Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




حزقي ايل 22:19 - Muslim Sindhi Bible

19-20 سو هاڻي آءٌ خداوند خدا کين ٻڌايان ٿو تہ ’اوهين سڀ بيڪار ميرُ ٿي پيا آهيو. تنهنڪري ڏسو، جهڙيءَ طرح چانديءَ، ٽامي، لوهہ، شيهي يا قلعيءَ جي ڌاتوءَ کي کوري ۾ گڏ ڪيو ويندو آهي ۽ پوءِ انهن تي باهہ ڦوڪي ويندي آهي تہ جيئن اهي پگھري وڃن، تهڙيءَ ئي طرح آءٌ پنهنجي غضب وچان اوهان بني اسرائيل کي يروشلم منجھہ گڏ ڪري ڌاتوءَ جيان پگھاري ڇڏيندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

19 خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ ڇالاءِ جو اوهين سڀ مُٺ ٿي پيا آهيو، تنهنڪري ڏسو، آءٌ اوهان کي يروشلم جي وچ ۾ گڏ ڪندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




حزقي ايل 22:19
9 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تون ڌرتيءَ جي سڀني بدڪارن کي ڪَسُ جيان ڪڍي ڦٽو ڪرين ٿو. اهو ڏسي آءٌ تنهنجي شريعت کي پيار ڪريان ٿو.


آءٌ اوهان جي خلاف پنهنجو هٿ کڻندس، ۽ اوهان کي ائين صاف ڪندس، جيئن چانديءَ تان ڪَسُ صاف ڪبي آهي. هائو، آءٌ اوهان کي سزا ڏيئي اوهان جي ناپاڪي دور ڪري ڇڏيندس.


تنهنڪري آءٌ خداوند خدا چوان ٿو تہ هي شهر بيشڪ اها ديڳ آهي، پر اوهان جن کي قتل ڪري سڄي شهر ۾ لاشن جا ڍير ڪري ڇڏيا آهن، سي ئي اُنهيءَ محفوظ گوشت مثل آهن جيڪو ديڳ ۾ آهي، پر اوهين نہ. آءٌ تہ اوهان کي هن شهر کان ڪڍي ٻاهر اڇلائي ڇڏيندس.


”اي حزقي‌ايل، آدم جو اولاد! بني اسرائيل قوم منهنجي اڳيان بيڪار آهي. هائو، اهي سڀ جو سڀ چانديءَ کي صاف ڪرڻ کان پوءِ، کوري ۾ باقي بچيل ميرُ ٽامي، قلعي، لوهہ ۽ شيهي جيان آهن.


پر اهي خداوند جي ارادن کي نہ ٿا ڄاڻين، اهي اها ڳالهہ سمجھن ئي نہ ٿا تہ خداوند کين اهڙي سزا ڏيڻ لاءِ هتي آڻي گڏ ڪيو آهي، جيئن اناج جا گڏا ڳاهڻ لاءِ گڏ ڪبا آهن.


ڇڏيو تہ ڀلي ڪڻڪ ۽ ڪانڊيرا گڏ وڌن، تان جو لاباري جو وقت ٿئي. پوءِ آءٌ لاباري ڪندڙن کي چوندس تہ پهريائين ڪانڊيرا پٽي ٻڌي ڪري باهہ ۾ ساڙين ۽ پوءِ ڪڻڪ گڏ ڪري منهنجي ڀانڊن ۾ رکن.‘“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ