Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




حزقي ايل 22:13 - Muslim Sindhi Bible

13 تنهنڪري ياد رک، تو ۾ جيڪا لٽ ڦر ۽ خونريزي ڪئي ٿي وڃي، تنهن جي ڪري آءٌ تو تي پنهنجي غضب وچان هٿ کڻندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

13 تنهنڪري ڏس، جيڪو فائدو تو ڪپت ڪري حاصل ڪيو آهي تنهن تي، ۽ جيڪا خونريزي تو ۾ ٿي آهي تنهن تي، مون پنهنجي هٿ سان ڌڪ هنيو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




حزقي ايل 22:13
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

خبردار! ڳري وياج ۽ ناجائز منافعي سان پنهنجي دولت کي نہ وڌايو، ڇاڪاڻ تہ اها دولت اوهان کان کسي ڪنهن اهڙي ماڻهوءَ جي هٿ ۾ ڏني ويندي، جيڪو غريبن تي رحم ڪندڙ هوندو.


پر اي يروشلم وارؤ! اوهين تڏهن بچي سگھو ٿا، جڏهن اوهان جا قول ۽ فعل حق تي ٻڌل هوندا، جڏهن اوهين ظلم جي وسيلي نفعو حاصل ڪرڻ کان نفرت ڪندا، جڏهن اوهين رشوت کي ٿُڏي ڇڏيندا، جڏهن اوهين خونريزيءَ جي منصوبن ۾ شريڪ نہ ٿيندا، ۽ هر قسم جي بڇڙاين کان پري رهندا.


تنهنڪري اي حزقي‌ايل، آدم جو اولاد! منهنجو اهو پيغام ٻڌاءِ، بلڪ تاڙيون وڄائي جنگ شروع ڪراءِ. منهنجي اها تلوار وري وري پيئي حملو ڪندي، جيڪا فتح ڪندڙ، دهشت ڏياريندڙ ۽ ماڻهن ۾ ڪوس وجھندڙ تلوار آهي.


آءٌ ڪاوڙ ۾ پنهنجا هٿ هڻندس جيستائين منهنجو غضب ڍرو ٿئي. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“


”اي حزقي‌ايل، آدم جو اولاد! هڪڙو نقشو ٺاهہ جنهن ۾ بابل جي بادشاهہ جو تلوار سميت ٻاهر نڪرڻ جو رستو نشان طور ڏيکار. پر اڳتي هلي انهيءَ مان ٻن رستن جي نڪرڻ جو نشان ڏيکار. هڪڙو رستو هڪڙي شهر ڏانهن وڃي ۽ ٻيو رستو ٻئي شهر ڏانهن وڃي. انهن شهرن جي نالن جون تختيون لڳل بہ ڏيکار.


بني اسرائيل جا اڳواڻ چير ڦاڙ ڪندڙ بگھڙن وانگر آهن، جيڪي ماڻهن کي زخم ٿا رسائين يا کين ماري ٿا ڇڏين. ائين ڪرڻ سان اهي اڳواڻ ناجائز فائدو حاصل ڪن ٿا.


سو اهي سڀ ٽولا ٽولا ٿي تو وٽ اچن ٿا ۽ تنهنجيون ڳالهيون ٻڌن ٿا. پر هو تنهنجي ٻڌايل ڳالهين تي عمل نہ ٿا ڪن. اهي هميشہ شهوت‌پرستيءَ جون ڳالهيون ڪندا ٿا رهن ۽ ٺڳيءَ ذريعي ٻين کي لٽڻ ڦرڻ جي ڪوشش ڪندا رهن ٿا.


انهن ماڻهن کان نيڪيءَ جا ڪم ڪرڻ وسري ويا آهن، بلڪ اهي ظلم ۽ ڦر ڪري پنهنجن محلاتن کي ڀرين ٿا.


تڏهن بلق کي بلعام تي ڏاڍي ڪاوڙ آئي. هن پنهنجا هٿ مهٽيندي بلعام کي چيو تہ ”مون تہ تو کي انهيءَ لاءِ سڏايو هو تہ منهنجي دشمنن تي لعنت ڪر، پر تو تہ هنن کي اٽلندو ٽي ڀيرا برڪت ڏني آهي.


سو انهيءَ ڳالهہ ۾ ڪوبہ ايمان وارو پنهنجي ڪنهن هم‌ايمان سان زيادتي يا ٺڳي ڪندي سندس گھر تي بري نظر نہ رکي. جيئن تہ اسان اڳي ئي اوهان کي ٻڌايو ۽ خبردار ڪيو آهي تہ خداوند اهڙن سڀني گناهن جي سزا ڏيندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ