Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




حزقي ايل 22:7 - Muslim Sindhi Bible

7 تو منجھہ ڪوبہ ماڻهو پنهنجي ماءُ پيءُ جي عزت نہ ٿو ڪري. تو ۾ رهندڙ ڌارين سان ناحق زبردستي ڪئي ٿي وڃي ۽ يتيمن ۽ رنن‌زالن کي ستايو ٿو وڃي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

7 تو ۾ هنن ماءُ پيءُ ڏانهن حقارت پئي ڏيکاري آهي؛ تنهنجي وچ ۾ هنن پرديسين سان ظلم پي ڪيو آهي: تو ۾ هنن يتيمن ۽ بيوهن کي پئي ستايو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




حزقي ايل 22:7
25 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اي خداوند! اهي تنهنجي قوم کي پيڙيندا ٿا رهن. هائو، اهي تنهنجي انهن چونڊيلن کي ستائيندا ٿا وتن.


اهي رنن‌زالن ۽ يتيمن کي قتل ڪندا ٿا رهن، ۽ انهن ۾ رهندڙ ڌارين کي ڪهندا ٿا وتن.


اوهين پنهنجي ماءُ پيءُ جي عزت ڪريو، تہ جيئن انهيءَ ملڪ ۾، جيڪو آءٌ خداوند اوهان جو خدا اوهان کي ڏيندس، اوهين وڏي عرصي تائين رهو.


جيڪو پنهنجي پيءُ يا ماءُ تي لعنت ڪري، سو ضرور ماريو وڃي.


اوهين ڌارئي تي ظلم نہ ڪريو، ڇاڪاڻ تہ اوهان کي ڌارئي جي دل جي خبر آهي، ڇاڪاڻ تہ اوهين پاڻ بہ مصر جي ملڪ ۾ ڌاريا هئا.“


جيڪو پنهنجي والدين سان گھٽ وڌ ڳالهائي ٿو، تنهن جي زندگي ائين ختم ٿي ويندي، جيئن آڌيءَ رات جي اونداهيءَ ۾ ڏيئو اجھامي وڃي.


ڪي ماڻهو اهڙا بہ آهن، جيڪي پنهنجي والدين لاءِ دعائون نہ ٿا گھرن بلڪ کين پٽ پاراتا ٿا ڏين.


جيڪو شخص پنهنجي والدين تي ٺٺوليون ٿو ڪري ۽ سندن نافرماني ٿو ڪري، تنهن جي لاش کي ڳِجھون پٽي کائينديون، هائو، ڪانوَ سندس اکين کي ٺونگا هڻي ڪڍي ڇڏيندا.


اوهين چڱا ڪم ڪرڻ سکو، انصاف جا طلبگار ٿيو، مظلومن جي مدد ڪريو، يتيمن کي سندن حق ڏياريو، ۽ رنن‌زالن سان انصاف ڪريو.“


تنهنجا سردار فسادي ۽ چورن جا سنگتي ٿي پيا آهن. انهن مان هر ڪو رشوت جو طالبو آهي، ۽ پئسي جي پٺيان پيو ڊوڙي. اهي يتيمن جو انصاف نہ ٿا ڪن، نڪي رنن‌زالن جو فرياد ئي سندن ڪنن تائين ٿو پهچي.


جيڪڏهن اوهين يتيم ۽ رن‌زال توڙي پاڻ وٽ رهندڙ ڪنهن ڌارئي تي ظلم نہ ڪندا، نڪي هن جاءِ تي بي‌ڏوهين جو رت وهائيندا، ۽ نہ وري غير معبودن جي پوڄا ڪندي پاڻ کي نقصان پهچائيندا،


مسڪينن ۽ محتاجن تي ظلم ڪرڻ، زور ۽ زبردستيءَ سان ڦر مار ڪرڻ، ماڻهن جون گروي رکيل شيون کين موٽائي نہ ڏيڻ، بتن جي پوڄا ۽ ٻيا ڪراهت جهڙا ڪم ڪرڻ


ملڪ جي اڳواڻن جي فتنہ‌انگيزي پيئي هلي. اهي گجندڙ شينهن جيان آهن جيڪو پنهنجي شڪار کي چيري ڦاڙي ٿو ڇڏي. هو ماڻهن کي ڳهيو ٿا ڇڏين ۽ سندن مال متاع ۽ قيمتي شيون ڦري لٽي ٿا ڇڏين. هنن مڙسن کي قتل ڪري رنن‌زالن جو تعداد وڌائي ڇڏيو آهي.


بني اسرائيل جي ماڻهن پاڻ بہ ظلم ۽ ڦرمار مچائي ڇڏي آهي. هائو، اهي غريبن ۽ محتاجن کي ستائين ٿا ۽ انهن سان گڏ رهندڙ ڌارين سان ناحق زبردستي ٿا ڪن.


جيڪو ماڻهو پنهنجي پيءُ يا ماءُ تي لعنت ڪندو، تنهن کي ضرور موت جي سزا ڏني وڃي. جيئن تہ هن پنهنجي پيءُ يا ماءُ تي لعنت ڪئي تنهنڪري سندس خون سندس ئي سر تي هوندو.


اوهين رن‌زال، يتيم ۽ اوهان منجھہ رهندڙ ڌارئي، يعني جيڪو بہ مسڪين هجي، تنهن تي ظلم نہ ڪريو، نڪي دل ۾ هڪٻئي خلاف برائي سوچو.‘


قادرِمطلق خداوند فرمائي ٿو تہ ”آءٌ اوهان وٽ ايندس ۽ جادوگرن، زناڪارن، ڪوڙا قسم کڻندڙن، پورهيت کي پوري مزدوري نہ ڏيندڙن، رنن‌زالن ۽ يتيمن تي ظلم ڪندڙن ۽ اوهان منجھہ رهندڙ ڌارين سان ناحق ڪندڙن، انهن سڀني جو آءٌ تڪڙو فيصلو ڪندس، ڇو تہ هو اهي ڪم ڪندي مون کان ڪين ٿا ڊڄن.“


مثال طور موسيٰ جي شريعت ۾ لکيل آهي تہ ’پنهنجي ماءُ پيءُ جي عزت ڪريو‘ ۽ ’جيڪو پنهنجي ماءُ يا پيءُ جي گلا ڪري تنهن کي اڦٽ ماريو وڃي.‘


اوهين ڪنهن يتيم يا پاڻ وٽ رهندڙ ڪنهن ڌارئي سان ناحق نہ ڪجو، نڪي ڪنهن رن‌زال جا ڪپڙا گروي رکجو.


’لعنت هجي ان ماڻهوءَ تي جيڪو پنهنجي ماءُ پيءُ جي بي‌عزتي ڪري.‘ پوءِ سڀ ماڻهو چون ’آمين.‘


’لعنت هجي ان ماڻهوءَ تي جيڪو يتيم، رن‌زال يا اسان وٽ رهندڙ ڪنهن ڌارئي سان ناحق ٿو ڪري.‘ پوءِ سڀ ماڻهو چون ’آمين.‘


اوهين پنهنجي ماءُ پيءُ جي عزت ڪريو، جيئن مون اوهان کي حڪم ڏنو آهي، تہ جيئن انهيءَ ملڪ ۾ جيڪو آءٌ خداوند اوهان جو خدا اوهان کي ڏيندس، اوهين وڏي عرصي تائين رهو ۽ اوهان جو ڀلو ٿئي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ