Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




حزقي ايل 22:16 - Muslim Sindhi Bible

16 تون ٻين قومن جي نظر ۾ ذليل ٿي ويندين، تڏهن تون ڄاڻي وٺندين تہ آءٌ ئي خداوند آهيان.‘“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

16 ۽ تون قومن جي نظر ۾ پنهنجو پاڻ ناپاڪ ڪيو ويندين، ۽ تون ڄاڻندين تہ آءٌ خداوند آهيان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




حزقي ايل 22:16
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

انهيءَ وچ ۾ اسرائيل جي بادشاهہ اخي‌اب وٽ هڪڙو نبي آيو ۽ کيس چيائين تہ ”خداوند فرمائي ٿو تہ ’تون هي هيڏو سارو لشڪر ڏسين ٿو؟ اهو اڄ آءٌ تنهنجي هٿن ۾ ڏيندس ۽ پوءِ تو کي خبر پوندي تہ آءٌ ئي خداوند آهيان.‘“


تڏهن هڪڙو خدا جو ٻانهو اسرائيل جي بادشاهہ اخي‌اب وٽ آيو ۽ کيس چيائين تہ ”خداوند فرمائي ٿو تہ ’جيئن تہ ارامي سوچين ٿا تہ آءٌ خداوند جبلن جو ديوتا آهيان نہ ميدانن جو، تنهنڪري هيڏو وڏو لشڪر آءٌ تنهنجي هٿن ۾ ڏيندس ۽ تو کي خبر پوندي تہ آءٌ ئي خداوند آهيان.‘“


تان‌تہ اي خداوند! اهي ڄاڻي وٺن تہ رڳو تون خدا تعاليٰ ئي سڄي ڌرتيءَ جو حاڪمِ‌اعليٰ آهين.


بيشڪ جيڪي بہ بدڪار آهن، تن جي مقدر ۾ رڳو قبر جي اونداهي لکيل آهي، يعني اهي سڀ قومون جن خداوند کي وساريو آهي.


پر آءٌ انهيءَ ڏينهن جشن جي علائقي کي ڌار ڪندس، جتي منهنجي قوم ٿي رهي. اتي مکين جا ميڙ نہ هوندا، انهيءَ لاءِ تہ جيئن تو کي خبر پوي تہ هن ملڪ جو مالڪ حقيقت ۾ آءٌ ئي آهيان.


هاڻ اي خداوند اسان جا خدا! اسان کي هن جي هٿن مان ڇڏاءِ، تان‌تہ دنيا جون سڀ قومون ۽ بادشاهہ ڄاڻي وٺن تہ رڳو تون ئي خدا آهين.“


تنهنڪري مون مخصوص ٿيل ڪاهنن کي ناپاڪ قرار ڏنو. مون بني يعقوب تي لعنت آندي، هائو، مون بني اسرائيل کي ملامت جوڳو بڻايو.“


آءٌ پنهنجي قوم سان ڪاوڙيل هئس، سو انهن کي خوار خراب ڪري سندن ملڪ سميت تنهنجي حوالي ڪيم. تو انهن تي ڪو رحم نہ ڪيو، بلڪ تون ٻڍن تي بہ ظلم ڪرڻ کان باز نہ آئينءَ.


کين مون خداوند خدا جو هي پيغام ٻڌاءِ تہ ’اي عمونيؤ! جنهن وقت مقدس هيڪل کي پليت ڪيو ويو، بني اسرائيل جي ملڪ کي ويران ڪيو ويو ۽ يهوداہ وارن کي جلاوطن ڪيو ويو، تنهن وقت اوهان ”واہ واہ“ چئي خوشيون ملهايون.


پوءِ منهنجي قوم جا ماڻهو ڄاڻي وٺندا تہ آءٌ ئي خداوند سندن خدا آهيان، جنهن کين غير قومن ۾ جلاوطن بڻائي موڪليو هو ۽ هاڻي وري کين پاڻ سندن وطن ۾ آڻي آباد ڪيو اٿم ۽ ڪوبہ هڪڙو پوئتي نہ ڇڏيو اٿم.


سڄي ملڪ ۾ جتي ڪٿي ماڻهو قتل ڪيا ويندا ۽ جيڪي باقي بچندا سي ڄاڻي وٺندا تہ آءٌ ئي خداوند آهيان.


تنهنڪري آءٌ سڀني ظالم غير قومن مان وڌيڪ ظالم قوم کي هتي آڻيندس، جيڪي اوهان جي گھرن جا مالڪ ٿيندا. آءٌ انهن ظالمن جي هٿان اوهان جي پوڄا گھرن کي پليت ڪرائي ڇڏيندس. اهڙيءَ طرح آءٌ اوهان جي طاقتورن جو غرور ٽوڙي ڇڏيندس.


ماڻهو توهان کي انساني معاشري مان هڪالي ڪڍندا ۽ توهان جو رهڻ جھنگ جي جانورن سان ٿيندو. توهين ڍڳن وانگر گاهہ چرندا ۽ آسمان مان ڪرندڙ ماڪ سان پسندا رهندا. ائين توهان تي ست سال گذري ويندا، ايستائين جو توهين قبول ڪريو تہ ماڻهن جي بادشاهت تي خدا تعاليٰ ئي حڪمراني ڪري ٿو. هو جنهن کي چاهي تنهن کي حاڪميت عطا ڪري ٿو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ