Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




حزقي ايل 22:11 - Muslim Sindhi Bible

11 ان کان سواءِ تو منجھہ ڪي پاڙيسرين جي زالن سان بدڪاري ٿا ڪن ۽ ڪي وري پنهنجي ننهن توڙي پنهنجي ماٽيلين ڀينرن سان زناڪاري ڪري کين پليت ڪري ٿا ڇڏين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

11 ۽ هڪڙي پنهنجي پاڙيسريءَ جي زال سان بڇڙو ڪم ڪيو آهي؛ ۽ ٻئي پنهنجي ننهن کي شهوت جي رستي ناپاڪ ڪيو آهي؛ ۽ ٻئي وري پنهنجي ڀيڻ، يعني پيءُ جي ڌيءَ کي خراب ڪيو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




حزقي ايل 22:11
25 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

دائود جي پٽ ابي‌سلوم کي هڪڙي خوبصورت ڀيڻ هئي، جنهن جو نالو تمر هو. ڪجھہ عرصي گذرڻ بعد هيئن ٿيو جو دائود جي ٻئي پٽ امنون جي پنهنجي انهيءَ ماٽيلي ڀيڻ سان عشق ٿي ويو.


پوءِ جيئن ئي هوءَ اهي کارائڻ لاءِ سندس ويجھو آئي تہ هن کڻي پڪڙيس ۽ چوڻ لڳس تہ ”اچ، اچي مون سان سمهہ.“


پر هن سندس ڳالهہ نہ مڃي ۽ کانئس وڌيڪ طاقتور هئڻ ڪري، ساڻس زوريءَ زنا ڪيائين.


انهيءَ سبب جو هنن مون کي ڪاوڙائڻ جهڙا ڪم ڪيا، يعني ٻين ماڻهن جي زالن سان زناڪاري ڪيائون ۽ منهنجي نالي تي ڪوڙيون ڳالهيون ڪيائون جيڪي مون کين نہ چيون هيون. مون کي اها سڄي خبر آهي ۽ آءٌ خداوند پاڻ ان جو گواهہ آهيان.‘“


ڪاش! بيابان ۾ منهنجي لاءِ ڪو مسافرخانو هجي ها، تہ جيئن آءٌ پنهنجي قوم کي ڇڏي کانئن پري وڃي اتي رهان ها، ڇاڪاڻ تہ اُهي سڀ خدا سان بي‌وفائي ڪندڙ ۽ دغابازن جو ٽولو آهن.


جيڪي سندس پيءُ ڪڏهن نہ ڪيا هئا، جيئن تہ بتن آڏو پيش ڪيل قربانيون کائڻ، پنهنجيءَ زال کان سواءِ ٻي ڪنهن عورت سان زنا ڪرڻ،


هن ڪڏهن بہ بتن تي قربان ڪيل گوشت نہ کاڌو هجي ۽ نہ وري اوهان بني اسرائيل جي بتن جي پوڄا ڪئي هجائين. هن پنهنجي پاڙيسريءَ جي زال جي بي‌حرمتي نہ ڪئي هجي ۽ نہ وري ڪنهن عورت جي حيض واري وقت ۾ ساڻس ستو هجي.


اوهين رڳو پنهنجي تلوار تي ڀروسو ڪندي ڪراهت جهڙا ڪم ٿا ڪريو ۽ زناڪاري ٿا ڪريو. پوءِ بہ اوهين ڪيئن دعويٰ ٿا ڪريو تہ اهو ملڪ اوهان جو آهي؟


اوهان پنهنجيءَ نُنهن جي اوگھڙ نہ ڏسجو، ڇاڪاڻ تہ اها اوهان جي پٽ جي زال آهي.


اوهان پنهنجي پاڙيسريءَ جي زال سان زنا ڪري پاڻ کي پليت نہ ڪجو.


اوهان مان ڪوبہ پنهنجي ويجھي مائٽياڻيءَ جي اوگھڙ نہ ڏسي. آءٌ خداوند آهيان.


اوهان پنهنجيءَ ڀيڻ جي اوگھڙ نہ ڏسجو، پوءِ اها توهان جي پيءُ جي ڌيءَ هجي يا رڳو ماءُ جي. توڙي اها گھر ۾ پلي هجي يا ڪٿي ٻاهر.


جيڪو ماڻهو ڪنهن ٻئي ماڻهوءَ يعني پنهنجي ڪنهن پاڙيسريءَ جي زال سان زنا ڪندو، تہ انهيءَ زناڪار مرد ۽ عورت ٻنهي کي ضرور موت جي سزا ڏني وڃي.


جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجيءَ نُنهن جي اوگھڙ ڏسي تہ انهن ٻنهي کي ضرور موت جي سزا ڏني وڃي، ڇاڪاڻ تہ انهن بدڪاري ڪئي آهي. سو سندن خون سندن ئي سر تي هوندو.


جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجي سڳيءَ يا ماٽيليءَ ڀيڻ کي پاڻ سان رهائيندو ۽ اُهي هڪٻئي جي اوگھڙ ڏسندا، تہ اها تمام شرم جهڙي ڳالهہ آهي. سو انهن ٻنهي کي پوريءَ قوم آڏو ظاهر ظهور بني اسرائيل قوم مان خارج ڪيو وڃي، ڇاڪاڻ تہ انهيءَ ماڻهوءَ پنهنجي ڀيڻ جي عزت ورتي آهي. سندس گناهہ سندس ئي سر تي هوندو.


قادرِمطلق خداوند فرمائي ٿو تہ ”آءٌ اوهان وٽ ايندس ۽ جادوگرن، زناڪارن، ڪوڙا قسم کڻندڙن، پورهيت کي پوري مزدوري نہ ڏيندڙن، رنن‌زالن ۽ يتيمن تي ظلم ڪندڙن ۽ اوهان منجھہ رهندڙ ڌارين سان ناحق ڪندڙن، انهن سڀني جو آءٌ تڪڙو فيصلو ڪندس، ڇو تہ هو اهي ڪم ڪندي مون کان ڪين ٿا ڊڄن.“


اوهين اهو نہ ٿا ڄاڻو ڇا تہ ناانصافي ڪندڙ خدا جي بادشاهيءَ ۾ داخل ٿيڻ جا حقدار نہ ٿيندا؟ سو پنهنجو پاڻ کي دوکو نہ ڏيو، ڇاڪاڻ تہ حرامڪار، بت‌پرست، زناڪار، بدفعلي ڪرائيندڙ، لونڊي‌باز،


هاڻ انساني فطرت جا ڪم ظاهر آهن، يعني زناڪاري، حرامڪاري ۽ شهوت‌پرستي،


جيڪڏهن ڪو مرد ڪنهن ٻي پرڻيل عورت سان گڏ سمهندو ڏسڻ ۾ اچي تہ انهن ٻنهي کي موت جي سزا ڏني وڃي. اهڙيءَ طرح اوهين اها خرابي بني اسرائيل جي وچ مان ڪڍي ڇڏجو.


’لعنت هجي ان ماڻهوءَ تي جيڪو پنهنجيءَ ڀيڻ يعني پنهنجي پيءُ يا ماءُ جي ڌيءَ سان سمهي.‘ پوءِ سڀ ماڻهو چون ’آمين.‘


سڀني ماڻهن جي نظر ۾ شادي عزت جي ڳالهہ هئڻ کپي ۽ زال مڙس کي هڪٻئي سان وفادار هئڻ گھرجي. ياد رکو، خدا حرامڪارن ۽ زناڪارن جي خلاف فتويٰ جاري ڪندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ