1 خداوند مون کي فرمايو تہ
1 تنهن کانپوءِ خداوند جو ڪلام مون تي نازل ٿيو، تہ
هائو، شهر ۾ هر هنڌ بدڪاري ٿي وسي. انهيءَ جي چونڪن تي ظلم ۽ دغا جاري آهي.
سچائي قوم کي سربلند ڪري ٿي، مگر ناانصافي قوم جي لاءِ خواري ٿي آڻي.
آہ! جيڪو شهر ڪڏهن باوفا هو، سو هاڻي ڪيئن نہ هڪ زناڪار عورت جهڙو ٿي پيو آهي! اڳ اهو انصاف سان ڀريل هو، ۽ منجھس سچائي رهندي هئي، پر هاڻي انهيءَ ۾ رڳو قاتل ۽ خوني ٿا رهن.
اوهين پنهنجي انهن زخمن تي ڇو ٿا روئو رڙو، جيڪي ڇٽي ئي نہ ٿا سگھن؟ اوهان جي وڏي بدڪاريءَ ۽ بيشمار گناهن جي ڪري ئي مون اوهان سان ائين ڪيو آهي.
تون باهہ جو کاڄ بڻبينءَ، ۽ تنهنجو رت تنهنجي ڌرتيءَ تي ئي وهايو ويندو. پوءِ تنهنجو نالو نشان بہ نہ رهندو. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“
”اي حزقيايل، آدم جو اولاد! ڇا تون يروشلم وارن کي سندن سزا ٻڌائڻ لاءِ تيار آهين؟ ڇا تون انهيءَ خوني شهر کي سندس خلاف فيصلو ٻڌائيندين؟ تون انهيءَ کي سندس ڪراهت وارا ڪم ياد ڏيار.
خداوند مون کي فرمايو تہ