Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




حزقي ايل 23:11 - Muslim Sindhi Bible

11 جيتوڻيڪ سندس ڀيڻ اهوليبہ اهو سڀ ڪجھہ ڏٺو پئي، تڏهن بہ هوءَ شهوت‌پرستيءَ ۾ پنهنجي ڀيڻ کان بہ وڌيڪ خراب ٿي ويئي ۽ کانئس وڌيڪ زناڪاري ڪرايائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

11 ۽ سندس ڀيڻ اهوليبہ اهو حال ڏٺو، پر اُها هن کان بہ وڌيڪ پنهنجي عشقبازيءَ ۾ خراب هئي، ۽ پنهنجين زناڪارين ۾ بہ، جي سندس ڀيڻ جي زناڪارين کان وڌيڪ هيون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




حزقي ايل 23:11
6 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اٽڪل ٽن مهينن کان پوءِ ڪنهن ماڻهوءَ يهوداہ کي ٻڌايو تہ ”تنهنجي نُنهن تمر ڪسبياڻيءَ وارو ڪم ڪيو آهي ۽ پيٽ ٿي پيو اٿس.“ تڏهن يهوداہ چيو تہ ”ٻاهر وٺي اچوس تہ کيس ساڙيو وڃي.“


ايتري قدر جو يهورام يهوداہ جي جبلن تي غير معبودن جا پوڄا گھر بہ ٺهرايا. اهڙيءَ طرح هن يروشلم بلڪ سڄي يهوداہ جي ماڻهن کي خدا کان ڦيري کين گمراهہ ڪري ڇڏيو.


يوسياہ بادشاهہ جي بادشاهيءَ دوران خداوند مون يرمياہ کي فرمايو تہ ”ڏٺئِہ، اسرائيل ملڪ جي بي‌وفا قوم ڇا ڇا ڪيو؟ هن ٽڪر تي ٺهيل هر ڪنهن جاءِ تي ۽ ڇانوري واري هر وڻ هيٺ وڃي بت‌پرستي ڪندي ڪڃريءَ وانگر زناڪاري ڪئي آهي.


انهن مان وڏيءَ جو نالو اهولہ هو ۽ ننڍيءَ ڀيڻ جو نالو اهوليبہ هو. اهي ٻيئي مون سان پرڻيون ۽ منهنجا ٻار ڄڻيائون. انهن مان اهولہ جو مثال سامريہ سان ۽ اهوليبہ جو مثال يروشلم سان ٿو ڏجي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ