حزقي ايل 22:27 - Muslim Sindhi Bible27 بني اسرائيل جا اڳواڻ چير ڦاڙ ڪندڙ بگھڙن وانگر آهن، جيڪي ماڻهن کي زخم ٿا رسائين يا کين ماري ٿا ڇڏين. ائين ڪرڻ سان اهي اڳواڻ ناجائز فائدو حاصل ڪن ٿا. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible27 هنن جا سردار سندن وچ ۾ انهن بگهڙن وانگر آهن، جي شڪار ڦاڙيندا آهن، انهي لاءِ تہ رت وهائين ۽ ماڻهن کي ناس ڪن، ۽ انهي طرح ڪپت سان فائدو حاصل ڪن. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
اوهان جَوَن جي چند مُٺين ۽ مانيءَ جي چند ٽُڪرن حاصل ڪرڻ خاطر منهنجي قوم آڏو منهنجي بيحرمتي ڪئي آهي. اوهان انهن جانين کي مارڻ جون اڳڪٿيون ٿيون ڪريو جيڪي مرڻ جي لائق نہ آهن ۽ انهن جانين کي بچائڻ جون اڳڪٿيون ٿيون ڪريو جيڪي بچائڻ جي لائق نہ آهن. سو اوهين منهنجي قوم کي ڪوڙيون ڳالهيون ٻڌايو ٿيون ۽ اهي اوهان جي ڳالهين تي يقين ٿا ڪن.
هائو، اي بني اسرائيل جا جبلؤ! آءٌ پنهنجي قوم موٽائي آڻي وري اوهان تي آباد ڪندس. اهي وري اوهان تي قبضو ڪري اوهان کي پنهنجي ملڪيت بڻائيندا. سچ پچ تہ اوهان جي زمين ”آدمخور“ سڏي ٿي وڃي، ڇاڪاڻ تہ اوهان تي منهنجي قوم جا ٻار بک وگھي مري ويا آهن. پر هاڻي اڳتي اوهان جي زمين تي ڪڏهن بہ مصيبت نہ ايندي جو هنن جا ٻار بک وگھي مري وڃن.
انهيءَ جو مطلب هي آهي تہ وچ واري مخصوص ايراضيءَ ۽ شهر واري حصي کان سواءِ حڪمران جي زمين وارو حصو ملڪ جي اوڀر واري سرحد کان اولهہ واري سرحد تائين ايترو ڊگھو هوندو جيترو هر قبيلي کي ڏنل حصو هوندو. اها زمين بني اسرائيل جي ملڪ جي هر حڪمران جي هوندي. سو اهي اڳتي منهنجي قوم کان زمين کسي وري ظلم نہ ڪندا ۽ سڀني ماڻهن کي سندن ملڪ اندر ڏنل علائقن ۾ امن ۽ سلامتيءَ سان رهڻ ڏيندا.“