Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




حزقي ايل 22:12 - Muslim Sindhi Bible

12 تو منجھہ رشوت وٺي ماڻهن جو خون وهايو وڃي ٿو ۽ وڏو وياج ۽ ناجائز منافعو ورتو وڃي ٿو. لالچ وچان ظلم زبردستيءَ سان پنهنجي پاڙيسرين کي لٽيو ڦريو وڃي ٿو. مطلب تہ منهنجي حڪمن جي انحرافي ڪندي تنهنجي رهاڪن مون خداوند خدا کي بلڪل وساري ڇڏيو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

12 تو ۾ هنن رشوتون وٺي رت وهايو آهي؛ تو وياج ۽ سود ورتو آهي، ۽ تو لالچي ٿي ظلم زبردستيءَ سان پنهنجن پاڙيسرين کي ڦريو آهي، ۽ مون کي وساريو اٿيئي؛ خداوند خدا ائين ٿو فرمائي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




حزقي ايل 22:12
40 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ ڪيترائي مرد ۽ سندن زالون پنهنجن ڪن يهودين خلاف ڏاڍيون دانهون ڪرڻ لڳا.


مون انهن ڳالهين تي پنهنجيءَ دل ۾ ويچار ڪيو ۽ پوءِ اميرن ۽ اڳواڻن کي تنبيهہ ڪندي چيم تہ ”اوهان مان هر ڪو پنهنجي هم‌وطنن جي ملڪيت گروي ٿو رکي.“ سو مون هڪ وڏي عام گڏجاڻي ڪوٺائي تہ جيئن هنن سان منهن ڏجي.


هنن انهيءَ خدا کي وساري ڇڏيو جنهن کين بچايو هو، هائو، جنهن هنن کي مصر جي غلاميءَ مان ڇڏائڻ لاءِ وڏا وڏا ڪم ڪيا هئا.


هو ڪنهن کي اڌارا پئسا ڏيئي کانئس وياج نہ ٿا وٺن، نڪي هو ڪنهن بي‌ڏوهيءَ جي خلاف ڪا رشوت ٿا وٺن. جيڪي اهڙا چڱا ڪم ڪن ٿا، تن کي ڪڏهن بہ ڪو لوڏو نہ ايندو.


هائو، جيڪو مال ملڪيت اهي ڏوهن مان حاصل ڪن ٿا، سا ناجائز ڪمائي ئي سندن برباديءَ جو سبب بڻجي ٿي.


تنهنجا سردار فسادي ۽ چورن جا سنگتي ٿي پيا آهن. انهن مان هر ڪو رشوت جو طالبو آهي، ۽ پئسي جي پٺيان پيو ڊوڙي. اهي يتيمن جو انصاف نہ ٿا ڪن، نڪي رنن‌زالن جو فرياد ئي سندن ڪنن تائين ٿو پهچي.


اي اسرائيل وارؤ! اهو سڀ انهيءَ ڪري ٿيندو، جو اوهان پنهنجي بچائيندڙ خدا کي وساري ڇڏيو آهي، جنهن مضبوط ٽڪر جيان اوهان جي حفاظت ٿي ڪئي. انهيءَ جي بدران ديوتائن جي پوڄا لاءِ اوهان باغ پئي لڳايا آهن.


هائو، اهي لالچي ڪتن مثل آهن، جيڪي ڪڏهن بہ نہ ٿا ڍاپجن. اهي اهڙا اڳواڻ آهن جن کي ڪابہ سمجھہ ڪانهي. انهن مان هر ڪو پنهنجو پنهنجو مفاد پيو سوچي، ۽ پنهنجي فائدي لاءِ ماڻهن سان زيادتيون پيو ڪري.


ڀلا ڪا ڪنواري پنهنجا زيور يا ڪا ڪنوار پنهنجي سهاڳ جو جوڙو وساري ڇڏيندي آهي؟ پر منهنجي قوم بي‌شمار ڏينهن کان مون کي وساري ڇڏيو آهي.


جيئن تہ بني اسرائيل پنهنجي رستي کان هٽي ويا آهن، ۽ خداوند پنهنجي خدا کي وساري ڇڏيو اٿن، سو سندن روئڻ ۽ منٿن ڪرڻ جو آواز پهاڙن تائين ٻڌڻ ۾ اچي ٿو.


منجھن ننڍو هجي توڙي وڏو سڀني کي دولت ڪمائڻ جو حرص آهي. نبي سڏائيندڙ کان وٺي ڪاهن تائين سڀ ٺڳيءَ جا ڪم ڪن ٿا.


ڪاش! منهنجي اندر ۾ لڙڪن جو کوهہ هجي ها، ۽ منهنجيون اکيون ڳوڙهن جو چشمو هجن ها. انهيءَ لاءِ تہ آءٌ رات ڏينهن پنهنجي قوم جي ڪوس تي روئندو رهان ها.


۽ وياج تي پئسا ڏيڻ، تہ پوءِ ڇا اهو ماڻهو جيئرو رهي سگھندو؟ نہ، اهو هرگز جيئرو نہ رهندو. هائو، جنهن اهي سڀ ڪراهت جهڙا ڪم ڪيا آهن، سو ضرور لوڙيندو ۽ اهو پنهنجي خون جو پاڻ ذميوار هوندو.


هن ڪڏهن بہ وياج تي پئسا نہ ڏنا هجن. اهو بڇڙائيءَ کان پري رهيو هجي ۽ ماڻهن جي وچ ۾ صحيح انصاف ڪندو هجي.


جيئن تہ مون خداوند خدا کي تو بلڪل وساري ڇڏيو آهي، بلڪ پنهنجي پٺيءَ پويان اڇلائي ڇڏيو اٿيئي، تنهنڪري تو کي پنهنجي شهوت‌پرستيءَ ۽ زناڪاريءَ جي سزا ڀوڳڻي پوندي.“


هائو، اي بني اسرائيل جا جبلؤ! آءٌ پنهنجي قوم موٽائي آڻي وري اوهان تي آباد ڪندس. اهي وري اوهان تي قبضو ڪري اوهان کي پنهنجي ملڪيت بڻائيندا. سچ پچ تہ اوهان جي زمين ”آدمخور“ سڏي ٿي وڃي، ڇاڪاڻ تہ اوهان تي منهنجي قوم جا ٻار بک وگھي مري ويا آهن. پر هاڻي اڳتي اوهان جي زمين تي ڪڏهن بہ مصيبت نہ ايندي جو هنن جا ٻار بک وگھي مري وڃن.


اوهين پنهنجي پاڙيسريءَ تي ظلم نہ ڪجو، نڪي کانئس ڪجھہ ڦري وٺجو. اوهين مزدور جي مزدوري هڪ رات لاءِ بہ پاڻ وٽ روڪي نہ رکجو.


اوهين هن کي پنهنجا پئسا وياج تي نہ ڏجو، نڪي هن کي کاڌو ڏيئي کانئس ڪو نفعو وٺجو.


اي اوهين! جيڪي محتاجن کي لتاڙيو ٿا، ۽ ملڪ جي غريبن کي ناس ٿا ڪريو، سي ٻڌو.


اوهين چاهيو ٿا تہ ”ڪڻڪ کي گندگار سميت وڪڻون، ۽ غريب کي چانديءَ جي چند سڪن تي، ۽ مسڪين کي جتيءَ جي جوڙي تي خريد ڪريون.“


”ڪيڏي نہ مصيبت آهي اوهان لاءِ اي شريعت جا عالمؤ ۽ فريسيؤ! اي رياڪارؤ! اوهين آسمان جي بادشاهيءَ جو دروازو ماڻهن لاءِ بند ڪري ٿا ڇڏيو. نہ اوهين پاڻ ان ۾ داخل ٿا ٿيو ۽ نہ وري جيڪي اندر داخل ٿيڻ جي ڪوشش ٿا ڪن تن کي ئي اچڻ ڏيو ٿا.


مصيبت آهي اوهان لاءِ اي شريعت جا عالمؤ ۽ فريسيؤ! اي رياڪارؤ! اوهين پنهنجي وٽيءَ ۽ ٿالهيءَ جو ٻاهريون پاسو تہ ڌوئي صاف ٿا ڪريو، پر ان جي اندر پيل شيون ڏاڍائيءَ ۽ لوڀ سان حاصل ڪيل آهن.


فريسي بيهي پنهنجيءَ دل ۾ هيئن دعا گھرڻ لڳو تہ ’اي خدا! آءٌ تنهنجو ٿورائتو آهيان جو آءٌ ٻين ماڻهن جهڙو ڦورو، بي‌انصاف يا زناڪار نہ آهيان، نہ وري هن ٽيڪس اُڳاڙيندڙ جهڙو آهيان.


گھر اندر زڪئي اُٿي بيهي خداوند کي چيو تہ ”ڏسو، اي خداوند! آءٌ پنهنجي ملڪيت جو اڌ غريبن کي ٿو ڏيان ۽ جيڪڏهن مون ڪنهن کي ٺڳيو آهي تہ آءٌ کيس چئوڻا ڪري موٽائي ڏيندس.“


تنهن تي انهن کي چيائين تہ ”مقرر اگھہ کان وڌيڪ نہ اُڳاڙيو.“


دراصل منهنجي لکڻ جو مطلب اهو هو تہ جيڪڏهن ڪو پاڻ کي ايمان وارو چوي پر هجي زناڪار يا لالچي يا بت‌پرست يا بدزبان يا شرابي يا دغاباز، تہ انهيءَ سان صحبت نہ رکجو، بلڪ اهڙي سان گڏ کاڌو بہ نہ کائجو.


چور، لالچي، شرابي، بدزبان ۽ ڌاڙيل خدا جي بادشاهيءَ ۾ داخل ٿيڻ جا حقدار هرگز نہ ٿيندا.


اهي ڪنهن سان ناانصافي نہ ڪن، نڪي ڪنهن جو لحاظ ڪن ۽ نہ وري رشوت وٺن، ڇاڪاڻ تہ رشوت سڄن کي بہ انڌو ڪريو ڇڏي ۽ سچارن جي ڳالهين کي ڦيرايو ڇڏي.


اوهين بني اسرائيل مان پنهنجي ڪنهن هم‌قوم کي وياج تي قرض نہ ڏجو. کانئس پئسن، کاڌي جي شين يا ڪنهن بہ ٻيءَ شيءِ تي وياج نہ وٺجو.


’لعنت هجي ان ماڻهوءَ تي جيڪو ڪنهن بي‌گناهہ کي قتل ڪرڻ لاءِ رشوت وٺي.‘ پوءِ سڀ ماڻهو چون ’آمين.‘


هو انهيءَ محافظ کان غافل ٿي ويا جنهن کين پيدا ڪيو هو، هائو، هنن خدا کي وساري ڇڏيو جنهن کين خلقيو هو.


هو نشئي نہ هجي، نہ ئي مار ڪٽ ڪندڙ، بلڪ حليم هجي. هو جھيڙو ڪندڙ يا پئسي جو لالچي نہ هجي.


مصيبت آهي هنن لاءِ! ڇاڪاڻ تہ هي قابيل جي واٽ تي ٿا هلن، نفعي جي خاطر بلعام جهڙي گمراهيءَ ۾ ڪاهي پيا آهن ۽ قورح وانگر بغاوت ڪري برباد ٿا ٿين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ