حزقي ايل 22:18 - Muslim Sindhi Bible18 ”اي حزقيايل، آدم جو اولاد! بني اسرائيل قوم منهنجي اڳيان بيڪار آهي. هائو، اهي سڀ جو سڀ چانديءَ کي صاف ڪرڻ کان پوءِ، کوري ۾ باقي بچيل ميرُ ٽامي، قلعي، لوهہ ۽ شيهي جيان آهن. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible18 اي آدمزاد، اسرائيل جو گهراڻو منهنجي اڳيان مُٺ ٿي پيو آهي؛ اُهي سڀ کوري جي وچ ۾ پتل، ۽ قلعي، ۽ لوهہ، ۽ شيهو آهن؛ اُهي چانديءَ جو مُٺ آهن. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
سو هاڻي آءٌ خداوند خدا کين ٻڌايان ٿو تہ ’اوهين سڀ بيڪار ميرُ ٿي پيا آهيو. تنهنڪري ڏسو، جهڙيءَ طرح چانديءَ، ٽامي، لوهہ، شيهي يا قلعيءَ جي ڌاتوءَ کي کوري ۾ گڏ ڪيو ويندو آهي ۽ پوءِ انهن تي باهہ ڦوڪي ويندي آهي تہ جيئن اهي پگھري وڃن، تهڙيءَ ئي طرح آءٌ پنهنجي غضب وچان اوهان بني اسرائيل کي يروشلم منجھہ گڏ ڪري ڌاتوءَ جيان پگھاري ڇڏيندس.