Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




حزقي ايل 22:15 - Muslim Sindhi Bible

15 آءٌ تنهنجي رهاڪن کي هر ملڪ ۽ هر قوم ۾ ڪڻو ڪڻو ڪري ڇڏيندس. آءٌ تنهنجي پليتي تو مان بلڪل صاف ڪري ڇڏيندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

15 ۽ آءٌ توکي قومن ۾ پکيڙيندس ۽ ملڪن ۾ ڇڙوڇڙ ڪري ڇڏيندس ۽ آءٌ تنهنجي بڇڙائي تو مان ساڙي ڪڍندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




حزقي ايل 22:15
25 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تو پنهنجي ٻانهي موسيٰ کي جيڪي فرمايو هو، سو ياد ڪر. تو چيو هو تہ ’جيڪڏهن اوهين بني اسرائيل گناهہ ڪندا تہ آءٌ اوهان کي غير قومن ۾ ڇڙوڇڙ ڪري ڇڏي ڏيندس.


آءٌ اوهان جي خلاف پنهنجو هٿ کڻندس، ۽ اوهان کي ائين صاف ڪندس، جيئن چانديءَ تان ڪَسُ صاف ڪبي آهي. هائو، آءٌ اوهان کي سزا ڏيئي اوهان جي ناپاڪي دور ڪري ڇڏيندس.


يهوداہ جي بادشاهہ منسي ولد حزقياہ جي يروشلم ۾ نهايت ڪڌن ڪمن ڪرڻ جي ڪري آءٌ کين اهي سزائون ڏيندس، جن کي ڏسي دنيا جي سڀني قومن کي هيبت وٺي ويندي.“


تڏهن مون بيابان ۾ قسم کڻي انهن کي ٻڌائي ڇڏيو تہ ’آءٌ اوهان کي غير قومن ۾ ڇڙوڇڙ ڪري ڇڏيندس.‘


هائو، آءٌ اوهان منجھان باغين ۽ گنهگارن کي ڪڍي ڌار ڪندس. جنهن ملڪ ۾ اهي هاڻي رهن ٿا اتان کين ٻاهر ڪڍي ڇڏيندس، پر انهن کي آءٌ سندن وطن بني اسرائيل جي ملڪ ۾ داخل ٿيڻ نہ ڏيندس. تڏهن اوهين ڄاڻي وٺندا تہ آءٌ ئي خداوند آهيان.


”اي حزقي‌ايل، آدم جو اولاد! بني اسرائيل قوم منهنجي اڳيان بيڪار آهي. هائو، اهي سڀ جو سڀ چانديءَ کي صاف ڪرڻ کان پوءِ، کوري ۾ باقي بچيل ميرُ ٽامي، قلعي، لوهہ ۽ شيهي جيان آهن.


جيئن چاندي کوري ۾ پگھرندي آهي تيئن اوهين بہ يروشلم ۾ پگھري ويندا. تڏهن اوهان کي معلوم ٿي ويندو تہ مون خداوند اوهان تي پنهنجو غضب نازل ڪيو آهي.‘“


اهڙيءَ طرح آءٌ تنهنجي شهوت‌پرستيءَ ۽ زناڪاري جيڪا تون مصر ملڪ کان ڪندي آئي آهين، سا تو کان بلڪل ڇڏائي ڇڏيندس، ايتري قدر جو تون وري انهن ڏانهن اکيون کڻي بہ نہ ڏسندينءَ، نہ ئي وري مصر کي ياد ڪندينءَ.


سو منهنجيون رڍون ٻڪريون هر پهاڙ ۽ اوچي ٽڪر تي رلنديون رهيون. هائو، منهنجيون رڍون ٻڪريون سڄيءَ دنيا ۾ ڪڻو ڪڻو ٿي ويون. مگر اهڙو ڪوبہ ڪونہ هو جيڪو انهن کي ڳولي يا پٺيان پئي کين هٿ ڪري.


مون هنن کي ٻين قومن ۾ ڪڻو ڪڻو ڪري ڇڏيو ۽ اهي دنيا ۾ دربدر ٿي ويا. مون هنن جي چال چلت ۽ افعالن موجب کين سزا ڏني.


هائو، آءٌ يروشلم شهر ۾ اهڙي تہ بک وجھندس جو والدين پنهنجي ٻارن کي کائيندا ۽ ٻار پنهنجي والدين کي. جيڪي انهيءَ سزا کان بچي ويندا، تن سڀني کي آءٌ چئني طرفن ڏانهن ڪڻو ڪڻو ڪري ڇڏيندس.


باقي بچيل يروشلم وارن جو ٽن مان هڪ حصو شهر ۾ وبا ۽ ڏڪار سبب مري کپي ويندو، ٻيو حصو شهر جي ٻاهران تلوار سان قتل ڪيو ويندو ۽ باقي ٽئين حصي کي آءٌ چئني پاسن ڏانهن ڪڻو ڪڻو ڪري ڇڏيندس، ۽ تلوار کڻي انهن جو پيڇو ڪندس.


آءٌ اوهان کي غير قومن ۾ ڪڻو ڪڻو ڪري ڇڏيندس ۽ پنهنجي تلوار ڪڍي اوهان جو پيڇو ڪندس. تڏهن اوهان جو ملڪ ويران ٿي ويندو ۽ شهر کنڊرات بڻجي ويندا.


آءٌ انهيءَ ٽئين حصي کي پاڪ صاف ڪندس، هائو، کين سون ۽ چانديءَ وانگر باهہ ۾ تپائي صاف ڪندس. پوءِ هو منهنجو نالو وٺي پڪاريندا ۽ آءٌ کين ورندي ڏيندس. هو چوندا تہ ’خداوند ئي اسان جو خدا آهي،‘ ۽ آءٌ چوندس تہ ’هيءَ منهنجي قوم آهي.‘“


انهيءَ ڪري مون کين واچوڙي وانگر اڏائي سڀني قومن ۾ ڇڙوڇڙ ڪري ڇڏيو. جتي هو ڌارين وانگر ٿي ويا. انهيءَ کان پوءِ سندن وڻندڙ ملڪ اهڙو تہ ويران ٿي ويو جو اتي ڪنهن جي بہ اچ وڃ نہ هئي.“


هو سوناري وانگر ويهي ڪاهنن کي سون ۽ چانديءَ وانگر پاڪ صاف ڪندو، تہ جيئن هو سچائيءَ سان خداوند جي حضور ۾ نذرانا آڻين.


قادرِمطلق خداوند فرمائي ٿو تہ ”جڏهن اهو ڏينهن ايندو تڏهن سڀ مغرور ۽ برا ڪم ڪندڙ بُهہ وانگر ساڙيا ويندا. اهو ڏينهن کوري وانگر ساڙيندڙ هوندو ۽ کين ساڙي رک ڪري ڇڏيندو. اهو سندن پاڙن ۽ ٽارين کي بہ ساڙي ڇڏيندو.


هن کي پنهنجو ڇڄ هٿن ۾ آهي، جنهن سان هو پنهنجي ڳاهيل فصل کي چڱيءَ طرح صاف ڪندو. هو پنهنجي ڪڻڪ پنهنجي ڀانڊي ۾ انبار ڪندو، پر بُهہ کي اهڙيءَ باهہ ۾ ساڙي ڇڏيندو جيڪا ڪڏهن بہ نہ ٿي وسامي.“


خداوند اوهان جي دشمنن کي اوهان مٿان فتح ڏيندو. اوهين هڪڙي رستي کان هنن تي حملو ڪندا ۽ ستن رستن کان انهن جي اڳيان وٺي ڀڄندا. دنيا جي سڀني قومن کي اهو ڏسي هيبت وٺي ويندي تہ اوهان سان ڇا ٿو ٿئي.


خداوند اوهان کي ڌرتيءَ جي هڪڙي ڇيڙي کان وٺي ٻئي ڇيڙي تائين سڀني قومن ۾ ڪڻو ڪڻو ڪري ڇڏيندو. اُتي اوهين انهن ڪاٺيءَ ۽ پٿر جي ڌارين معبودن جي پوڄا ڪندا، جن کي اوهان يا اوهان جي ابن ڏاڏن بہ ڪين ٿي ڄاتو.


خداوند اوهان کي قومن ۾ ڇڙوڇڙ ڪري ڇڏيندو ۽ جن قومن ۾ هو اوهان کي وٺي ويندو، تن ۾ اوهان جو باقي بچيل تعداد گھٽ ٿي ويندو.


اي عزيزؤ! تڪليفن جي باهہ جيڪا اوهان جي آزمائش لاءِ اوهان تي اچي ڀڙڪي آهي، تنهن تي تعجب نہ ڪريو جو ڄڻ تہ ڪا عجيب ڳالهہ اوهان تي اچي پيئي آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ