Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




حزقي ايل 21:6 - Muslim Sindhi Bible

6 تنهنڪري اي حزقي‌ايل! آهون ۽ دانهون ڪر، هائو، ڏک ۽ صدمي وچان آهون دانهون ڪر، جيئن هر ڪو تو کي ڏسي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

6 تنهنڪري، اي آدمزاد، تون ٿڌو ساهہ کڻ؛ چيلهہ جي ڀڃڻ سان ۽ ڏک سان تون هنن جي اکين آڏو آهون ڪر.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




حزقي ايل 21:6
21 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنهنڪري قيرحارست شهر بلڪ سڄي موآب جي لاءِ غم وچان آءٌ ائين آهون ۽ دانهون ٿو ڪريان، ڄڻڪ منهنجي اندر ۾ سُرندو پيو وڄي.


سو مون رويا ۾ جيڪي ڪجھہ ڏٺو ۽ ٻڌو، تنهن مون کي دهشت وٺائي ڇڏي، ۽ آءٌ اهڙن سورن ۾ مبتلا ٿي ويس، جهڙا ڪنهن ويم واري عورت کي ٿيندا آهن.


اهو سڀ ڏسي مون چيو تہ ”آہ! مون کي اڪيلو ڇڏي ڏيو، تان‌تہ آءٌ پنهنجي قوم جي برباديءَ تي زاروزار روئان رڙان. اوهين مون کي ڪا تسلي ڏيڻ جي ڪوشش نہ ڪريو.“


اي يرمياہ! اهو پيغام ٻڌائڻ کان پوءِ جيڪي ماڻهو تو سان گڏ هنوم ماٿريءَ ۾ آيا هجن تن جي روبرو تون اها گھُگھي ڀڃي ڇڏ


سوچي سمجھي ٻڌايو تہ ڇا ڪو مرد بہ ٻار ڄڻيندو آهي؟ تہ پوءِ ڇو آءٌ ڏسان ٿو تہ هر مرد کي پنهنجي ڍاڪن تي هٿ آهن، جيئن ڪا سورن واري عورت ڪندي آهي؟ ڇو هر چهرو خوف وچان ڦري ڦڪو ٿي پيو آهي؟


هاءِ منهنجي دل! هاءِ منهنجي دل! منهنجي دل ڏاڍي تڪليف ۾ آهي. منهنجي دل ڏاڍي تڙپي ٿي! مون کان ماٺ ٿي نہ ٿي سگھي، ڇاڪاڻ تہ آءٌ نفيلن جو آواز ۽ جنگ جا نعرا ٻڌان ٿو.


اي حزقي‌ايل! ڏک وچان آهون ۽ دانهون ڪر، ڇاڪاڻ تہ اها تلوار منهنجيءَ قوم ۽ سندس سڀني اڳواڻن لاءِ ڪڍي ويئي آهي. هائو، اهي منهنجي باقي بچيل قوم وارن سان گڏ قتل ٿيڻ وارا آهن. تنهنڪري تون گوڏن تي هٿ هڻي واءِ‌ويلا ڪر.


تڏهن هر ڪو ڄاڻي وٺندو تہ مون خداوند پنهنجي تلوار مياڻ مان ڪڍي آهي، جيڪا هاڻ موٽي مياڻ ۾ نہ ويندي.‘


جڏهن تو سان گڏ رهندڙ جلاوطن تو کان پڇن تہ ’تون ڇو ٿو آهون دانهون ڪرين؟‘ تڏهن کين ٻڌائي ڇڏج تہ انهيءَ اچڻ واري خوفناڪ خبر جي ڪري تون آهون دانهون ٿو ڪرين، جنهن جي ٻڌڻ سان سندن دليون خوف وچان ڌڙڪڻ ڇڏي ڏينديون، ڍڍر ڍرا ٿي پوندن ۽ گوڏا ڏڪڻ لڳندن. هائو، سندن همت بلڪل هارجي ويندي. ڏس، اها گھڙي اچڻ واري آهي بلڪ اچي پهتي آهي. اهو مون خداوند خدا جو فرمان آهي.“


”اي حزقي‌ايل، آدم جو اولاد! تون مصر وارن لاءِ واءِ‌ويلا ڪر، ڇاڪاڻ تہ آءٌ انهيءَ پيغام وسيلي کين طاقتور ماڻهن سان گڏ ماري پاتال ۾ اڇلائيندس جتي هو مئلن سان گڏ هوندا.


تون اهي ٻئي ڪاٺيون پنهنجي هٿ ۾ اهڙيءَ طرح جھل جو اهي هر ڪنهن کي هڪ ڏسڻ ۾ اچن.


تون ماڻهن جي سڪل ڪاڪوس جي باهہ ٻاري سڀني جي اڳيان انهيءَ تي پنهنجي کائڻ لاءِ ماني پچائيندين.


پوءِ خداوند خدا فرمايو تہ ”اي حزقي‌ايل! پنهنجي هٿ تي هٿ هڻ ۽ پنهنجو پير زمين تي هڻ، ۽ شوڪارو ڀري چئُہ تہ ’افسوس آهي بني اسرائيل تي جيڪي ڪراهت جهڙا ڪم ڪن ٿا، ڇاڪاڻ تہ اهي سڀ جنگ، ڏڪار ۽ موتمار بيماريءَ سان ماريا ويندا.‘


خداوند کيس فرمايو تہ ”تون يروشلم جي سڄي شهر وچان لنگھي وڃ ۽ انهن ماڻهن جي پيشانيءَ تي نشان ڪر، جيڪي شهر ۾ ڪراهت جهڙن ڪمن ٿيڻ ڪري دانهون ڪن ٿا ۽ روئن رڙن ٿا.“


تڏهن خوف وچان بادشاهہ جي منهن جو رنگ ڦري ويو ۽ سندس خيالن کيس ايترو تہ پريشان ڪري ڇڏيو، جو سندس ڍڍر ڍرا ٿي پيا ۽ گوڏا هڪٻئي سان ٺهڪڻ لڳس.


تڏهن آءٌ دانيال ساڻو ٿي پيس ۽ ڪيترن ئي ڏينهن تائين بيمار پيو هئس. پوءِ ٺيڪ ٿيڻ تي اُٿي بادشاهہ جي ڪمن ڪارين کي لڳي ويس. انهيءَ رويا سبب آءٌ پريشان هئس، ڇوجو اها سمجھہ کان ئي ٻاهر هئي.


هاڻي شهر لٽيو ڦريو ويو آهي ۽ خالي ڪيو ويو آهي! شهر وارن جون دليون هارجي ويون آهن ۽ ٽنگن ۾ ڏڪڻي اٿن، جسم ۾ ڪنبڻي اٿن ۽ منهن ڦڪا ٿي ويا اٿن.


مون اهو ٻڌو ۽ منهنجي دل ڏڪي ويئي، آواز ٻڌڻ سان منهنجا چپ ڪنبڻ لڳا، منهنجا هڏا ڳرڻ لڳا ۽ منهنجيون ٽنگون ٿڙڪڻ لڳيون. آءٌ هاڻ ان بابلي قوم تي اچڻ واري مصيبت جي انتظار ۾ آهيان، جيڪا قوم اسان تي ڪاهيو پيئي اچي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ