Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




حزقي ايل 22:8 - Muslim Sindhi Bible

8 تو ۾ منهنجي مقدس جاين لاءِ ڪو احترام نہ رهيو آهي ۽ منهنجي سبت وارن ڏينهن جي بي‌ادبي ڪئي ٿي وڃي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

8 تو منهنجي پاڪ شين کي ڌڪاريو آهي ۽ منهنجن سبتن جي بي ادبي ڪئي آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




حزقي ايل 22:8
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر بني اسرائيل قوم بيابان ۾ ئي منهنجي خلاف بغاوت ڪئي. هو منهنجي قاعدن قانونن تي نہ هليا ۽ منهنجي حڪمن کي ڇڏي ڏنائون، جن تي عمل ڪرڻ سان انسان جيئرو رهي ٿي سگھيو. هنن منهنجي سبت وارن ڏينهن جي بہ تمام گھڻي بي‌حرمتي ڪئي. تڏهن مون فيصلو ڪيو تہ آءٌ بيابان ۾ ئي بني اسرائيل تي پنهنجو غضب نازل ڪريان، تان‌تہ اهي چٽ ٿي وڃن.


اوهين منهنجي سبت جي ڏينهن جو احترام ڪريو. اهي اوهان جي ۽ منهنجي وچ ۾ هڪڙي نشاني آهن، انهيءَ لاءِ تہ اوهين ڄاڻي وٺو تہ آءٌ خداوند ئي اوهان جو خدا آهيان.‘


پر سندن نوجوان نسل بہ مون سان بغاوت ڪئي. هو منهنجي قاعدن قانونن تي نہ هليا، نڪي منهنجي حڪمن کي مڃيندي انهن تي عمل ڪيائون، جن تي جيڪڏهن ڪو انسان عمل ڪري تہ جيئرو رهي ٿو سگھي. هنن منهنجي سبت جي ڏينهن جي بي‌حرمتي ڪئي. تڏهن مون فيصلو ڪيو تہ انهن تي پنهنجو قهر ۽ غضب نازل ڪري بيابان ۾ ئي کين چٽ ڪري ڇڏيان.


مون اهو قسم انهيءَ ڪري کنيو جو هنن منهنجي حڪمن جي تعميل نہ ڪئي، بلڪ منهنجي قاعدن قانونن کي رد ڪري ڇڏيائون. هنن منهنجي سبت جي ڏينهن جي بي‌حرمتي ڪئي ۽ پنهنجن ابن ڏاڏن جي ٺاهيل بتن جي پوڄا ڪندا رهيا.


ملڪ جي ڪاهنن منهنجي شريعت جي انحرافي ڪئي آهي ۽ منهنجي مخصوص شين کي ناپاڪ ڪيو اٿائون. هنن مخصوص ۽ عام شين ۾ ڪوبہ فرق نہ رکيو آهي، نڪي حلال ۽ حرام ۾ فرق رکڻ جي ڪا تعليم ڏني اٿائون، بلڪ هنن منهنجي سبت جي ڏينهنِ جو بہ ڪو لحاظ نہ رکيو آهي. ائين ڪرڻ ڪري منهنجي قوم منهنجي بي‌حرمتي ٿي ڪري.


اوهين منهنجي سبت جو ڏينهن ملهائيندا رهجو ۽ منهنجي مقدس خيمي جي تعظيم ڪجو. آءٌ خداوند آهيان.


پر اوهين هي سوچيندي منهنجي نالي جي بي‌ادبي ٿا ڪريو تہ ’خداوند جي قربان‌گاهہ ناپاڪ آهي ۽ انهيءَ تي پيش ڪيل نذرانو نفرت جوڳو آهي.‘


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ