسند جوان مرد هئا.
هوءَ پنهنجي اشوري يارن سان رنگ رليون ملهائڻ لاءِ آتي هئي. انهن ماڻهن مان ڪي نواب، حاڪم ۽ شهسوار هئا، ۽ ڪي جنگي سپاهي هئا جن جون ورديون عمدن ڪپڙن مان ٺهيل هيون. اهي سڀ دلپسند جوان مرد هئا.
هوءَ پنهنجي زناڪاريءَ ۾ وڌندي ويئي. هن بابل جي اڳواڻن ۽ اعليٰ عملدارن جي انهن تصويرن ۾ ڪشش محسوس ڪئي، جيڪي ڳاڙهي رنگ سان ڀتين تي ڇاپيل هيون. انهن جي چيلهين تي ڪمربند ٻڌل هئا ۽ سندن جنگي ٽوپن مٿان پٽڪا ٻڌل هئا.