Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




حزقي ايل 22:26 - Muslim Sindhi Bible

26 ملڪ جي ڪاهنن منهنجي شريعت جي انحرافي ڪئي آهي ۽ منهنجي مخصوص شين کي ناپاڪ ڪيو اٿائون. هنن مخصوص ۽ عام شين ۾ ڪوبہ فرق نہ رکيو آهي، نڪي حلال ۽ حرام ۾ فرق رکڻ جي ڪا تعليم ڏني اٿائون، بلڪ هنن منهنجي سبت جي ڏينهنِ جو بہ ڪو لحاظ نہ رکيو آهي. ائين ڪرڻ ڪري منهنجي قوم منهنجي بي‌حرمتي ٿي ڪري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

26 هن جي ڪاهنن منهنجي شريعت جي انحرافي ڪئي آهي، ۽ منهنجين پاڪ شين جي بي ادبي ڪئي اٿن. هنن پاڪ ۽ عام شين جي وچ ۾ ڪوبہ فرق نہ رکيو آهي، نڪي هنن ماڻهن کي پاڪ ۽ ناپاڪ شين جي وچ ۾ تفاوت معلوم ڪرايو آهي، ۽ هنن منهنجن سبتن کان پنهنجون اکيون لڪايون آهن، ۽ سبت جي ڏينهن منهنجي بي ادبي ٿي آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




حزقي ايل 22:26
31 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنهن کان سواءِ هن جي دور ۾ سڄي يهوداہ جي اڳواڻن، ڪاهنن ۽ ٻين ماڻهن غير قومن جي سڀني ڪراهت جهڙن ڪمن جي پٺيان لڳي بدڪاري ڪئي. سو هنن خداوند جو گھر جيڪو خداوند لاءِ يروشلم ۾ مخصوص ڪيو ويو تنهن جي بي‌حرمتي ڪندي انهيءَ کي پليت ڪري ڇڏيو.


تنهن تي خداوند ورندي ڏني تہ ”جيڪڏهن تون توبهہ ڪندين تہ آءٌ بہ تو کي وري بحال ڪندس، تہ جيئن تون ٻيهر منهنجو پيغام ٻڌائي سگھين. جيڪڏهن تون بيڪار ڳالهيون ڪرڻ ڇڏي ڪارائتيون ڳالهيون ڪندين، تہ آءٌ تو کي وري پنهنجو نبي بڻائيندس. تون يهوداہ جي ماڻهن جي ڳالهين کان دور رهہ، اٽلندو هو تنهنجي ٻڌايل ڳالهين کي قبول ڪري وٺندا،


ڪاهنن بہ مون خداوند کي ياد نہ ڪيو، جن جو واسطو شريعت سان آهي تن بہ مون کي ڪين ڄاتو. اڳواڻن بہ منهنجي خلاف بغاوت ڪئي. نبي سڏائيندڙن بعل ديوتا جي نالي سان پيغام ڏنا، ۽ بيڪار بتن جي پوڄا ۾ لڳي ويا.“


يروشلم کي اها سزا نبي سڏائيندڙن ۽ ڪاهنن جي بدڪارين جي ڪري ملي، جن بي‌گناهہ ماڻهن جو رت وهرايو هو.


تو ۾ منهنجي مقدس جاين لاءِ ڪو احترام نہ رهيو آهي ۽ منهنجي سبت وارن ڏينهن جي بي‌ادبي ڪئي ٿي وڃي.


هنن نہ رڳو اهو سڀ ڪجھہ ڪيو آهي، بلڪ ساڳئي وقت هنن منهنجي عبادت واري مقدس هيڪل کي بہ اهڙيءَ طرح پليت ڪيو جو هنن پنهنجي ٻارن کي پنهنجي بتن تي قربان ڪرڻ کان پوءِ اهڙي ئي حالت ۾ منهنجي عبادت واري جاءِ ۾ داخل ٿيون. ساڳئي نموني منهنجي سبت جي ڏينهن جي بہ بي‌حرمتي ڪئي اٿائون. هاڻي ڏس، اهڙيءَ حالت منهنجي گھر جي ٿيڻ گھرجي ڇا؟


پر منهنجي سزا جو نتيجو اهو نڪتو جو هو جتي بہ ويا اتي منهنجي نالي جي بي‌حرمتي ڪئي ويئي، ڇاڪاڻ تہ هنن کي ڏسي غير قوم وارن ائين ٿي چيو تہ ’هي خداوند جا ماڻهو آهن پوءِ بہ کين پنهنجي وطن مان نڪرڻو پيو آهي؟‘


سو هيڪل جي چوديواريءَ جي چئني پاسن جون ڀتيون ڊيگھہ توڙي ويڪر ۾ ٻہ سؤ پنجاهہ ميٽر چورس هيون. انهيءَ ڀت خداوند لاءِ مخصوص جاءِ کي عام جاين کان ڌار ٿي ڪيو.


خداوند مون کي وڌيڪ فرمايو تہ ”لاوين کي ئي منهنجي هيڪل ۾ خدمت ڪرڻي آهي. پر ڪي لاوي مون کي ڇڏي ٻين بني اسرائيل وارن سان گڏجي گمراهہ ٿي بتن جي پوڄا ڪرڻ لڳا، تن لاوين کي آءٌ سندن بدڪاريءَ جي سزا ضرور ڏيندس.


ڪاهنن کي گھرجي تہ هو منهنجي قوم کي مخصوص شين ۽ عام شين جي وچ ۾ ۽ پاڪ ۽ ناپاڪ شين جي وچ ۾ فرق ڪرڻ سيکارين.


جڏهن ڪو جھڳڙو کڙو ٿئي تڏهن ڪاهن منصف ٿين ۽ منهنجي شريعت مطابق انصاف ڪن. هو منهنجي سڀني مقرر ڪيل عيدن تي منهنجي شريعت ۽ قاعدن قانون تي عمل ڪرائين ۽ منهنجي سبت جي ڏينهن جي بي‌حرمتي ٿيڻ نہ ڏين.


اوهان تي مصيبت مٿان مصيبت اچي ڪڙڪندي، ۽ ظالمن جي حملن بابت افواهن مٿان افواهہ پيا اٿندا. تڏهن ماڻهو منهنجي پيغام لاءِ نبين کي عرض ڪندا، پر کين ڪا تسلي نہ ملندي. بلڪ ڪاهن منهنجي شريعت جي تعليم بہ ڏيئي نہ سگھندا، نڪي بزرگ صلاح مصلحت ڏيڻ جي لائق رهندا.


ان جو سبب هي آهي تہ اوهين مون خدا لاءِ مخصوص ٿيل شين ۽ عام شين ۽ حرام ۽ حلال جي وچ ۾ فرق معلوم ڪري سگھو.


انهيءَ لاءِ جو اوهان کي پاڪ ۽ ناپاڪ جي وچ ۾ ۽ حلال ۽ حرام جي وچ ۾ فرق معلوم ٿئي.“


پوءِ ڪاهن هن کي چڪاسي ڏسي. جيڪڏهن اهو داغ ڳاڙهيرو اڇو هجي جيئن وچڙندڙ مرض جسم جي چمڙيءَ تي ڏسڻ ۾ ايندو آهي،


تنهنڪري اوهين حلال ۽ حرام جانورن ۽ پکين جي وچ ۾ فرق ڪجو. جن جانورن، پکين ۽ ٻين زمين تي سرندڙ جيتن کي مون حرام قرار ڏيئي اوهان کان ڌار ڪيو آهي، تن کي کائڻ سان اوهين پاڻ کي پليت نہ ڪجو.


بيشڪ ڪاهن جو اهو ئي فرض آهي تہ کيس مون خدا بابت صحيح ڄاڻ هجي، تہ جيئن ماڻهو کانئس شريعت جي تعليم حاصل ڪن، ڇو تہ ڪاهن مون قادرِمطلق خداوند جو پيغام ڏيندڙ آهي.“


قادرِمطلق خداوند فرمائي ٿو تہ ”پر اي ڪاهنؤ! اوهين هاڻ صحيح راهہ کان هٽي ويا آهيو. اوهان جي تعليم سان ماڻهو گمراهہ ٿي ويا آهن. اوهان انهيءَ عهد کي ٽوڙي ڇڏيو آهي، جيڪو مون اوهان جي لاوي گھراڻي سان ڪيو هو.


اهو ئي سبب آهي جو پاڪ ڪلام ۾ چيو ويو آهي تہ ”اوهان يهودين جي ڪري ئي غير قومون خدا جي نالي خلاف ڪفر بڪين ٿيون.“


عيلي هاڻي تمام پوڙهو ٿي ويو هو. هن اهو سڀ ڪجھہ ٻڌو، جيڪي سندس پٽن بني اسرائيل جي سڀني ماڻهن سان ٿي ڪيو ۽ اهو بہ ٻڌائين تہ جيڪي عورتون خدا سان ملاقات واري انهيءَ مقدس خيمي جي در تي خدمت ڪنديون هيون تن سان هو سمهندا هئا.


اي عيلي! تون پنهنجي پٽن کي مون کان وڌيڪ عزت ڇو ٿو ڏئين؟ اوهين منهنجيءَ قوم بني اسرائيل جي سڀني قربانين مان عمدا حصا کائي پاڻ کي ٿلهو متارو ڪريو ٿا. منهنجي انهن قربانين ۽ نذرانن، جن لاءِ مون حڪم ڪيو هو تہ اهي منهنجي گھر ۾ پيش ڪيا وڃن، تن ۾ اوهين ڇو ٿا اکيون وجھو؟


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ