Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




حزقي ايل 22:4 - Muslim Sindhi Bible

4 جيڪو خون تو ۾ وهايو ويو آهي تنهن جي ڪري تون ڏوهاري قرار ڏنو ويو آهين ۽ تو ۾ ٺاهيل بتن جي ڪري تون پليت ٿي پيو آهين. ائين تو پنهنجا ڏينهن آڻي ويجھا ڪيا آهن ۽ پنهنجي پڄاڻيءَ تي اچي پهتو آهين. تنهنڪري آءٌ تو کي اهڙو بڻائيندس جنهن تي ٻيون قومون ۽ سڀيئي ملڪ ملامت ۽ کل ٺٺوليون ڪندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

4 جيڪو رت تو وهايو آهي، تنهن جي ڪري تون ڏوهاري ٿيو آهين، ۽ جيڪي بُت تو جوڙيا آهن تن جي ڪري تون ناپاڪ ٿيو آهين؛ ۽ تو پنهنجا ڏينهن ويجها آندا آهن، بلڪ تون پنهنجن ورهين کي اچي پهتو آهين، تنهنڪري مون توکي قومن جي لاءِ ملامت، ۽ سڀني ملڪن جي لاءِ کل ٺٺولي ڪيو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




حزقي ايل 22:4
26 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تہ پوءِ آءٌ بني اسرائيل کي انهيءَ ملڪ مان ڪڍي ڇڏيندس جيڪو مون کين ڏنو آهي، ۽ هيءَ هيڪل جنهن کي مون پنهنجي نالي تي مخصوص ڪيو آهي، تنهن کي رد ڪري ڇڏيندس. بني اسرائيل پوءِ سڀني قومن ۾ هڪڙو پهاڪو ۽ ٽوڪن‌هاب ٿي پوندا.


ان کان علاوہ منسيءَ ايترو تہ بي‌گناهہ رت وهايو جو يروشلم کي هڪڙي ڇيڙي کان ٻئي ڇيڙي تائين رت سان ڀري ڇڏيائين. انهيءَ کان سواءِ منسيءَ اهو گناهہ بہ ڪيو جو يهوداہ وارن کي گمراهہ ڪري کانئن اهڙا ڪم ڪرايائين جيڪي خداوند جي نظر ۾ برا هئا.


تہ پوءِ مون جيڪو ملڪ بني اسرائيل کي ڏنو آهي تنهن مان سندن پاڙون پٽي ڇڏيندس ۽ هيءَ هيڪل جيڪا مون پنهنجي نالي لاءِ مخصوص ڪئي آهي تنهن کي آءٌ رد ڪري ڇڏيندس. آءٌ انهيءَ کي سڀني قومن ۾ هڪڙو پهاڪو ۽ ٽوڪن‌هاب بڻائي ڇڏيندس.


آس‌پاس جي غير قومن اڳيان اسين طعنن جو نشانو بڻيا آهيون، هائو، هو اسان جو حال ڏسي چٿرون ۽ ٺٺوليون ٿا ڪن.


انهيءَ ڪري سندن ملڪ اجڙي برباد ٿي ويندو، ۽ هميشہ لاءِ هڪڙي ڦٽڪار واري شيءِ بڻيل رهندو. اتان لنگھندڙ ماڻهو انهيءَ کي ڏسي دهلجي ويندا ۽ حيرت جو اظهار ڪندا.


آءٌ انهن کي اهڙو تہ برباد ڪري ڇڏيندس، جو انهن جو حال ڏسي دنيا جي سڀني قومن کي هيبت وٺي ويندي. جن جن ملڪن ڏانهن آءٌ انهن کي هڪالي ڪڍندس، اتي هو ملامت، پهاڪي، طعني ۽ ڦٽڪار جو سبب بڻبا رهندا.


مصر ملڪ جتي اوهين رهڻ لاءِ آيا آهيو، اتي ڇو غير معبودن جي پوڄا ڪندي سندن اڳيان قربانيون پيش ڪري اوهين مون کي ڪاوڙ ٿا ڏياريو؟ اهڙيءَ طرح اوهين پاڻ کي برباد ڪري دنيا جي سڀني قومن منجھہ لعنت ۽ ملامت جوڳو بڻائيندا.


اهو سڀ ڪجھہ تنهنجي بڇڙائي ظاهر ٿيڻ کان اڳ ٿيو. پر هاڻي تون بہ انهيءَ جهڙي ٿي پيئي آهين. تنهنڪري هاڻي تنهنجيون آس‌پاس واريون سڀ قومون، ادومين ۽ فلستين سميت تو کي ملامت ٿيون ڪن ۽ تو کي ڌڪارين ٿيون.


خداوند مون کي فرمايو تہ ”اي حزقي‌ايل، آدم جو اولاد! عمونين جيڪا بني اسرائيل جي بي‌عزتي ڪئي آهي، تنهن کي ننديندي کين مون خداوند جو هي پيغام ٻڌاءِ تہ ’تلوار، هائو، تلوار مياڻ مان ڪڍي ويئي آهي. اها ڪوس لاءِ تيار آهي. انهيءَ کي چمڪائي تيار ڪيو ويو آهي تہ جيئن اها وڄ جي چمڪاٽ وانگر تيزيءَ سان قتلام ڪري.


”اي حزقي‌ايل، آدم جو اولاد! ڇا تون يروشلم وارن کي سندن سزا ٻڌائڻ لاءِ تيار آهين؟ ڇا تون انهيءَ خوني شهر کي سندس خلاف فيصلو ٻڌائيندين؟ تون انهيءَ کي سندس ڪراهت وارا ڪم ياد ڏيار.


هائو، مون خداوند خدا جو هي فرمان آهي تہ تون پنهنجي ڀيڻ جي وڏي ۽ اونهي پيالي مان پيئندينءَ، جيڪو منهنجي غضب سان ڀريل آهي، ۽ انهيءَ ۾ گھڻو ئي ڪجھہ سمايل آهي. تڏهن تو تي کل ٺٺولي ڪندي تنهنجي بي‌عزتي ڪئي ويندي،


هن اشور جي انهن سڀني چونڊ مردن سان زناڪاري ڪئي ۽ پنهنجي انهن سڀني محبوبن جي ڪراهت جهڙن بتن جي پوڄا پڻ ڪيائين.


يروشلم جي ماڻهن شهر ۾ بي‌گناهن جو رت وهايو آهي، بلڪ کُليل ٽَڪرَ تي انهن رت وهايو جيڪا اڃا ظاهر پئي آهي. هنن رت کي ڍڪڻ لاءِ ڪابہ ڪوشش نہ ڪئي آهي.


سو مون بہ انهيءَ رت کي کُليل ٽَڪرَ تي رهڻ ڏنو، انهيءَ لاءِ تہ اهو ڍڪجي نہ وڃي، جيستائين مٿن منهنجو غضب نازل ڪيو وڃي ۽ کانئن بدلو ورتو وڃي.


اڳتي وري ڪڏهن بہ اوهان کي غير قومن جا طعنا سهڻا نہ پوندا، نڪي اوهان جي سر تي انهن جي ملامت پوندي. هائو، اوهان تي اڳتي وري ڪڏهن بہ منهنجي قوم جا ٻار نہ ماريا ويندا. اهو مون خداوند خدا جو فرمان آهي.‘“


اي رب! آءٌ تو کي منٿ ٿو ڪريان تہ پنهنجي سچائيءَ سان ڪيل ڪمن موجب، پنهنجي ڪاوڙ، پنهنجو قهر يروشلم جي شهر تان يعني پنهنجي پاڪ جبل صيئون تان ٽاري ڇڏ، ڇاڪاڻ تہ اسان جي گناهن ۽ اسان جي ابن ڏاڏن جي بدڪارين جي ڪري يروشلم ۽ تنهنجي قوم پنهنجي سڀني آس‌پاس وارن جي طعنن جو سبب بڻي آهي.


آءٌ اوهان جي ملڪ کي اهڙو تہ ويران ڪري ڇڏيندس جو اوهان جا دشمن، جيڪي انهيءَ تي اچي قبضو ڪندا سي انهيءَ جي حالت ڏسي عجب ۾ پئجي ويندا.


هاڻي وري اوهين گنهگارن جي نئين پيڙهي پنهنجن ابن ڏاڏن جي جاءِ تي اٿيا آهيو، تہ جيئن خداوند بني اسرائيل تي اڃا وڌيڪ ڪاوڙجي.


جن جن قومن ۾ خداوند اوهان کي وٺي ويندو، تن سڀني ۾ اوهين عبرت، پهاڪي ۽ چوڻيءَ جو سبب بڻبا.


تڏهن اهي سڀ قومون پڇنديون تہ ’خداوند هن ملڪ سان ائين ڇو ڪيو آهي؟ هيڏي وڏي غضب جو سبب ڪهڙو آهي؟‘


اهو هن مان ظاهر ٿئي ٿو جو اهي اسان کي انهيءَ ڳالهہ کان روڪڻ جي ڪوشش ڪن ٿا تہ اسين غير قومن کي سندن ڇوٽڪاري جو پيغام ٻڌايون. اهڙيءَ طرح اهي پنهنجن گناهن جي ٽمٽار مٽڪي کي اڃا بہ ڀريندا ٿا رهن. پر نيٺ خدا جو غضب انهن تي ڪڙڪڻ لاءِ اچي پهتو آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ