Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




حزقي ايل 22:31 - Muslim Sindhi Bible

31 تنهنڪري آءٌ پنهنجي ڪاوڙ انهن تي ڇنڊيندس ۽ پنهنجي غضب جي باهہ سان کين ساڙي رک ڪري ڇڏيندس. آءٌ سندن عمل سندن ئي سر تي آڻيندس. اهو مون خداوند خدا جو فرمان آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

31 تنهنڪري مون پنهنجي ڪاوڙ هنن تي ڇنڊي آهي؛ مون پنهنجي غضب جي باهہ سان هنن کي ساڙي کپائي ڇڏيو آهي: خداوند خدا ٿو فرمائي، تہ مون هنن جي راهہ خود سندن سر تي آندي آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




حزقي ايل 22:31
19 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنهنڪري هاڻي اوهين پنهنجو ڪيتو پاڻ لوڙيندا ۽ پنهنجي افعالن جي پوري پوري سزا ڀوڳيندا.


خداوند فرمائي ٿو تہ ”ويل آهي اشور قوم لاءِ! جيڪا منهنجي لٺ مثل آهي، جنهن سان آءٌ انهن کي سزا ٿو ڏيان جن تي آءٌ ڪاوڙ ٿو ڪريان.


اهي ڌرتيءَ جي ڇيڙي وارن ڏورانهن ملڪن مان اچن ٿا. هائو، خداوند پنهنجي غضب جي انهن هٿيارن کي آڻي ٿو، انهيءَ لاءِ تہ هو سڄي دنيا کي برباد ڪري ڇڏي.


پر ان کان پوءِ آءٌ انهيءَ شهر تي اهڙي مصيبت آڻيندس، جو اهو حقيقي قربان‌گاهہ بڻجي ويندو. هائو، اهو شهر، جنهن کي منهنجي قربان‌گاهہ سڏيو وڃي ٿو، سو رت سان ڀرجي ويندو، ۽ اتي روڄ راڙو پئجي ويندو.


ڏسو، خداوند خود پري کان ڏسڻ ۾ ايندو. سندس ڪاوڙ باهہ ۽ گھاٽي دونهين وانگر هوندي. هن جو ڳالهائڻ قهر جهڙو هوندو، هائو، سندس لفظ باهہ وانگر ساڙيندڙ هوندا.


خداوند وڌيڪ فرمائي ٿو تہ ”آءٌ پنهنجي قوم کي بلڪل چٽ ڪري ڇڏيندس. اهي انگور جي اهڙي ول جيان ٿيندا، جنهن ۾ ڪو انگور نہ بچيو هجي. اهي انجير جي اهڙي وڻ جيان ٿيندا، جنهن ۾ ڪو انجير نہ بچيو هجي ۽ جنهن جا پن بہ سڪي سڙي ويندا. جيڪي ڪجھہ مون کين ڏنو آهي، سو سڀ کانئن کسيو ويندو.“


خداوند پنهنجي قهر وچان، ايترو تہ سخت غضب نازل ڪيو، جو سڄي يروشلم شهر کي ان جي بنيادن تائين ساڙي رک ڪري ڇڏيائين.


پر جن جي دل پنهنجي گندن ۽ ڪراهت جهڙن بتن جي پوڄا ڪرڻ ڏانهن مائل آهي، تن کي آءٌ سندن افعالن موجب ئي سزا ڏيندس. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.‘“


تو اهي ڏينهن وساري ڇڏيا آهن تہ ڪيئن نہ مون تنهنجي پرورش ڪئي جڏهن تون اڃا ننڍپڻ ۾ هئينءَ، پر تو پنهنجي سڀني ڪمن سان مون کي ڪاوڙائي ڇڏيو آهي. تنهنڪري ياد رک، آءٌ خداوند خدا چوان ٿو تہ آءٌ بہ تنهنجي چال چلت جي سزا تنهنجي ئي سر تي آڻيندس.“ خداوند فرمائي ٿو تہ ”اي يروشلم جي وسندي! ڇا تو پنهنجي سڀني ڪراهت جهڙن ڪمن کان علاوہ زناڪاري پڻ نہ ڪئي آهي؟


آءٌ مصر ملڪ ۾ اهڙي باهہ ڀڙڪائيندس، جو انهيءَ جا سڀ مددگار ماريا ويندا، تڏهن سڀيئي ڄاڻي وٺندا تہ آءٌ ئي خداوند آهيان.


اي بني اسرائيل! هاڻي آءٌ اوهان جي ملڪ تي پنهنجو غضب نازل ڪري انهيءَ جي پڄاڻي ڪندس. هائو، اوهان جي چال چلت موجب اوهان جي عدالت ڪندس. آءٌ اوهان جي سڀني ڪراهت جهڙن ڪمن جي سزا اوهان جي ملڪ تي آڻيندس.


آءٌ اوهان سان هرگز درگذر نہ ڪندس، نڪي اوهان تي ڪو رحم ڪندس. بلڪ اوهان جي ڪيل بڇڙن ڪمن جي ڪري آءٌ اوهان جي ملڪ کي سزا ڏيندس، تڏهن اوهين ڄاڻي وٺندا تہ آءٌ ئي خداوند آهيان.


سو آءٌ کانئن هرگز درگذر نہ ڪندس، نڪي مٿن ڪو رحم ڪندس، بلڪ آءٌ ساڻن اهو ئي ڪجھہ ڪندس جيڪي هنن ٻين سان ڪيو آهي.“


پوءِ مون هيڪل مان هڪڙو وڏو آواز ٻڌو، جيڪو انهن ستن ملائڪن کي چئي رهيو هو تہ ”وڃو ۽ خدا جي غضب جا ست ئي پيالا ڌرتيءَ تي هاري ڇڏيو.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ