Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




حزقي ايل 22:24 - Muslim Sindhi Bible

24 ”اي حزقي‌ايل، آدم جو اولاد! يروشلم جي رهاڪن کي ٻڌائي ڇڏ تہ سندن ملڪ گناهن سان ڀرجي ويو آهي، تنهنڪري آءٌ پنهنجي غضب وچان سندن ملڪ تي مينهن ڪونہ وسائيندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

24 اي آدمزاد، هن کي چئُہ تہ تون اُها زمين آهين جا صاف نہ ٿي آهي، ۽ نہ جنهن تي ڪاوڙ جي ڏينهن مينهن پيو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




حزقي ايل 22:24
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

آخز بادشاهہ پنهنجي تنگيءَ وارن ڏينهن ۾ اڃا بہ وڌيڪ خداوند جو نافرمان ٿي پيو.


ڇو اوهين اڃا بہ بغاوت ڪندا ٿا اچو؟ ڇا اوهين اڃا وڌيڪ سزا چاهيو ٿا؟ اي بني اسرائيل! اوهان جو مٿو اڳي ئي زخمن کان چُور آهي، ۽ اوهان جي دل وَ دماغ بيماريءَ ۾ ورتل آهن.


اسرائيل وارا ماڻهو اڃا بہ پنهنجي انهيءَ سيکت ڏيڻ واري آڏو توبهہ‌تائب نہ ٿيا آهن، نڪي انهيءَ قادرِمطلق خداوند جا طالبو ئي بڻيا آهن.


مون اجايو اوهان کي سزا ڏني، جڏهن تہ اوهين سڌريا ئي ڪونہ. اوهين پاڻ پنهنجن نبين کي شڪاري شينهن وانگر چيري ڦاڙي ڇڏيو آهي.


اي خداوند! بيشڪ تنهنجيون اکيون ماڻهن ۾ سچائيءَ کي تلاش ڪنديون رهن ٿيون. تو يروشلم وارن کي سٽي وڌو، پر مٿن ڪو اثر نہ ٿيو. تو کين چٿيو تہ بہ هو نہ سڌريا. هنن هوڏ ڪئي ۽ توبهہ‌تائب ٿيڻ کان انڪار ڪيائون.


منهنجي قوم اهڙي شيهي مثل آهي، جنهن کي جيترو بہ تيز ڌوڻي هڻي ڳاريو وڃي، تہ بہ انهيءَ مان مير نہ نڪرندي، ڇاڪاڻ تہ اها قوم بڇڙن ماڻهن کان پاڪ نہ ٿي ٿئي.


خداوند وري مون کي فرمايو تہ


اي يروشلم وارؤ! ديڳڙي جي اها گندگي اوهان جي گھڻي زناڪاري ۽ بدڪاري آهي. مون اوهان کي پاڪ صاف ڪرڻ چاهيو، تہ بہ اوهين پاڪ صاف نہ ٿيا. هاڻي اوهين ڪڏهن بہ پنهنجي گندگيءَ کان صاف نہ ٿيندا، جيستائين آءٌ پنهنجو قهر اوهان تي پوريءَ طرح نازل نہ ڪريان.


انهيءَ شهر جا رهاڪو خداوند جو فرمان ڪونہ ٿا ٻڌن، نہ ڪو سڌارو ئي قبول ڪن ٿا. هو خداوند تي ڀروسو ڪونہ ٿا رکن، نڪي هو پنهنجي خدا جي ويجھو ئي اچن ٿا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ